پشاور (شيراز اڪبر وٽان) فوج جو رٽائرڊ آفيسر شفيق خان ان حقيقت کان مڪمل طور تي باخبر آهي ته، ڪهڙين شين جي خريداريءَ لاءِ کيس پشاور ۾ يونيورسٽي روڊ جي ڪهڙي علائقي ۾ وڃڻو آهي ۽ پنهنجي ڪار ڪٿي محفوظ انداز سان بيهارڻي آهي. شفيق خان جو چوڻ آهي ته، هاڻوڪن ڏينهن ۾ هو اڪثر ڪري انهن شاپنگ سينٽرن ۽ دڪانن کي ڳولي ناهي سگھندو جتان کيس خريداري ڪرڻي هوندي آهي ڇو ته شهر جي روڊن مٿان وڏيون عمارتون ۽ پلازه ٺهي وڃڻ جي ڪري مونجهارو پيدا ٿي ويو آهي.

شفيق خان جو چوڻ آهي ته ”هڪ وقت اهو به هيو، جڏهن ٿورين عمارتن هجڻ جي ڪري، ان دڪان يا بازار کي ڳولي لهڻ سولو هوندو جتي وڃي خريداري ڪرڻي هوندي هئي. هاڻي مارڪيٽون ۽ عمارتون بارش بعد ڦٽي پوندڙ کنڀين جيان ٿي پيون آهن جنهن ڪري انهن ۾ فرق ڪري سگھڻ به ڏکيو ٿي پيو آهي“.
شفيق خان ۽ ان جهڙا ٻيا ماڻهو، جيڪي ڪالهه واري ٿوري منجهيل دنيا ۾ رهڻ جا عادي آهن، اهي هاڻي ويڪرائيءَ توڙي اُڀ ڪپري انداز سان وڌندڙ ۽ ڦهلجندڙ شهر ۾ پاڻ کي وڃائجندو محسوس ڪن ٿا، جڏهن ته صوبائي حڪومت جون اختياريون وري ترقيءَ جي هڪ ٻئي رخ متعلق وڌندڙ ڳڻتيءَ جو شڪار ٿي رهيون آهن.

ترقيءَ وارن معاملن بابت صوبائي حڪومت جي اختيارين جو چوڻ آهي ته، شهر جي وڌندڙ آباديءَ جي ضرورتن مان گھڻي کان گھڻو فائدو وٺڻ جي خيال کان عمارتن اڏڻ جي ڌنڌي سان لاڳاپيل ماڻهو پنهنجو ڪاروبار وڌائڻ جي ڪوشش ۾ لڳا پيا آهن، جنهن ڪري پشاور اندر گھڻ ماڙ عمارتون کنڀين جيان ڦٽي پيون آهيون ۽ اهڙين عمارتن جي تعمير وقت عمارتن کي اڏڻ بابت قانونن تي عمل نه ڪرڻ سبب ماڻهن جي زندگين جي حفاظت بابت خدشا زور وٺي چڪا آهن.

ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ لاءِ بااختيار نه هجڻ جي ڪري پنهنجو نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي پشاور ڊويلپمينٽ اٿارٽيءَ جي هڪ آفيسر نيوز لينز پاڪستان سان کي ٻڌايو آهي ته ”ماضيءَ ۾ عمارتن اڏڻ وقت اڏاوت بابت قانون کي نظرانداز ڪرڻ ۽ انهن جي خلاف ورزي ڪرڻ جا ذميوار بلڊرز جڏهن ته انهن تي عمل نه ڪرائڻ جي ذميواري انتطاميا مٿان لاڳو ٿئي ٿي جنهن ڪري تحفظ بابت مسئلن ڪَرُ کنيو آهي“.

