لاهور (دردانه نجم وٽان) پنجاب جي ضلعي قصور جي هڪ ننڍي شهر ڇانگا مانگا ۾ ريشم واري صنعت جي زوال پذير ٿيڻ سبب هڪ هزار خاندانن جو جياپو مشڪل ٿي ويو آهي، جن جو گذران ريشم جي فصل ۽ ريشم جو ڌاڳو تيار ڪندڙ فيڪٽرين تي ٿيندو هيو.
زرعي ملڪ ۽ 70 سيڪڙو آبادي ٻهراڙين جي رهائشي هجڻ باوجود پاڪستان ۾ ريشم جي صنعت خاص ڪري ريشم جي ڪيڙن جي پالنا واري شعبي کي بچائڻ ۽ ترقي وٺرائڻ لاءِ ڪي به قدم نه پيا کنيا وڃن.
ريشم جي تياريءَ کي جيڪڏهن سائنسي انداز سان بيان ڪيو وڃي ته ان جو مطلب اهو ٿيندو ته ريشم پيدا ڪندڙ ڪيڙن جي پالنا ڪرڻ، جن وسيلي ريشمي ڌاڳو تيار ٿيندو آهي. ريشمي ڪِيڙن جي پالنا ملبيري جي ننڍڙي وڻن تي ڪئي ويندي آهي ۽ اهي ڪِيڙا انهيءَ وڻ جا پن ٽنن جي حساب سان کائيندا آهن، جنهن بعد ئي اهي ريشم جي لاروا وارا کول ڏيڻ شروع ڪندا آهن. انهن مان هر هڪ کول اندر 1000 ميٽر ريشم جو ڌاڳو موجود هوندو آهي.
ريشم جي ڪِيڙن جي پالنا پاڪستان جي چئني صوبن ۽ آزاد ڪشمير ۾ ڪئي ويندي آهي، پر ريشم جي تياريءَ واري بنيادي سرگرمي آبپاشِيءَ وسيلي اپائجندڙ پنجاب صوبي جي ڇانگا مانگا، چيچاوطني، ڪماليه ۽ ملتان جي ٻيلن ۾ ڪئي ويندي آهي. ريشم تيار ڪندڙ حاجي بلال انصاريءَ جو چوڻ آهي ته حڪومت جي ڪجهه غلط فيصلن سبب هيءَ صنعت زوال جو شڪار ٿي آهي.
نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي حاجي بلال انصاريءَ ٻڌايو ته حڪومت جيڪي غلط فيصلا ڪيا انهن منجهان سڀ کان پهريان ريشم ٺاهيندڙ ڪيِڙن جي ٻاهرين ملڪن کان ملڪ اندر آمد تي بندش وڌي وئي ۽ ملڪ اندر مقامي سطح تي انهن جي پالنا شروع ڪئي وئي جن جي حياتي گھڻي مختصر آهي. انهن جي ڪري ملبيري وڻن کي به ڪيڙا لڳڻ شروع ٿيا پر ٻيلي کاتي جي ڪنهن به مقامي عملدار ان ڳالهه جو ڪوئي نوٽيس نه ورتو ته اهي وڻ تيزيءَ سان ختم ٿي رهيا آهن.
هن وڌيڪ چيو ته مقامي ت ملبيري جي اها خاصيت آهي ته ان وسيلي دنيا جو بهترين ريشم تيار ٿي سگھي ٿو. ڪجهه وقت اڳ جاپان مان اهي وڻ آڻي ڇانگا مانگا ٻيلي ۾ 100 ايڪڙن تي پوکيا ويا آهن، پر انهن مان حاصل ٿيندڙ ريشم جو معيار سٺو نه آهي ۽ اهو ريشم سخت توڙي پيلاڻ مائل هجڻ جي ڪري عالمي مارڪيٽ ۾ ان جي طلب ناهي، جڏهن ته افغانستان مان اسمگل ٿي ايندڙ ريشم جي ريشي هن صنعت جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو ٺوڪيو آهي.
