لاهور (دردانه نجم وٽان) فاخره سرفراز (هي اصلي نالو نه آهي) انهن ڏينهن کي ياد ڪري ٿي جڏهن هوءَ پنهنجي مرحوم مڙس سان بحث ڪرڻ لڳندي هئي ته هو آپي مان نڪري کيس مارڪٽ ڪرڻ تي سندرو ٻڌي بيهندو هيو. جيڪا ڳالهه هاڻي کيس وڌيڪ تڪليف ڏئي ٿي اها هيءَ آهي ته هن جي ڌيءُ به ساڳي صورتحال کي منهن ڏئي رهي آهي، جنهن جي شادي پنهنجي پيءُ جي سوٽ سان ٿيل آهي.

تازو ئي، اسلامي نظرياتي ڪائونسل پاران تجويز پيش ڪئي وئي آهي ته مڙسن کي اها اجازت هجڻ گھرجي ته اهي چيو نه مڃيندڙ زالن کي هلڪي ڦلڪي مارڪٽ ڪري سگھن.

نيوز لينز پاڪستان پاران جڏهن اسلامي نظرياتي ڪائونسل پاران ڏنل اهڙي تجويز ته، مڙس کي زال مٿان هلڪو تشدد ڪرڻ جي اجازت هجڻ گھرجي، جي جواب ۾ فاخره ٺهه پهه چيو ته جڏهن هڪ ماڻهو وحشي ٿي پوي ته پوءِ ان مان اها توقع ڪرڻ ته هو هلڪو ڦلڪو تشدد ڪندو اها ڳالهه ڀوڳ جهڙي لڳي ٿي. اسانجي خاندان جي مردن کي زالن مٿان تشدد ڪرڻ جي عادت پئجي چڪي آهي. هن جيان، سندس ڌيءُ به صبر سان انهيءَ ظلم کي سهي رهي آهي.

هن جو چوڻ هو ته اسانجي سماج ۾ عورت کي اهو سيکاريو ويندو آهي ته شاديءَ جو ٻنڌڻ برقرار رکڻ لاءِ تڪليفون به سهندي رهي. جهڙيءَ ريت هوءَ پنهنجي ماءُ کي اهو ڪڏهن به نه ٻڌائيندي هئي ته سندس مڙس کيس مارڪٽ ڪندو آهي، اهڙي ريت ئي سندس ڌيءُ به کيس پنهنجو سور ناهي سليندي.

فاخره انهيءَ موضوع تي پنهنجي تجربن آڌار ٻڌايو ته تشدد سهڻ باوجود، جڏهن مڙس پنهنجي زال کي مارڪٽ ڪرڻ لڳندو آهي ته عورت پاڻ کي غيرمحفوظ ته تصور ڪندي آهي پر هن جي نظرن ۾ سندس مڙس جي عزت انتهائي گھٽجي ويندي آهي، اهو هڪ خوفناڪ احساس هوندو آهي.

پنجاب يونيورسٽيءَ ۾ انسٽيٽيوٽ آف اپلائيڊ سائڪلاجي جي ايسوسيئيٽ پروفيسر، نعمانه امجد نيوز لينز سان ڳالهه ٻولهه دوران چيو ته مڙس جڏهن عورت مٿان تشدد ڪندو آهي ته ان جي عزت نفس کي گهڻو نقصان رسندو آهي. ڪنهن اهو سوچيو آهي ته عورت جي ذهن مٿان ان وقت ڪهڙا نه ناڪاري اثر پوندا هوندا جڏهن سماج ۾ سڀڪو اهو بحث ڪرڻ ۾ رڌل هوندو ته مڙس کي عورت مٿان ڪهڙي قسم جو ۽ ڪهڙيءَ ريت هلڪو ڦلڪو تشدد ڪرڻ جي اجازت هجڻ گھرجي؟ اسانکي پنهنجي ڇوڪرين جي ذهني لاڙن جي صحتمند اوسر خاطر اهڙي قسم جي بحث کي بند ڪرڻ جي ضرورت آهي.

اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي آفيس ۾ 25 مئي تي ٿيل پريس ڪانفرنس دوران ڪائونسل پاران اسلام ۾ عورتن جي حقن کي ڏنل تحفظ بابت بل جو مسودو پيش ڪيو ويو. انهيءَ سفارش ڪيل مجوزه قانون جي سڀ کان ناخوشگوار حصي ۾ ان ڳالهه جو احاطو ڪيو ويو آهي ته مڙس پنهنجي زال کي مارڪٽ ڪري سگھي ٿو. ان سلسلي ۾ اسلامي نظرياتي ڪائونسل پاران جيڪو لفظ ”هلڪو ڦلڪو تشدد“ استعمال ڪيو ويو آهي ان جي مذمت وڏي پئماني تي نه صرف عورتن پر مردن پاران به ڪئي وئي آهي.

