لاهور (دردانه نجم وٽان) پاڪستان جي وفاقي ڪابينا ۾ اهڙو ڪو وزير موجود نه آهي جيڪو پرڏيهي معاملن لاءِ وقف ٿيل هجي. پاڪستان جو وزيراعظم ميان محمد نواز شريف اهو کاتو پنهنجي هٿ هيٺ رکندو پيو اچي، سياسي تجزئي نگارن موجب وهنوار کي اهڙيءَ ريت هلائڻ حڪومت جي ناڪامي آهي.

دليل اهو به ڏنو پيو وڃي ته، ميان نوازشريف اها اهم وزارت ڪنهن ٻئي فرد حوالي ڪرڻ کان ڊنل آهي ۽ چاهي ٿو ته پرڏيهي پاليسي ٺاهڻ وارا سندس ويجهي نگرانيءَ هيٺ ڪم ڪندا رهن.

پاڪستان جي اڳوڻي پرڏيهي وزير خورشيد محمود قصوريءَ جو چوڻ آهي ته پرڳڻي اندر پاڪستان کي انتهائي اهميت حاصل آهي، آمريڪا ۽ ڀارت جي ڏينهون ڏينهن مضبوط ٿيندڙ لاڳاپن جي پسمنظر ۾ افغانستان ۽ چين سان تعلقاتن جي دائري ۾ جيڪي معاملا شامل ٿي وڃن ٿا انهن خاطر پاڪستان لاءِ عالمي رابطا انتهائي اهميت وارا آهن جن لاءِ متحرڪ سفارتڪاريءَ جي گھڻي ضرورت آهي.

قائد اعظم يونيورسٽي اسلام آباد جي اسڪول آف پوليٽڪس اينڊ انٽرنيشنل رليشنز جي پروفيسر ڊاڪٽر قنديل عباس جو چوڻ آهي ته جيتوڻيڪ وزيراعظم پرڏيهي معاملن وارو کاتو پاڻ وٽ رکي سگھي ٿو، پر وفاقي ڪابينا اندر پرڏيهي معاملن وارو وزير انتهائي اهم ماڻهو هوندو آهي ان ڪري اهو عهدو پاڻ وٽ رکڻ خراب فيصلو آهي. لڳ ڀڳ سمورين عالمي ذميوارين جي پسمنظر ۾ اسان کي حڪومت ناڪام ٿيندي نظر پئي اچي. جڏهن پاڪستان پاران ايران ۽ سعودي عرب وچ ۾ ٽياڪڙيءَ وارو ڪردار ادا ڪيو پئي ويو، ان وقت اهو فيصلو ڪيو ويو ته معاملي سان لاڳاپيل سڀني ملڪن پاران پاڪستان سان تعلق رکندڙ هڪ فوڪل پرسن مقرر ڪيو ويندو پر ان جي موٽ ۾ اهڙو ڪو به عمل ٿيندي نظر نه آيو.

هن وڌيڪ چيو ته توڙي جو وزيراعظم نوازشريف پاران وڏي پيماني تي غيرملڪي دورا ڪري مختلف ملڪن سان ڪيترن منصوبن بابت يادداشت وارا ٺاهه ڪيا ويا آهن پر انهن منصوبن تي مشڪل سان ئي عمل ٿيندي نظر آيو آهي. هن چيو ته هو اهو چوڻ کان نه ڪيٻائيندو ته پرڏيهي معاملن لاءِ وقف ٿيل وزير جي عدم موجودگيءَ سبب پاليسي ۽ عملدرآمد جي ڏس ۾ ناڪاميون پلئه پئجي رهيون آهن.

ميان نواز شريف پاران وزيراعظم جو پرڏيهي معاملن بابت مشير ۽ هڪ خصوصي مشير مقرر ڪيا ويا آهن. سرتاج عزيز ۽ طارق فاطمي ترتيبوار اهي ٻئي عهدا سنڀالي رهيا آهن پر عالمي معاملن بابت پاليسي تيار ڪرڻ ۽ ان تي عمل جي سلسلي ۾ سندن ڪردار ۽ اختيار محدود نوعيت وارا آهن.

نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه ڪندي برگيڊيئر (رٽائرڊ) حميد فاروق چيو ته انهن ٻنهي جو ڪردار محدود آهي ۽ اهي صرف طئي ٿي ملندڙ پاليسين تي ئي عمل ڪندا آهن. اهو ئي سبب آهي ته اسان عالمي نوعيت جي گھڻن معاملن ۾ پاڪ فوج کي شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهندا آهيون.

هن پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو ته انهيءَ ڪري هو اهو چوڻ کان به نه گھٻرائيندو ته آرمي چيف جنرل راحيل شريف اصل ۾ ملڪ جو پرڏيهي معاملن وارو وزير آهي. ايران ۽ سعودي عرب جي دورن جيان حڪمت عمليءَ جي حوالي سان خاص دورن دوران آرمي چيف، وزيراعظم سان گڏ هوندو آهي.

حميد فاروق وڌيڪ چيو ته پاڪ فوج سمجهي ٿي ته وزيراعظم نوازشريف پرڏيهي پاليسيءَ جي ٻن ماهرن سان گڏجي ان انداز سان ڪم ناهي ڪري رهيو جيڪو نتيجا خيز هجڻ گھرجي ۽ هو سفارتڪاريءَ لاءِ گھربل ان عالمي معيار تي به پورو نه ٿو لهي جنهن تي کيس پورو لهڻ گھرجي. جيڪڏهن پاڪستان وٽ پرڏيهي معاملن لاءِ مستقل ۽ متحرڪ وزير موجود هجي ها ته آمريڪي ڪانگريس پاران پاڪستان کي ايف 16 جهاز وڪرو ڪرڻ تي لڳايل پابندي ۽ پاڪستاني سرحدن اندر افغان طالبان جي امير ملا منصور کي ڊرون حملي وسيلي مارڻ وارن معاملن کي ڪنهن ٻي سطح تان اڪلائي سگھجي ها.

هن پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو ته اسان ڏٺو ته اهو چيف آف آرمي اسٽاف ئي هيو جنهن کي پاڻ آمريڪي ڊرون تي احتجاج رڪارڊ ڪرائڻو پيو. آمريڪا ۾ مقرر پاڪستاني سفير جليل عباس جيلاني پاران به اهو تسليم ڪيو ويو آهي ته وسيلن جي اڻهوند جي ڪري اسان ايف 16 جهازن جي پاڪستان کي وڪري خلاف ڀارت پاران آمريڪا ۾ ڪئي ويندڙ لابنگ جو ٽوڙ نه ٿا ڪري سگھئون. وسيلن جي ڳالهه ڪندي هن دراصل اهو چيو آهي ته، ڀارت کي آمريڪا ۾ 16 لابنگ ڪرڻ وارين ڪمپنين جون خدمتون حاصل آهن ۽ پاڪستان وٽ اهڙي هڪ به اهڙي ڪمپني موجود نه آهي جيڪا اسان جي حمايت لاءِ ڪم ڪري. پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جي حڪومت وارن ڏهاڙن ۾ گھٽ ۾ گھٽ ايترو ته هيو جو پاڪستان پاران لابنگ ڪرڻ وارين ٻن ڪمپنين جون خدمتون حاصل ڪيون ويون هيون.

حميد فاروق چيو ته انهيءَ سلسلي ۾ هو اهو به چوڻ چاهيندو ته ملڪ مان جيڪڏهن ڪا سفارتڪاري ٿي رهي آهي ته اها فوجي سفارتڪاري ئي آهي جيڪا آرمي چيف جي اڳواڻيءَ ۾ ڪئي پئي وڃي.

