ڪوئيٽا (حزب الله خان وٽان) پاڪستان جي سرحدي علائقن ۾ گذريل ڪجهه سالن کان بدترين ويڙهه جو راڄ رهيو آهي ۽ انهن جهيڙن کي ثابت ڪرڻ وارا نشان پڻ موجود آهن. ذهني صحت سان واسطو رکندڙ ماهرن جو چوڻ آهي ته، ملڪ جي ڏاکڻي صوبي بلوچستان، جنهن جون سرحدون افغانستان سان پڻ لڳن ٿيون، تنهن ۾ 2001 بعد ويڙهه جي وڌڻ سبب نفسياتي مونجهارن جي شڪايتن ۾ واڌ ٿي آهي.
ڪوئيٽا سان تعلق رکندڙ نفيساتي ماهر ڊاڪٽر غلام رسول جو چوڻ آهي ته ”تحقيق نه ٿيڻ ڪري، اهڙي صوبي جيڪو اندروني ويڙهه، عسڪريت پسندي ۽ فرقيواراڻي تشدد جو شڪار ٿيو آهي، ان صوبي جي عوام جي ذهني صحت کي پهتل نقصان جا انگ اکر پيش ڪرڻ انتهائي مشڪل آهي، پر صوبي جي انهن مريضن جيڪي بيچينيءَ ۽ ذهني دٻاوَ سبب علاج ڪرائيندا رهيا آهن، اهڙن ماڻهن متعلق گڏ ڪيل معلومات جو ئي حقيقي ادراڪ ڪيو وڃي ته ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته امن امان جي اڻ لڀ هجڻ جي ڪري زندگي گذارڻ جي قوت ڪمزور ٿي پوي ٿي“.
نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڊاڪٽر غلام رسول وڌيڪ چيو ته ”گذريل 15 سالن کان تشدد جي واقعن جهڙوڪ خودڪش حملن، بم ڌماڪن ۽ فرقيواراڻي بنياد تي قتل جي واقعن سماج ۽ ماڻهن تي تمام گهڻا نفسياتي اثر وڌا آهن. انهن شهرن جيڪي تشدد جي واقعن سبب سخت متاثر ٿيا آهن ۽ انهن کان علاوه اهڙا شهر جيڪي اهڙن واقعن کان محفوظ رهيا آهن، ٻنهي قسمن جي شهرن سان واسطو رکندڙ ذهني مونجهاري جي مريضن جي تعداد جي بنياد تي چئي سگھجي ٿو ته نفسياتي مونجهاري وارن مسئلن، ذهني ڇڪتاڻ، پريشاني ۽ ذهني دٻاوَ جي مريضن ۾ 10 کان 25 سيڪڙو واڌارو ٿيو آهي“.
ڊاڪٽر غلام رسول جو چوڻ آهي، نفسياتي ماهرن کي يقين آهي ته اهو اندازو حقيقت تي ٻڌل آهي، ڇو ته نفيساتي مسئلن ۾ واڌ جو سبب بڻجندڙ ٽي مکيه مسئلا پهريون سماجي ڍانچي مٿان جهيڙن جو اثر، ٻيو سماجي زندگيءَ مٿان اثر ۽ ٽيون انسان جي نفسياتي صحت مٿان ان جو اثر آهن. بلوچستان جي سلسلي ۾ اسان کي اهو نظر آيو آهي ت هويڙهه سبب ٽنهي قسمن جا خطرناڪ اثر پئجي رهيا آهن“.
60 سالن جي ٻڍڙيءَ زرمينه (هي اصلي نالو نه آهي) نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته ”ڪوئيٽا ۾ سندس پٽ، ڀائر ۽ مٽ مائٽ آپگهاتي بم ڌماڪن ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ جي واقعن ۾ مارجي ويا آهن، جنهن بعد هوءَ شديد ذهني دٻاوَ ۽ پريشانيءَ جو شڪار ٿيندي رهي ٿي. گذريل 8 سالن دوران منهنجي خاندان جا 5 ڀاتي جن ۾ منهنجا پٽ، ڀائر ۽ هڪ سوٽ شامل آهن، اهي اسان کان جدا ٿي ويا، منهنجو سڄو خاندان هاڻي ان ڪري ئي خوف ۾ زندگي گذاري ٿو“.
”پاڪستان مٿان پيل دهشتگرديءَ جا اثر“ جي عنوان سان هڪ دستاويز خيبر پختونخواه جي پبلڪ سروس ڪميشن پاران تيار ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ”ٻين شهرن جي ڀيٽ ۾ سرحدي پرڳڻن/صوبن جا شهر دهشتگرديءَ سبب وڌيڪ متاثر ٿيا آهن. بلوچستان ۾ ڪوئيٽا ۽ خيبرپختونخواه جي پشاور شهر ۾ ٻين جي ڀيٽ ۾ تمام گھڻا بم ڌماڪا ٿيا آهن ۽ فاٽا جا خيبر، ڪُرم ايجنسي توڙي اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان اهڙا علائقا آهن، جتي مارجي ويلن جو انگ تمام گھڻو آهي.