افغانستان مان ايندڙ ريشم جي ريشي وارن کولن جو هڪ ڪلو 100 روپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي جڏهن ته مقامي کول في ڪلو 500 روپين ۾ وڪرو ٿيندو هيو. ريشم جي ڪيڙن جي پالنا بابت ماهرن جو چوڻ آهي ته ريشم جي ڪيڙن جي افزائش واري کاتي پاران مقامي سطح تي جن ڪيڙن جي پالنا ڪئي ويندي آهي انهن ۾ موت جي شرح گھڻي گھٽ آهي ۽ جيڪڏهن مقامي آبادگارن جي همٿ افزائي ڪئي وڃي ته اهي انهن جي پالنا لاءِ پيسا لڳائڻ ۽ وقت ڏيڻ لاءِ تيار آهن.
عام طريقو اهو آهي ته آبادگارن کي ريشم جي ڪيڙن جي تعداد جي حساب سان رقم ادا ناهي ڪئي ويندي پر انهن کي ريشم جي ڌاڳن (يا ڌاڳي واري ريشي جي کولن) مطابق پيسا ادا ڪيا ويندا آهن، جنهن جي ڪري ريشم جي ڪِيڙن ۾ موت جي شرح انهن لاءِ مسئلا پيدا ڪري وجهندي آهي.
ورهاڱي کانپوءِ 2005 تائين ڇانگا مانگا ۾ ريشم جي تياريءَ واري صنعت هڪ ئي خاندان جي محنتن جي ڪري هلندي رهي. مقامي ماڻهن پاران ٻڌايو ويو آهي ته اهو خاندان جڏهن کان ريشم جي صنعت کان ڌار ٿيو آهي ان ڏينهن کان هيءَ صنعت ڏينهون ڏينهن پوئتي پئجي رهي آهي.
پاڪستان جو ناليوارو سياستدان ۽ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر شيخ رشيد احمد به انهيءَ خاندان جو ڀاتي آهي. نيوز لينز پاڪستان سان ٽيليفون وسيلي خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي شيخ رشيد احمد ٻڌايو ته اهو به هڪ زمانو هيو جڏهن هن ڏکڻ ڪوريا مان ريشم جي ڪيڙن جا 37 هزار پيڪٽ گهرايا هئا ان جو مطلب اهو ٿيو ته هن هڪ سيزن دوران 7 لک 40 هزار ريشم جي ڌاڳي وارا کول تيار ڪرايا. اسان ريشم جا ڪيڙا اڪثر ڪري ٻيلي کاتي کي به وڪڻندا هئاسين. ان بعد حڪومت ملبيري جي وڻن جي پوکيءَ کي نظرانداز ڪرڻ جي شروعات ڪئي، جنهن جي ڪري ڇانگا مانگا جي ريشم واري صنعت تي منفي اثر پوڻ شروع ٿيا.
شيخ رشيد احمد وڌيڪ ٻڌايو ته حڪومت جي بي ڌيانيءَ سبب ريشم جي ڪيڙن جي پالنا وارو کاتو به هڪ قسم جي ڄور ٿي پيو آهي جيڪو عوام جي ٽيڪس تي پلجي رهيو آهي. شيخ رشيد احمد موجب گذريل 10 سالن دوران هي کاتو ريشم جي ريشي وارا ڏهه ڪلو کول به ملڪ اندر آڻي ناهي سگھيو.
شيخ رشيد کان جڏهن اهو پڇيو ويو ته جڏهن هو ملڪ جو وزير هيو ته ان وقت هن ريشم جي صنعت جي بحاليءَ لاءِ ڪي به قدم ڇو نه کنيا ته ان جي جواب ۾ هن جو چوڻ هيو ته ”منهنجا هٿ ٻڌل هئا، جيئن ته وڻن جي ڪاٺ واري مافيا جو اثر و رسوخ مونکان وڌيڪ هيو ۽ ريشم جي صنعت کي ترقي وٺرائڻ ۾ حڪومت کي ڪا به دلچسپي نه هئي ان ڪري مان ڪجهه به نه ڪري سگھيس“.
