پشاور (سلمان يوسفزئيءَ وٽان) ڳاڙهين اکين ۽ سست بدن سان 7 ماڻهو هڪ ڪمري ۾ ويٺل آهن. ان اونداهي ۽ ننڍڙي ڪمري ۾ هو ايئن سوڙها ٿيا ويٺا هئا ڄڻ هڪ عورت جي جهوليءَ ۾ ست ٻار هجن، ان گرم ۽ پرسڪون لڳندڙ ڪمري جي فضا مان سندن ساهن مان ايندڙ ڪيميڪل جي ڌپ شدت سان محسوس ٿي رهي هئي.
هو هڪ ٻئي سان گوڏو گوڏي ۾ ڏئي ايئن ويٺل هيا جو ان وقت ڪنهن کي ٿيڙ اچي رهيو هيو ته ان کي ٽيڪ ملي ٿي وئي، پر هو هڪ ٽِڪ ويهي نه پئي سگھيا ۽ لڏندا لمندا ئي رهيا.
ڪمري ۾ ڪجهه شاگرد هئا، هڪ مڪينڪ، ٻيو ڏهاڙيءَ تي مزدوري ڪندڙ هيو. جڏهن ته هڪ ڄڻو اهڙو هيو جيڪو پنهنجي روزگار جو سانگو پاڻ ڪندو هيو، پر هو پنهنجي ڪِرت بابت ڪجهه به ٻڌائڻ کان نٽائي رهيو هيو. هنن جي ڳالهين، رويي ۽ ڪهاڻين مان اهو اندازو آسانيءَ سان لڳي ٿي ويو ته اهي سڀ مڊل ڪلاس سان تعلق رکندڙ آهن.
هڪ ڪنڊ ۾ ويٺل 30 سالن جي احمد خان ٻڌايو ته هن پهريون دفعو جڏهن هي نشو آزمائي ڏٺو ته کيس پنجن ڏينهن تائين ننڊ نه آئي. هن اها ڳالهه عام نشي آور مادي ”ڪرسٽل ميٿافيٽامن“ کي واپرائڻ وارن مٿان پوندڙ اثرن بابت پنهنجي خيال ۽ سگھ متعلق تجربو ٻڌائيندي چئي. هن جو چوڻ هيو ته ”مون پنج ڏينهن ننڊ نه ڪرڻ باوجود زندگيءَ جو ڀرپور مزو ماڻيو“.
پشاور جي ان ننڍڙي ڪمري ۾ گڏ ٿيل ماڻهن جي گڏجاڻي، توڙي جو ڪا موج مستيءَ واري پارٽي نه هئي پر ان هوندي به ان ڪمري ۾ هر روز گڏ ٿي برف جهڙي اڇي پائوڊر جا ڪش هڻندڙ ماڻهن لاءِ اهو عمل نه کٽندڙ لطف ۽ سُرور ڏيندڙ آهي.
توڙي جو خيبرپختونخوا جي قانون ٺاهيندڙن ۽ قانون تي عمل ڪرائيندڙ ادارن پاران ان مسئلي جي حل بابت قدم کڻڻ ۾ دير ڪئي وئي آهي ان باوجود ”ڪرسٽل ميٿافيٽامن“ جنهن کي مقامي طور تي “برف” سڏيو وڃي ٿو، ان لاءِ مشهور آهي ته اها هيروئن جو متبادل نشو آهي، ان نشي جو ڪاروبار ڪندڙن سان قانون مطابق ڪيئن منهن ڏجي ڇو ته قانون ۾ اهڙي قسم جي نشي کي ٻنجو ڏيڻ بابت ڪي به موقعا يا هدايتون ڏنل نه آهن.
پشاور جي ليڊي ريڊنگ اسپتال جي نفسيات بابت اسسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر ميان مختار الحق عظيم ٻڌايو ته پشاور ۾ ملندڙ برف هٿرادو ڪيميڪل آهي. نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر مختار الحق چيو ته هيروئن يا آفيم ته ٻوٽن مان حاصل ڪئي ويندي آهي پر انهن جي ابتڙ هي نشو ماڻهو هٿرادو طور تي تيار ڪندا آهن.
جڏهن ته خيبر پختونخواه صوبي جي آءِ جي پوليس ناصر درانيءَ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته پوليس ان نشي جو ڪاروبار ڪندڙن توڙي نشو واپرائيندڙن خلاف ان نشي جي قانوني حيثيت جو جائزو وٺڻ بعد قانون مطابق ئي سڄي صوبي ۾ ڪريڪ ڊائون ڪندي.