پرڏيهي معاملن بابت قومي اسيمبليءَ جي اسٽينڊنگ ڪاميٽيءَ جي چيئرمين سردار اويس احمد لغاري نيوز لينز پاڪستان سان ٽيليفون وسيلي ڳالهه ٻولهه دوران پرڏيهي پاليسيءَ بابت پاڪ فوج سان ٽڪراءَ واري تاثر کي رد ڪندي چيو ته پرڏيهي معاملن متعلق مشيرن جي مقرري آئيني طريقي ڪار موجب ڪئي وئي آهي.

اويس لغاريءَ جو چوڻ هو ته اهو وزيراعظم پاڪستان جو اختيار آهي ته پرڏيهي معاملن کي سنڀالڻ وارو ڪل وقتي وزير مقرر ڪري يا نه ڪري. جيڪڏهن وزيراعظم سمجهي ٿو ته حڪومتي پارٽيءَ اندر هن کانسواءِ اهڙو ڪو ٻيو فرد موجود نه آهي جيڪو پرڏيهي معاملن کي پيشه ورانه انداز سان هن کان بهتر طريقي سان سنڀالي سگھي ته هو پاڻ کي ئي وزير خارجه طور مقرر ڪري سگھي ٿو.

پرڏيهي معاملن وارو وزير نه هجڻ سان لاڳاپيل خرابين ۽ سببن جي وڌيڪ وضاحت ڪندي اڳوڻي پرڏيهي وزير خورشيد محمود قصوريءَ چيو ته وزيراعظم وفاقي ڪابينا کي پنهنجي ذاتي جاگير وانگر هلائي رهيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو هن پنهنجي ويجهن ماڻهن کي پرڏيهي معاملا سنڀالڻ لاءِ مشير مقرر ڪري ڇڏيو آهي.

خورشيد قصوريءَ جو چوڻ هو ته عالمي سطح تي صورتحال جنهن تيزيءَ سان تبديل ٿيندي ۽ اڳتي وڌي رهي هوندي آهي ان جي پسمنظر ۾ تجزئي ۽ ردعمل ظاهر ڪرڻ واري جيڪا صلاحيت ۽ وقت گھربل هوندو آهي اهي خوبيون ته وزيراعظم وٽ موجود ئي نه آهن. پاڪستان خلاف جيڪا منفي پروپيگنڊه اڄ ڦهلائي پئي وڃي پاڪستان پاران ان جو جواب ساڳئي انداز ۽ لهجي سان نه پيو ڏنو وڃي، جنهن ڪري پاڪستان خلاف منفي رجحان تيزيءَ سان زور وٺي رهيو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته ميان نواز شريف ته نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جو به مخالف آهي. اها قانوني گھرج آهي ته پرڏيهي معاملن متعلق ٿيندڙ گڏجاڻين جا سمورا تفصيل رڪارڊ ڪيا وڃن. وزيراعظم انهيءَ طريقي جو به مخالف آهي. هو پرڏيهي معاملن واري وزارت کي اهڙي طريقي سان هلائي رهيو آهي ڄڻ اها سندس ذاتي جاگير هجي.

خورشيد محمود قصوريءَ پنهنجو تبصرو مڪمل ڪندي چيو ته وزيراعظم جو اهڙو مزاج ان ڪري آهي ڇو ته ڀارت سان تعلق رکڻ وارن معاملن بابت پاڪ فوج ۽ حڪومت وچ ۾ ڇڪتاڻ موجود آهي. گذريل سال ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جڏهن پاڪستان جي دوري تي آيو ته سندس معلومات موجب نه ته قومي سلامتيءَ واري مشير ليفٽيننٽ جنرل (رٽائرڊ) ناصر خان جنجوعه ۽ نه ئي پرڏيهي معاملن بابت وزيراعظم جي مشير سرتاج عزيز کي ڀارتي وزيراعظم جي دوري متعلق ڪا ڄاڻ ڏني وئي هئي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here