لاهور يونيورسٽي آف مئنيجمينٽ سائنسز (لمس) جي شعبي پوسٽ ڪالونيل اسٽڊيز جي ايسوسيئيٽ پروفيسر، فرخ عباس ان کي پوئتي وٺي وڃڻ وارو قدم قرار ڏنو آهي. هن جو چوڻ هو ته عورت سان جيڪي توهين آميز رويا روا رکيا پيا وڃن، انهن کي للڪارڻ واري رجحان جي اوسر ڪرڻ بجاءِ اسلامي نظرياتي ڪائونسل اهڙي فضا هموار ڪري رهي آهي جنهن سان مرد جي حوصلي افزائي ٿي رهي آهي ته هو عورت کي پاڻ کان ڪمتر سمجهي. مونکي ته، عورت مٿان هٿ کڻي کيس مارڪٽ ڪرڻ بيحيائيءَ وارو قدم لڳندو آهي. اهڙي قسم جا بيان يا فيصلا ڏئي اسلامي نظرياتي ڪائونسل ۾ ويٺل مذهبي محقق عورت مخالف روين کي مذهبي نوعيت جو تحفظ ڏئي رهيا آهن.

جسٽس پاڪستان نالي سماجي اداري جي رضاڪار ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي سرگرم ڪارڪن ملائڪه رضا چيو آهي ته، ڪنهن به عورت لاءِ اهو انتهائي خوفناڪ عمل هوندو ته هن جو مڙس ساڻس غلامن جهڙو ورتاءُ ڪري. ملائڪه رضا وڌيڪ چيو ته، هڪ مايوس، غيرمحفوظ ۽ ذهني طور تي چريو ٿي پيل ماڻهو، جنهن کي سماج پاران ڌِڪاريو ويو هوندو، اهو ئي پنهنجي زال تي تشدد ڪري سگھي ٿو. اسلامي نظرياتي ڪائونسل، مسلسل اهڙا فيصلا ڏئي رهي آهي جيڪي عورتن سان ڌِڪار ۽ نفرت تي ٻڌل آهن، انهن جي ڪري ڪائونسل تمام گھڻي تڪراري ٿي چڪي آهي، جنهن ڪري ان کي مڪمل طور تي ختم ڪرڻ گھرجي.

هن وڌيڪ چيو ته، اسلامي نظرياتي ڪائونسل پاران مجوزه بل جو مسودو، انهن ٻن بلن جي ردعمل ۾ تيار ڪيو ويو آهي جيڪي عورتن جي حقن جي تحفظ خاطر پنجاب ۽ خيبرپختونخواه اسيمبلين ۾ پيش ڪيا ويا.
اسلامي نظرياتي ڪائونسل واري بل جي ٻئي حصي ۾ ڪوايجوڪيشن (ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين پاران گڏجي تعليم پرائڻ)، عورتن ۽ مردن جي هڪ هنڌ گڏ ٿيڻ ۽ انهن سمورين ثقافتي سرگرمين، جتي موسيقي ٻڌي ويندي ۽ جهمر هنئي ويندي هجي، انهن جي مذمت ڪئي وئي آهي. ايتري حد تائين جو نرسنگ کي اهڙو شعبو قرار ڏنو ويو آهي جنهن ۾ عورتن کي نه وڃڻ گھرجي.

انهيءَ موضوع تي نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه ڪندي هڪ مذهبي اسڪالر ڊاڪٽر ظهير احمد، جيڪو ”المورد“ نالي اداري مان تعليم پرائي چڪو آهي، ٻڌايو ته ”قرآن عورتن ۽ مردن جي گڏيل گڏجاڻيءَ کي همٿائي ٿو ۽ مسلمان عورت کي مردن سان ملڻ ۽ رَلي مِلي وڃڻ کان منع نه ٿو ڪري“. هن قرآن جي سوره ”نور“ جي 31 نمبر آيت جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته، ان آيت ۾ چيل آهي ته ”۽ ايمان آڻيندڙ عورتن کي ٻڌائي ڇڏيو ته هو پنهنجي نظرن کي جهڪائي رکن (حرام قرار ڏنل شين ڏانهن نه ڏسن) ۽ پنهنجي شرم گاهن جي حفاظت ڪن (غيرقانوني جنسي عمل وغيره کان) ۽ پنهنجو جلوو ڪنهن به ٻئي آڏو پڌرو نه ڪن سواءِ ان جي جنهن لاءِ اهو واجب هجي“.

ڊاڪٽر ظهير احمد چيو ته ”هاڻي سوال اهو آهي ته، جيڪڏهن عورت کي مردن سان رلجڻ ۽ گڏجڻ، ملڻ يا ساڻن گڏجي ڪم ڪرڻ جي اجازت نه آهي ته پوءِ قرآن جي هيءَ آيت ڪهڙي قسم جي صورتحال تي لاڳو ٿئي ٿي. پوءِ عورت ڪنهن جي ڪري پنهنجون نظرون جهڪائي رکي ۽ ان کان پنهنجي جسم جا حصا لڪائي رکي، جيڪڏهن کيس مردن ۽ عورتن جي گڏيل تقريبن ۾ وڃڻ جي اجازت نه آهي“.