غيرسرڪاري انگن اکرن مطابق 2005 تائين ڇانگا مانگا ۾ ريشم جي صنعت جون لڳ ڀڳ 5 سو ننڍيون فيڪٽريون ڪم ڪري رهيون هيون ۽ هاڻي مشڪل سان 10 فيڪٽريون موجود آهن. حاجي بلال انصاريءَ به ڇانگا مانگا ۾ ريشم تيار ڪندڙ 10 فيڪٽرين جو مالڪ هيو. هن جي فيڪٽرين ۾ سوين پورهيت ڪم ڪندا هئا ۽ هو ماهورا 60 هزار رپيا منافعو ڪمائيندو هيو، پر جيئن ئي هن صنعت جو زوال شروع ٿيو ته پهرين ئي ڌڪ ۾ هن جون 4 فيڪٽريون بند ٿي ويون ۽ آخرڪار سندس سڄو ڪاروبار ئي هڪ ڏينهن بند ٿي ويو.
علائقي جو دورو ڪرڻ لاءِ پهتل نيوز لينز پاڪستان جي ٽيم سان ڳالهائيندي حاجي بلال انصاريءَ ٻڌايو ته 2002 کان 2005 دوران هن علائقي ڇانگا مانگا ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ ريشم جي ڌاڳن جا 50 هزار ٽن کول تيار ٿيا هئا.
پنهنجي سٺن ڏينهن کي ياد ڪندي نصرت بيبيءَ نيوز لينز پاڪستان سان ڇانگا مانگا ۾ واقع پنهنجي گھر اندر ڪيل ڳالهه ٻولهه دوران ٻڌايو ته هن جو مڙس ريشم تيار ڪندڙ فيڪٽرين ۾ ڪم ڪندو هيو ۽ هوءَ گھر اندر ريشم جي ڪيڙن جي پالنا ڪندي هئي. 6 سالن کانپوءِ هن هڪ ڀيرو ٻيهر ريشم جي ڪيڙن جي پالنا وارو ڪم شروع ڪيو آهي پر هاڻي انهن جو تعداد تيزيءَ سان گھٽجي رهيو آهي. ڇانگا مانگا ۾ رهندڙ اسانجي خاندان جا سڀ ڀاتي ريشم اپائڻ واري ڪِرت سان لڳل آهن.
خاندان جو هر هڪ ڀاتي 4 کُڏن اندر ريشم جي ڪيڙن جي پالنا ڪري رهيو آهي. هر هڪ کُڏ مان ريشم جي ريشي جا 22 ڪلو کول حاصل ٿيندا آهن جن جو في ڪلو اگھ 650 روپيا آهي اهڙي حساب سان سيزن جي آخر ۾ 5 ڀاتين وارو هڪ خاندان آسانيءَ سان 57 هزار 2 سو روپيا ڪمائي وٺندو آهي. ٻهراڙيءَ ۾ رهندڙ هڪ خاندان لاءِ اهي پيسا ڪافي هجن ٿا. حاجي بلال انصاريءَ ٻڌايو ته ريشم جي ڪيڙن جي پالنا واري سيزن فيبروريءَ جي آخري هفتي ۾ شروع ٿيندي آهي ۽ اپريل جي پهرين هفتي ۾ پڄاڻيءَ کي رسندي آهي.
ڇانگا مانگا ٻيلي جي دوري تي آيل ريشم جي پالنا واري کاتي جي سپروائيزر رانا امتياز نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته حڪومت پاران ريشم جي ڪيڙن جي درآمد هڪ ڀيرو وري شروع ڪئي وئي آهي ۽ هن سال بلغاريه مان ڪيڙا برآمد ڪيا ويا آهن. هن ٻڌايو ته بلغاريه مان آندل هڪ پيڪٽ ۾ ريشم جا 20 هزار بيضا آهن ۽ هر پيڪٽ جي قيمت 2 هزار 500 روپيا آهي.
