لاهور (دردانه نجم وٽان) اسڪولن اندر پنجابي يا ڪنهن ٻي علائقائي ٻوليءَ کي شامل رکندي تعليم ڏيڻ مٿان ڄڻ ته عام پابندي پيل آهي. اهڙي جهجهڪ جون پاڙون ان سوچ ۾ کتل آهن جنهن تحت اهو تصور عام آهي ته ابتدا کان ئي تعليم انگريزيءَ ۾ ڏيڻ سان ٻار روشن خيال ۽ سڌريل ٿي پوندو.
لاهور جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول شڌاول ماجها جي اڳوڻي استاد اقبال قيصر نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو ته ڪاليجن ۽ هاءِ اسڪولن اندر سيڪنڊري سطح جي تعليم دوران انگريزيءَ تي حد کان وڌيڪ زور هجڻ سبب پنجاب ۾ ڄڻ ته ترجمي نگارن جي واڌ ڪئي پئي وڃي. تعليم بابت پاڪستان ۾ جڙندڙ هر هڪ ڪميشن سختيءَ سان تاڪيد ڪري ٿي ته ٻار کي پرائمري سطح جي تعليم ان جي مادري ٻوليءَ ۾ ڏني وڃڻ گھرجي.
اهي لفظ جيڪي ٻار پنهنجي گھر ۾ استعمال ڪندو آهي اهي ان وقت بيڪار ٿي پوندا آهن جڏهن اسڪول ۾ مٿس هڪ ٻي ٻوليءَ پڙهڻ ۽ ڳالهائڻ لاءِ زور ڀريو ويندو آهي. اقبال قيصر جو چوڻ آهي ته سڄي پنجاب صوبي ۾ ڪٿي به مادري ٻوليءَ ۾ تعليم نه پئي ڏني وڃي، جنهن ڪري شاگردن پاران تعليم اڌ ۾ ڇڏي وڃڻ واري شرح هن صوبي ۾ ٻين کان گھڻي آهي. لڳ ڀڳ 50 سيڪڙو شاگرد پنجين درجي کان پهريان اسڪول ڇڏي ڏين ٿا. صرف 25 سيڪڙو شاگرد ميٽرڪ تائين پهچن ٿا جڏهن ته صرف 2 يا 3 سيڪڙو شاگرد ڪاليج ۽ يونيورسٽيءَ تائين تعليم جاري رکن ٿا.
تعليم جي حاصلات لاءِ مادري ٻوليءَ تي انحصار ڪرڻ جي سلسلي ۾ سنڌ، خيبرپختونخواه ۽ بلوچستان ۾ صورتحال گھڻي بهتر آهي. انهن ٽنهي صوبن ۾ اهڙا قانون پاس ٿيل آهن جن تحت مادري ٻوليءَ جو مضمون لازمي پڙهائڻو پوي ٿو. ٻولين جي ماهرن جو چوڻ آهي ته اسان کي گھرجي ته اردو زبان ۾ تعليم ڏيڻ متعلق به ساڳي نوعيت جا قدم کڻڻ گھرجن.
هڪ اهڙو ٻار جنهن جو خانداني پسمنظر غربت وارو هجي ۽ هن جي گھر جو ماحول انگريزيءَ سان مطابقت رکندڙ نه هجي ته اهڙي صورت ۾ کيس تعليم انگريزيءَ ۾ ڏيڻ جو نتيجو اهو نڪرندو ته هن لاءِ پڙهائيءَ وارو عمل نه صرف ڏکيو ٿي پوندو پر اهو هن لاءِ بي لاڀ به ٿي پوندو.
اهڙيءَ ريت اسان هڪ ٻئي پٺيان ڪيترن ئي نسلن کي رٽو هڻي پڙهڻ تي هيرائي وڌو آهي.
لاهور يونيورسٽي آف مئنيجمينٽ سائنسز (لمس) ۾ هيومينٽيز اينڊ سوشل سائنسز ڊپارٽمينٽ جي ايسوسيئيٽ پروفيسر فرخ عباس خان نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو ته اها بس هڪ ڏند ڪٿا آهي ته ٻولي توهان کي تهذيب يافته ۽ نفيس بڻائيندي آهي. اهو غلط تصور آهي. پروفيسر فرخ وضاحت ڪندي وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن اسان پرائمري تعليم پنجابيءَ ۾ ڏينداسين ته اسان اڳتي وڌڻ واري ڊوڙ ۾ پوئتي رهجي وينداسين.