پشاور ڊولپمينٽ اٿارٽيءَ پاران لاڳو ڪيل عمارتن جي اڏاوت بابت قانون، ڪيترن ئي قاعدن ۽ ضابطن تي مشتمل آهي، ان قانون تحت هر هڪ بلڊر پابند آهي ته ٻين سهولتن سان گڏ شهرين کي ڪار پارڪنگ جي جڳهه، هنگامي حالتن ۾ نڪرڻ وارا رستا، باهه لڳڻ جي صورت ۾ ان تي ضابطو آڻڻ وارو نظام، صفائي ۽ سٿرائيءَ جو بندوبست ۽ معذور ماڻهن کي اچ وڃ ۾ مدد ڏيڻ واريون سهولتون هر صورت ۾ مهيا ڪري ڏئي.

گذريل ڪجهه مهينن کان صوبائي اختيارين پاران رهائشي علائقن ۾ قائم اسڪولن، هوٽلن ۽ دڪانن جو ڪاروبار ڪرڻ وارن مٿان زمين جي عوامي استعمال وارن حصن مٿان حددخليون قائم ڪرڻ سبب انهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. شهر جي صفائيءَ جي نالي هيٺ ٿيندڙ ان ڪارروائيءَ جي هڪ حصي تحت گھڻ ماڙ عمارتن جي اهڙن مالڪن خلاف به ڪريڪ ڊائون ڪيو پيو وڃي، جن پنهنجي عمارتن اندر پارڪنگ ايريا ته ٺاهيا آهن پر بعد ۾ ان سهولت کي ڪاروباري مقصدن يا دڪانن جي لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي، جنهن ڪري ماڻهو پنهنجون ڪارون عمارتن جي ٻاهران روڊ ڪناري بيهارڻ تي مجبور آهن، نتيجي ۾ روڊن تي اڪثر گاڏين جي اچ وڃ ۾ رخنو پوي ٿو ۽ حادثا پڻ معمول بڻيل آهن.
ايمرجنسي ۾ مدد فراهم ڪرڻ واري اداري (اِي آر ايس) 1122 پشاور جي ڪنٽرول روم انچارج ڪامران ذڪا پاران نيوز لينز کي فراهم ڪيل دستاويزن مان معلوم ٿيو آهي ته سال 2015 دوران گھڻ ماڙ عمارتن ۽ پلازائن سميت شهر جي ٻين علائقن ۾ باهه لڳڻ جا 449 واقعا ٿيا، جنهن ڪري ملڪيتن ۽ قيمتي زندگين کي نقصان پهتو، اهو نقصان ان ڪري ٿيو ڇو ته عمارتن اندر تحفظ لاءِ گھربل سمورا جوڳا قدم ناهن کنيا ويا.
ايمرجنسي ريسڪيو سروسز (اِي آر ايس) 1122 جي پشاور ۾ واقع هيڊڪوارٽر ۾ ڊائريڪٽر آپريشنز طور ذميواريون نڀائيندڙ محمد اياز نيوز لينز سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته ”اڪثر ڪري باهه لڳڻ جو بنهه ننڍڙو حادثو وڌي ڀڀڙ ٿي پوندو آهي ۽ پوءِ اها گھڻي ڦهلجي ويندي آهي جنهن ڪري ملڪيتن ۽ انساني جانين جو گھڻو زيان ٿي پوندو آهي، ڇاڪاڻ ته گھڻ ماڙ عمارتن، ڪمرشل پلازائن ۽ فيڪٽرين اندر باهه وسائڻ وارو نظام موجود نه پيو رکيو وڃي“.

پشاور ڊولپمينٽ اٿارٽيءَ جي قانونن تحت ڪمرشل توڙي رهائشي، ٻنهي قسم جي عمارتن اندر باهه تي ضابطو آڻڻ وارو نظام هجڻ ضروري آهي، جنهن ۾ وسائڻ وارا اوزار، واريءَ سان ڀريل بالٽيون، پاڻي فراهم ڪندڙ خصوصي نلڪا ۽ هنگامي صورت ۾ نيڪال وارا رستا شامل آهن. محمد اياز چوي ٿو ته ”سڄي شهر ۾ جيڪي به گھڻ ماڙ عمارتون اڏجي بيٺل آهن انهن مان صرف هڪ سيڪڙو عمارتن اندر ئي باهه تي ضابطو آڻڻ وارو نظام مهيا ڪيو ويو آهي“.