رانا امتياز موجب لڳ ڀڳ 200 پيڪٽ هن سال آبادگارن ۾ ورهايا ويا آهن. جڏهن ته آبادگارن پاران دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ڇانگا مانگا ۾ صرف 35 پيڪٽن اندر پيل ڪيڙن جي پالنا ڪئي پئي وڃي. رانا امتياز کان جڏهن مقامي سطح تي پيدا ٿيندڙ ڪيڙن جي پالنا وارين خوبين متعلق پڇا ڪئي وئي ته هن جو چوڻ هيو ته انهن مان اسان کي مشڪل سان ريشم جي ريشي جا 15 ڪلو کول ملڻ جي اميد آهي. هن اهڙي ڳالهه جي به تائيد ڪئي ته مقامي سطح تي پيدا ٿيندڙ ريشم جي ڪيڙن جي جلد مرڻ جي شرح انتهائي گھڻي آهي.
رانا امتياز ٻڌايو ته پنجاب جي ٻيلي کاتي جي تحقيق واري شاخ پاران “پاپوا” به ٻاهرين ملڪن مان برآمد ڪيو ويو آهي ته جيئن مقامي سطح تي ريشم جي ڪيڙن جو نسل وڌائي سگھجي، پر هن ان ڳالهه جي به تائيد ڪئي ته مقامي سطح تي پيدا ٿيندڙ ريشم جي ڪيڙن جو معيار گھڻو سٺو نه آهي. جڏهن ته مسئلي جو هڪڙو رخ اهو به آهي ته ڇانگا مانگا ۾ پوکيل ملبيري جي وڻن جو معيار به گھٽ درجي وارو آهي.
سپروائيزر رانا امتياز نيوز لينز پاڪستان سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪندي وڌيڪ چيو ته مقامي سطح تي جيڪي وڻ پيدا ٿين ٿا اهي گھڻا گھاٽا ناهن هوندا. انهيءَ موقعي تي پنهنجي کاتي جو دفاع ڪندي رانا امتياز چيو ته ٻيلي کاتي پاران ڪوششون ورتيون پيون وڃن ته ملبيري جي سٺي معيار وارن وڻن جي پوکي ڪئي وڃي.
نيوز لينز پاڪستان سان ٽيليفون وسيلي ڳالهه ٻولهه ڪندي پنجاب جي ٻيلن ۽ جهنگلي جيوت واري وزير ملڪ محمد آصف اعواڻ چيو ته “هتي اهڙا جراثيم پکڙيل آهن جن جي ڪري مقامي وڻن جي پالنا ڪرڻ مشڪل ڪم آهي. اهڙي صورتحال سبب اسانجو کاتو فيصل آباد جي زرعي يونيورسٽيءَ ۽ نمل ڪاليج ميانواليءَ جي سهڪار سان ان مسئلي جو حل ڳولڻ لاءِ کوجنا ڪري رهيو آهي، پر کيس اها خبر ناهي ته اها کوجنا ڪڏهن مڪمل ٿيندي.
جڏهن ته صوبائي وزير پاران اها ڳالهه تسليم ڪئي وئي ته ٻيلي کاتي ۾ هن شعبي جي ماهر ماڻهن جي کوٽ آهي. هن وڌيڪ چيو ته “ٻيلي کاتي ۾ ڪم ڪندڙ اڪثر ملازم نتيجا خيز ڪم نه پيا ڪن ۽ اهي ڪرپشن ۾ پڻ ملوث آهن. نيوز لينز پاڪستان پاران جڏهن وزير کان اهو پڇيو ويو ته حڪومت اهڙن ٺڳن جي ڪم کي ڇو نظرانداز ڪري رهي آهي ۽ سندن خلاف ڪارروائي ڇو نه پئي ڪئي وڃي، ته ان جي جواب ۾ وزير پنهنجي عهدي جو دفاع ڪندي حيران ڪري ڇڏيندڙ جواب ڏنو ته “ملازمن کي صرف ان ڪري نوڪرين مان ته ڪڍي نه ٿو سگھجي ته اهي ڪوئي ڪم نه پيا ڪن ۽ هن جي ته اها ذميواري آهي ته سندن روزگار جو تحفظ ڪري“.
هن معاملي سان لاڳاپيل ماهرن جي راءِ آهي ته ريشم جي صنعت کي زوال طرف ڌڪڻ ۾ حڪومت کان وٺي ريشم تيار ڪندڙ هر هڪ شراڪت دار تائين سڀ برابر جا حصيدار آهن.