ان قسم جي سوچ پنجابي ثقافت سان جڙي ويل ڪجهه روايتي مفروضن جي بنياد تي زور وٺي چڪي آهي. جيتري روانيءَ سان اسان يا ڪو ٻيو پنجابي ڳالهائڻ شروع ڪندو ته سامهون وارو ماڻهو اسان کي صوفي يا اڻ سڌريل سمجهندو. اهو پاڪستان ۾ هڪ تعليمي بغض آهي ته مادري ٻولين بابت مقامي ماڻهن جي حساس جذبن کي اهميت ڏيڻ کانسواءِ ئي اردوءَ ۽ انگريزيءَ ۾ تعليم ڏيڻ وارو طريقو لاڳو ڪيو ويو آهي.
هن اهو پڻ چيو ته هڪ کان پوءِ ٻئي، انيڪ اڀياسن ۾ ٻار کي مادري ٻوليءَ ۾ تعليم ڏيڻ جي اهميت کي تسليم ڪيو ويو آهي، پر اسان جي پاليسي ٺاهيندڙن جي ذهن ۾ الائي ته ڇو، نه ته تعليم جي شعبي جا خراب نتيجا نه ئي پڙهائيءَ جا بيڪار اثر ڪنهن نئين سوچ کي اپنائڻ جو خيال پيدا ڪري سگھيا آهن.
گڏيل قومن جي اداري يونيسڪو پاران هن سال مادري ٻولين جي عالمي ڏينهن تي جاري ڪيل رپورٽ جو ته عنوان به هي رکيو ويو آهي ته توهان جنهن کي سمجهي ئي نه سگھندئو ته توهان اها سکي ڪيئن سگھندئو؟.
تعليم لاءِ جاکوڙيندڙن پاران مادري ٻوليءَ ۾ تعليم نه ڏيڻ کي تعليم حاصل ڪرڻ بابت حقن جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو وڃي ٿو، جڏهن ته پاڪستان جو آئين به تعليم بابت حق کي ٻولين سان جوڙي ٿو.
آئين جي شق 251 اهو اختيار ڏئي ٿي ته رياست اردوءَ کي ملڪ جي سرڪاري ٻوليءَ طور رائج رکندي ۽ صوبن مٿان اها ذميواري لاڳو هوندي ته اهي تعليمي ادارن ۾ مقامي ٻولين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ جوڳا قدم کڻندا.
قانون مطابق، آئين جي شق 251 کي آئين جي لاڳو ٿيڻ واري پهرئين ڏينهن کان وٺي 15 سالن دوران عملي صورت ۾ لاڳو ڪرڻو آهي. اهو مدو 1998 ۾ پورو ٿيڻو هيو ۽ توڙي جو هن وقت تائين 27 سال گذري چڪا آهن پر اهو قانون اڃان به لاڳو ناهي ٿي سگھيو.
حڪومت پاران آئين جي شق 251 کي لاڳو ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وڃڻ جي خلاف هڪ شهري ڪوڪب اقبال پاران داخل ڪيل پٽيشن تي فيصلو ڏيندي سپريم ڪورٽ پاران وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي هدايت ڪئي وئي ته اردوءَ کي سرڪاري ٻولي تسليم ڪندي رائج ڪيو وڃي ۽ علائقائي ٻولين کي تعليم ڏيڻ جو وسيلو بڻايو وڃي.
انهن سببن، جن جي ڪري پنجابي زبان کي تعليم ڏيڻ جي وسيلي طور ڪمتر سمجهيو وڃي ٿو، بابت نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي پاڪستان پنجابي ادبي بورڊ جي صدر مشتاق صوفيءَ چيو ته جيستائين هڪ زبان کي معاشي فائدن ۽ عزت جي حاصلات جو وسيلو نه سمجهيو ويندو تيستائين اها زبان ڳالهائڻ وارا ان جي ترقيءَ ۽ اهميت وڌائڻ لاءِ ڪا به جدوجهد ناهن ڪندا. پنجابي زبان ان ڪري پوئتي پيل آهي جو ان جي مالڪي نه پئي ڪئي وڃي. اهڙي صورتحال ۾ جڏهن نوڪري ۽ حيثيت حاصل ڪرڻ جو وسيلو انگريزي بڻيل هجي ته اهڙي صورت ۾ اسان اردوءَ ۽ ان بعد پنجاب ۾ ڳالهائجندڙ ٻين ٻولين سان پنهنجو لاڳاپو وڃائي ويهون ٿا.