”اڏاوت هيٺ ايندڙ ايراضيءَ ۾ واڌ ۽ شهري زراعت تي ان جا اثر“ پشاور جي هڪ ڪيس اسٽڊي جي عنوان سان ڪيل هڪ تحقيقي اڀياس مطابق پشاور، خيبرپختونخواه صوبي جو سڀ کان وڏو شهر ۽ صوبي جو ڪاروباري مرڪز هجڻ کان علاوه ٻين شهرن توڙي ٻهراڙيءَ مان لڏپلاڻ ڪري ايندڙن جو ڳڙهه پڻ آهي. جياپي لاءِ موذون سهولتن ۽ روزگار جي وسيع موقعن سبب جنگ ۽ گھريلو ويڙهه کان تنگ ٿي فاٽا جي قبائلي علائقن ۽ افغانستان مان پنهنجا گھر ٻار ڇڏڻ تي مجبور ٿيندڙ هن شهر ۾ رهائش کي ترجيح ڏين ٿا. اهو تحقيقي اڀياس ڪندڙ پشاور يونيورسٽيءَ جي محقق ۽ اسڪالر سميع الله پاران اها نشاندهي پڻ ڪئي وئي آهي ته گذريل ڪجهه ڏهاڪن دوران شهر جي آباديءَ ۾ تمام تيزيءَ سان واڌرو ٿيو آهي.

تحقيقي اڀياس ۾ ٻڌايو ويو آهي ته، هڪ محدود شهري علائقي اندر ئي رهائش حاصل ڪندڙن جي آباديءَ ۾ تيزيءَ سان اضافو ٿيڻ جي ڪري شهر اندر اڀ ڪَپِري اڏاوت جي رجحان ۾ پڻ تيزي آئي آهي ته جيئن رهائشي، ڪاروباري ۽ صنعتي ضرورتن واري طلب کي پورو ڪري سگھجي.
يو اين ڊيٽا مطابق، پشاور پاڪستان جو نائون وڏو شهر آهي، 1998 جي آدمشماريءَ مطابق شهر جي آبادي لڳ ڀڳ 10 لک ماڻهن تي مشتمل آهي. آدمشماريءَ جي تازن انگن اکرن جي غيرموجودگيءَ سبب، آباديءَ جي موجوده انگن اکرن ۾ فرق ٿي سگھي ٿو پر سرڪاري عملدارن جو چوڻ آهي ته شهر جي آبادي هاڻي 40 لک ٿي چڪي آهي. ان کان علاوه، پشاور جي پسگردائيءَ وارن علائقن توڙي، بلوچستان جي ڪوئيٽا ۽ ٻين سرحدي شهرن ۾ وسندڙ افغان پناهه گيرن پاران ويڙهه ۽ ٻين سببن جي ڪري ملڪ اندر ڪيل لڏپلاڻ کانپوءِ پشاور جي آبادي وڌي 45 لک ماڻهن تي مشتمل ٿي چڪي آهي.

نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه ڪندي بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي پشاور جي ڊائريڪٽر نجيب الرحمان ٻڌايو ته ”اسانجي کاتي جو ٽيمون شهر جي مختلف حصن ۾ عمارتن تي ڇاپا هڻي عمارتن جي اڏاوت واري قانون تي عمل ڪرائي رهيون آهن. اهي ڇاپا ضلعي انتظاميا جي سهڪار سان هنيا پيا وڃن“.
ڊپٽي ڪمشنر پشاور جي پبلڪ رليشنز آفيسر (پي آر او) ساجد نواز کان جڏهن اهڙي ڳالهه پڇي وئي ته هن ٻڌايو ته ”اهڙين عمارتن جن جي تعمير دوران اڏاوت جي قانونن تي عمل نه پيو ڪيو وڃي انهن سان هڪ هڪاڻي بعد ۾ ڪئي ويندي“، پر هن اهڙا تفصيل جاري نه ڪيا ته اهڙين عمارتن سان ڪڏهن ۽ ڪيئن هڪ هڪاڻي ڪئي ويندي.

نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي ساجد نواز چيو ته ”هن وقت اسان في الحال عمارتن اندر پارڪنگ واري مسئلي تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون، ڇو ته پنهنجي طور تي پاڻ نه صرف اهو وڏو مسئلو آهي پر هي اهو مسئلو پڻ آهي جنهن ڪري ٽرئفڪ جا ٻيا ڪيترائي مسئلا پيدا ٿين ٿا. اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته جهڙيءَ ريت قانون پابند ڪري رهيو آهي ان مطابق عمارتن اندر طئي ڪيل هنڌ تي پارڪنگ بغير ڪنهن معاوضي جي مهيا ڪرائي ڏيون“.

وَرسڪ روڊ، پشاور شهر جي پسگردائيءَ ۾ واقع اهڙن ٻين علائقن مان هڪ آهي جتي گذريل ٿورن سالن دوران ڪمرشل نوعيت جو ڦهلاءُ ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ٿيو آهي. مراد علي نالي هڪ شخص ان علائقي ۾ واقع ٻه ماڙ عمارت جو مالڪ آهي. هن ٻڌايو ته، مون پنهنجي عمارت جي هيٺان پارڪنگ لاءِ جڳهه ڇڏي هئي، جنهن کي پوءِ دڪانن ۾ تبديل ڪرائي ڇڏيم ڇو ته عمارت ۾ رهندڙ ڪو به ان کي پارڪنگ طور استعمال نه ڪري رهيو هيو. مراد عليءَ ٻڌايو ته ”اڪثر ماڻهو وقت بچائڻ لاءِ پنهنجون گاڏيون عمارت کان ٻاهر روڊ تي بيهاري ڇڏيندا آهن“.
ماڻهن پاران ٽرئفڪ قانونن، عمارت اڏڻ واري بلڊر يا عمارت جي مالڪ پاران وري اڏاوت جي قانون جي خلاف ورزي ڪرڻ واري رجحان جو نتيجو آخرڪار شديد ٽرئفڪ جام ۽ حادثن جي صورت ۾ نڪري ٿو.

پشاور شهر جي اندروني حصي جي رهائشي صدام خان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته ”مثال طور تي، شهر جي ڳتيل آباديءَ واري اندروني حصي ۾ گھڻ ماڙ پارڪنگ وارو پلازه اڏڻ جي سخت ضرورت آهي ته جيئن پارڪنگ جي شديد مسئلي کي ختم ڪري سگھجي“. شهر ۾ اڏيل تمام گھڻين عمارتن اندر اهڙيون ڪي به سهولتون موجود نه آهن جيڪي جسماني معذور ماڻهن کي عمارتن اندر اچڻ وڃڻ جي سهولت مهيا ڪري سگھن.

پوليو وائرس سبب ٻنهي ڄنگهن جي طاقت کان محروم ٿي ويل هڪ شخص سجاد احمد چيو ته ”مان پنهنجي برقي طاقت واري ويل چيئر تي سڄي شهر ۾ آسانيءَ سان گھمندو ڦرندو آهيان پر جڏهن به ڪنهن گھڻ ماڙ عمارت اندر وڃڻ جو موقعو ايندو آهي ته مونکي اچ وڃ لاءِ ٻين ماڻهن کان مدد وٺڻ جي ضرورت پئجي ويندي آهي. اهڙين عمارتن ۾ اسانکي تمام گھڻي تڪليف پيش اچي ٿي“.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here