اهي ٽئي علائقا افغانستان سان سرحدي ويجهڙائيءَ سبب سڀ کان پهريان متاثر ٿيڻ شروع ٿيا هئا ۽ افغانستان ۾ لڳل جنگ واري باهه جي شعلن انهن علائقن کي ئي گھڻي ڀاڱي پنهنجي گهيري ۾ آندو. ٻيو ته، مناسب نوعيت جي انتظامي بندوبست ۽ ترقي نه هجڻ سبب اهي علائقا دهشتگرديءَ لاءِ گھربل ماحول کي پيدا ڪرڻ جو ٺڪاڻو بڻجي ويا. ٽيون ته، اڪثر آپگهاتي حملا، فوج جا سمورا آپريشن، فوج مٿان ٿيندڙ اڪثر حملا ۽ انهن سان گڏ ئي ڊرون حملا به انهن علائقن ۾ عمل هيٺ اچڻ سبب وڌيڪ زندگيون ضايع ٿينديون رهيون“.
ويڙهه جو شڪار رهندڙ سرحدي علائقن جن ۾ بلوچستان پڻ شامل آهي، انهن متعلق ٿيل تحقيق ۽ اڀياسن ۾ گھڻو ڌيان تحفظ واري رخ ۽ ان جي انساني توڙي معاشي نقصانن تي کتل آهي. اهڙين ڪوششن تحت پرڳڻي ۾ امن جي عدم موجودگيءَ سبب سماجي ۽ نفسياتي اثرن مٿان تحقيق ڪرڻ جو رستو هموار ناهي ڪيو ويو. خيبرپختونخواه جي پبلڪ سروس ڪميشن پاران تيار ڪرايل دستاويز ٻڌائي ٿو ته ”دهشتگرديءَ خلاف جنگ جي ڪل ڪيتري قيمت ڀرڻي پئي آهي ان جو حقيقي ڪاٿو لڳائڻ انتهائي مشڪل آهي، پر سال 2010-2011 جي اڪنامڪ سروي ۾ ملڪ جي دفاع واري وزارت پاران سادي انداز سان لڳايل ڪاٿي مطابق 10 سالن دوران 2001 کان وٺي 2011 تائين ٿيل نقصان جا انگ اکر ٻڌائين ٿا ته 68 ارب روپين جو نقصان ٿيو هيو“.
بيمارين کي ضابطي ۾ آڻڻ ۽ انهن کي روڪڻ واري سينٽر (سي ڊي سي پي) مطابق ”جنگ جي ور چڙهيل علائقن جا 30 کان 70 سيڪڙو ماڻهو ”بعد واري صدمي سبب ذهني خلل واريءَ پريشانيءَ (پوسٽ ٽراماٽِڪ اسٽريس ڊس آرڊر) ۽ ذهني دٻاوَ جي اثرن کي برداشت ڪرڻ تي مجبور ٿيا آهن“. ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جو چوڻ آهي ته، سرحد جي ٻئي پاسي افغانستان ۾، جتي ويڙهه ۽ جنگ گذريل ٽن ڏهاڪن کان جاري آهي، 60 سيڪڙو افغان شهري، جن ۾ وڏو تعداد عورتن جو آهي، سي نفسياتي مسئلن يا ذهني خلل جو شڪار ٿي پيا آهن. ڊاڪٽر غلام رسول ٻڌايو ته ”افغانستان جا اڪثر مريض ذهني ۽ نفسياتي مسئلن جو علاج ڪرائڻ خاطر سفر ڪري پاڪستان اچن ٿا“.
ڊاڪٽر غلام رسول پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو ته ”سڄي صوبي ۽ ان سان گڏ ئي افغانستان مان وڏي تعداد ۾ ايندڙ مريضن جي علاج لاءِ نفسياتي بيمارين جي علاج واري صرف هڪ اسپتال موجود آهي جتي ڊاڪٽرن جو انگ پڻ ٿورو آهي. اهڙي صورتحال ۾ جڏهن لکين ماڻهو نفيساتي مسئلن ۾ الجهيل هجن ته انهن مان تمام ٿورن کي ئي علاج جي سهولت ميسر ٿي سگھندي هوندي. جيئن ته سهولتن جي اڻاٺ ۽ تربيت ورتل عملو موجود نه آهي ان ڪري صرف 8 کان 10 سيڪڙو مريضن جو ئي علاج ڪري سگھجي ٿو“.