پنجابي زبان جي تاريخ بابت ڳالهائيندي مشتاق صوفيءَ نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته پنجابي زبان جي ادبي تاريخ 1 هزار سال پراڻي آهي. اها ڳالهه تمام گھٽ ماڻهو ڄاڻن ٿا ته مغل سلطنت جو آخري بادشاهه بهادر شاهه ظفر اڪثر ڪري پنجابي ٻوليءَ ۾ شاعري ڪندو هيو. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته پنجابي انهن وقتن ۾ به مان ۽ مرتبي واري زبان هئي. انگريزن جي ننڍي کنڊ ۾ اچڻ بعد اهڙا قدم سوچي سمجهي کنيا ويا جن جي ڪري پنجابي زبان جي حيثيت کي ڪمتر ڪيو ويو ته جيئن پنجابي زبان ڳالهائيندڙن جو پنجابي زبان سان تعلق ڪمزور ڪيو وڃي.
اهڙي دشمنيءَ جو سبب اهو هيو ته انگريزن کي پنجاب پرڳڻي جو سِک حڪمران راجا رنجيت ان وقت جنگين ۾ مستقل طور تي شڪست ڏيندو رهيو ٿي. ڏهن سالن جي طويل جنگين کانپوءِ ئي انگريز 1849ع ۾ پنجاب کي فتح ڪرڻ جي قابل ٿي سگھيا. ان بعد پنجابي پاڻمرادو ئي پنهنجي ثقافت ۽ ٻوليءَ سان نفرت واري رويي کي اپنائيندا رهيا.
پاڪستان پنجاب ادبي بورڊ پاران 21 فيبروري 2016 تي مادري ٻولين جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان هڪ ريليءَ جو اهتمام ڪيو ويو. پنجاب حڪومت جي هڪ صوبائي وزير ۽ ٻين نمايان حڪومتي شخصيتن ان ريليءَ ۾ شرڪت ڪئي. انهن شخصيتن پاران واعدو ڪيو ويو ته اهي تعليمي ادارن ۾ پنجابي زبان کي تعليم حاصل ڪرڻ جي ذريعي طور لاڳو ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪندا.
پنجاب ادبي بورڊ پاران لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ هڪ پٽيشن پڻ داخل ڪئي وئي آهي جنهن ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته عدالت حڪومت کي حڪم ڏئي ته اها ٻوليءَ کي لاڳو ڪرڻ لاءِ ڪيل واعدن تي عمل ڪندي هڪ بل جي مسودي جي منظوري ڏئي. انهيءَ بل، جنهن کي پنجاب پروموشن آف مدر لينگويجز ايز ڪمپلسري ايڊيشنل سبجيڪٽ ايٽ پرائمري ليول ايڪٽ 2015 جو نالو ڏنو ويو آهي، ان جو مسودو به عدالت ۾ جمع ڪرايو ويو آهي.
پنجاب انسٽيٽيوٽ آف لينگويجز، آرٽ اينڊ ڪلچر جي ڊائريڪٽر صغريٰ صدف نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ٻڌايو ته بل جو جيڪو مسودو تيار ڪرايو ويو آهي اهو پنجاب حڪومت جي قانون واري کاتي وٽ پيل آهي.
صغريٰ صدف وڌيڪ چيو ته 21 فيبروريءَ تي ملهايل مادري ٻولين واري ڏينهن جي هڪ تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ کانپوءِ پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف پڻ اهو محسوس ڪيو آهي ته پاڪستان جي 48 سيڪڙو عوام پاران ڳالهائي ويندڙ پنجابي زبان کي پرائمري اسڪولن جي سطح تي متعارف ڪرائڻ ۽ هٿي وٺرائڻ لاءِ قدم کڻڻ گھرجن.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here