پنجاب اسيمبليءَ پاران عورتن جي تحفظ وارو جيڪو بل منظور ڪيو ويو هيو مذهبي پارٽين ان بل کي اهو چئي رد ڪري ڇڏيو هيو ته ان تحت سماج ۾ مڙس جي رتبي کي ڪمتر ڪيو ويو آهي. جيستائين خيبرپختونخواه حڪومت پاران تيار ڪيل عورتن جي حقن واري بل جي ڳالهه آهي ته اهو بل سفارشن خاطر اسلامي نظرياتي ڪائونسل کي اماڻيو ويو، جنهن کي ڪائونسل پاران غير اسلامي قرار ڏيندي رد ڪيو ويو آهي.

نيوز لينز پاڪستان پاران جڏهن وفاقي شرعي عدالت جي مشير مفتي عبدالقويءَ سان سندس موقف ڄاڻڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو ته هن ڪيترا ئي ڀيرا اها ڳالهه ورجائي ته اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي 60 ميمبرن مان هن وقت صرف 40 ميمبر متحرڪ آهن. هن اهو پڻ چيو ته اسلامي نظرياتي ڪائونسل جو چيئرمين مولانا محمد خان شيراني ڪائونسل جي ميمبرن سان انتهائي محدود مشورو ڪندو آهي ۽ ڪائونسل جون پڌرايون اڪثر ڪري هن جا ذاتي خيال سمجهيا ويندا آهن.

رسول الله صلي الله عليه وسلم ۽ ان جي اصحابين جي عملي روايتن، جيڪي رسول الله جي حياتيءَ ۽ سندن وفات کانپوءِ عمل هيٺ اينديون رهيون، متعلق ڳالهائيندي مفتي عبدالقويءَ چيو ته ”اسانکي اهڙو هڪ واقعو به مشاهدي ۾ ايندي نه ٿو ملي، جيڪو ان ڳالهه تي مشتمل هجي ته الله جي آخري نبيءَ پاران پنهنجي ازواج مطهرات سان اوچي آواز ۾ ڳالهايو ويو هجي يا مٿن مارڪٽ لاءِ هٿ کنيو ويو هجي“.

انهيءَ معاملي متعلق پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندي هن وڌيڪ چيو ته ”مولانا محمد خان شيراني، پاڪستان ۾ افغاني اسلام آڻڻ چاهي ٿو“. اسلامي نظرياتي ڪائونسل پاران نرسنگ جي شعبي ۾ عورتن کي ڪم ڪرڻ جي اجازت نه هجڻ واري نقطي تي تبصرو ڪندي هن حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله وسلم پاران وڙهيل جنگين جو حوالو ڏيندي چيو ته انهن جنگين ۾ عورتن نه صرف سرگرم انداز سان بهرو ورتو پر زخمي سپاهين کي فوري طبي امداد پڻ مهيا ڪنديون هيون.

مفتي عبدالقويءَ، مولانا محمد خان شيرانيءَ کان سوال ڪيو ته جيڪڏهن هو سمجهي ٿو ته عورتن کي مردن سان رلجڻ يا ملڻ نه گھرجي ۽ کين مرد ساٿين سان گڏجي ڪم نه ڪرڻ گھرجي ته پوءِ مولانا شيرانيءَ جي پنهنجي پارٽي جميعت علماءِ اسلام ف جون اهي عورتون جيڪي پارليامينٽ جون ميمبر آهن اهي اتي ڇا ڪري رهيون آهن؟.

نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي مذهبي محقق سيده گل زهريٰ رضويءَ جو چوڻ هو ته اسلام سڄي جو سڄو ورتاء تي مشتمل آهي. اسان پنهنجي الله، هن جي پيغمبرن ۽ اهلبيت سان ڪهڙي نموني ورتاءُ ڪيون ٿا. هڪ سماج اسان سان ڪهڙو ورتاءُ ڪري ٿو ۽ موٽ ۾ اسان سماج سان ڪهڙو ورتاءُ ڪيون ٿا.

سيده گل زهريٰ چيو ته اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي دعويٰ هوندي آهي ته ان جون سفارشون قرآن جي تعليم ۽ شرعي قانونن مطابق هونديون آهن، اهڙي صورت ۾ اداري کي پهريان ته حقيقتن کي درست انداز ۾ بيان ڪرڻ گھرجي. قرآن پاڪ جي تعليم توڙي حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جن جي زندگي گذارڻ جي طريقن تحت اهڙي ڪا به اجازت مليل نه آهي ته ڪو شخص، ٻئي کي مارڪٽ ڪرڻ جو اختيار رکندڙ هجي.

هن وڌيڪ چيو ته اسلامي نظرياتي ڪائونسل، اسلامي حڪمن متعلق صرف چپ چورڻ وارو ڪردار ادا ڪندي رهي ٿي. هن سي آءِ آءِ کي صلاح ڏني ته اها نوان قانون گھڙڻ بجاءِ زبردستي شادين، تيزاب سان ٿيندڙ حملن ۽ ٻين طريقن وسيلي عورتن کي حراسان ڪرڻ خلاف شعور بيدار ڪري.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here