ڊاڪٽر غلام رسول صلاح ڏيندي چيو ته، حڪومت کي سڄي بلوچستان صوبي ۾، ڊويزنل، ضلعي ۽ تعلقي سطح تي نفسياتي علاج واريون اسپتالون کولڻ گھرجن ته جيئن ماڻهن جا نفسياتي مسئلا حل ڪري سگھجن. هن وڌيڪ چيو ته ”هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن ٻين صوبن جون حڪومتون جهيڙن جي پسمنظر ۾ ذهني صحت متعلق پاليسيون تيار ڪري رهيون آهن، بلوچستان جي حڪومت کي به گھرجي ته اها اهڙو قانون منظور ڪرائي جنهن جي مدد سان صحت جون پاليسيون جوڙي ۽ لاڳو ڪري سگھجن“.
صوبي جي حڪومتي اتحاد ۾ شامل نيشنل پارٽيءَ جي جنرل سيڪريٽري عبدالخالق بلوچ نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته ”جيتوڻيڪ، ڪي به سرڪاري انگ اکر موجود نه آهن پر اها معلومات ملندي رهي آهي ته مڪران ڊويزن ۾ رهندڙ 40 سيڪڙو ماڻهو گھرو ويڙهه سبب پنهنجا گھر گھاٽ ڇڏڻ تي مجبور ٿيا آهن. اهڙي صورتحال صوبي جي ٻين علائقن ڪوهلو، ڊيرا بگٽي ۽ نصيرآباد ڊويزن ۾ پڻ ڏٺي وئي آهي“. تازو ئي، ڪوئيٽا ۾ ٿيل هڪ سيمينار دوران بلوچستان جي وڏي وزير سردار ثناءُ الله زهريءَ پاران ٻڌايو ويو ته صوبي ۾ رهندڙ هڪ لک پنجابي آبادگار صوبي مان لڏپلاڻ ڪري ويا آهن.
لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿي پيل، 55 سالن جي هڪ بيوه ثمينه (هي نالو اصلي نه آهي) جو چوڻ آهي ته، 5 سال اڳ هن جو پٽ لاپتا ٿي ويو، جنهن ڪري هوءَ بيوس، مشڪلاتن ۽ پريشانين جي وَرِ چڙهي وئي. هن ٻڌايو ته ”مون ڪيترن ئي شهرن ۾ پنهنجي پٽ جي ڳولا ڪئي پر مان هن کي هٿ نه ڪري سگھيس. پر مان اڃان به پنهنجي پٽ جي ڳولا ڪيان پئي“.
ڪوئيٽا ۾ ٿيل هڪ بم ڌماڪي ۾ 3 ڀائرن جي مارجي وڃڻ کانپوءِ نفسياتي ۽ ذهني مسئلن جو شڪار ٿي پيل 51 سالن جي الطاف تي هڪ سال کانپوءِ ڏکيو وقت ٻيهر تڏهن آيو جڏهن هن جي پٽ کي ٽارگيٽ ڪري قتل ڪيو ويو.
نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي الطاف ٻڌايو ته ”اهڙن واقعن بعد مان بخيل، اڳرائي ڪرڻ وارو ٿي پيس، اڪثر ايئن محسوس ڪندو هيس ته مان ڪنهن کي قتل ڪري رهيو آهيان يا مان پاڻ کي ماري رهيو آهيان“. الطاف ان ڏينهن کا وٺي ننڊ واريون گوريون استعمال ڪندو آهي، هو گوريون ان ڪري استعمال ڪندو آهي ته جيئن پريشاني ذهني دٻاوَ کي گھٽائي سگھي. پنهنجي ڀائرن ۽ نوجوان پٽ جي تصويرن ڏانهن ڏسندي الطاف پنهنجي اکين ۾ آيل ڳوڙها اگھندي چيو ته ”مونکي ايئن لڳندو آهي ته منهنجي دل ۽ دماغ ڌماڪي سان ڦاٽي پوندا“.
بلوچستان حڪومت سان تعلق رکندڙ هڪ ذريعي، جنهن پنهنجو نالو ان ڪري ظاهر نه ڪرڻ لاءِ زور ڀريو ڇو ته هو ميڊيا سان ڳالهائڻ لاءِ بااختيار نه آهي، نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ٻڌايو آهي ته ”جيڪو ڪجهه نفسياتي ماهر چئي رهيا آهن اهو مڪمل طور تي درست به ٿي سگھي ٿو پر حڪومت جي اختيارين اهڙي ڪا رپورٽ، انگ اکر يا حقيقتون ناهن ڏٺيون جيڪي عالمي يا قومي سطح جي ادارن پاران تيار ڪيون ويون هجن.
جڏهن ته ضلعن ۾ ويٺل انتظامي آفيسرن پاران به اهڙي ڪا نشاندهي ناهي ڪئي وئي ته ذهني صحت جو ڪوئي بحران ڪَرُ کڻي چڪو آهي، جنهن ڪري بلوچستان حڪومت ذهني مريضن جي علاج ۽ مدد خاطر ڪنهن واڌو فنڊ جو به اعلان ناهي ڪيو“.