پشاور ۾ آسانيءَ سان ملي ويندڙ ”برف“ جا مختلف اگھ آهن. مقامي طور تي تيار ٿيندڙ برف جا اگھ هيروئن ۽ آفيم کان به وڌيڪ آهن. ان نشي جي عادي هڪ شخص محمد عليءَ نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته هو مقامي مارڪيٽ مان برف جو هڪ گرام 15 سو روپين کان 3000 روپين تائين خريد ڪندو آهي. ميٿافيٽامن کي مختصر نالي طور ”ڪرسٽل“ يا “ميٿ” به سڏيو ويندو آهي ۽ اها ايفيڊرين مان ڪيميڪلز کي مختلف مرحلن مان گذاري تيار ڪئي ويندي آهي. اهو نشو جوش ۽ جسماني سگھ کي ڊگھي وقت تائين وڌائي ڇڏيندو آهي، پر طب جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ان نشي جي عادي ماڻهن کي جسماني ۽ ذهني صحت جي رخ کان ان جوش ۽ سگھ جي ڳري قيمت ادا ڪرڻي پوندي آهي.
ڪمري ۾ ويٺل 7 ڄڻن مان هڪ 30 سالن جو جانان خان آهي. هن جو هڏائون پڃرو لڳندڙ جسم به، سندس ”ميٿ“ نشي جي عادي هجڻ جي اثرن بابت گھڻو ڪجهه ٻڌائي رهيو هيو. هن جو چوڻ هيو ته هو اهڙي نشي جو عادي ٿي چڪو آهي جنهن مان سندس جند آجي نه ٿي، ٿي سگھي. ”مون صرف هڪ دفعو هن نشي کي چکي ڏٺو پوءِ ته بس هن مونکي جڪڙي ورتو“ جھيڻي آواز ۾ هن اهو پڻ ٻڌايو ته ان نشي جي عادت کانئس پيءُ، ماءُ، زال، ٻه ٻار، دوست، دولت ۽ ايتري تائين جو روزگار به کسي ورتو آهي.
پشاور شهر جي پراڻي حصي جو رهواسي لانڪي خان، جيڪو بيڪرين لاءِ ڪيڪ ٺاهڻ جو ماهر ڪاريگر هيو، ان ٻڌايو ته هن نشي جو عادي ٿيڻ کان اڳ هو هڪ بيڪريءَ تي ڪم ڪندو هو پر بعد ۾ ته نوڪري به وڃائي ويٺوجنهن مان سٺا پيسا ڪمائي وٺندو هو. لانڪي خان اهو پڻ ٻڌايو ته هاڻي روزانو “برف” جو هڪ گرام واپرائڻ جو عادي آهي ۽ سڄو مهينو نشو ڪرڻ لاءِ هن کي 20 هزار روپيا حاصل ڪرڻا هوندا آهن. ”شروع ۾ ته بس دوستن جي خوشيءَ خاطر مان هڪ يا ٻه ڪش ئي هڻندو هيس، پر ان نشي منهنجي سڄي زندگي برباد ڪري ڇڏي، منهنجي گھرڀاتين مونکان لاتعلقي ڪري ڇڏي، منهنجي گھرواري منهنجي خراب رويي ۽ نشي جي عادت جي ڪري ٻار ساڻ ڪري هلي وئي“.
هن اهو پڻ ٻڌايو ته نشي جي عادت پوري ڪرڻ لاءِ هن زال جا زيور 80 هزار روپين ۾ وڪرو ڪري ڇڏيا هئا. ”مون ان نشي مان پنهنجي جند آجي ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي، ڪجهه وقت ڇڏي به ڏنم پر صرف هڪ هفتي بعد ٻيهر واپرائڻ شروع ڪري ڏنم“.
”نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ڊرگ ابيوز“ پاران ميٿافيٽامن متعلق جاري ڪيل اڇي چٺي مطابق ان نشي کي گھڻي وقت تائين استعمال ڪرڻ سبب انسان جي جسماني صحت تي انتهائي منفي اثر پوندا آهن. ان نشي سبب وزن تمام گھڻو گھٽجي ويندو آهي، ڏندن تي شديد منفي اثر پوندا آهن ۽ چمڙيءَ جي خارش جو مرض به ٿي ويندو آهي. ميٿافيٽامن جي استعمال سبب ايڇ آءِ وي يا ايڊز، هيپاٽائيٽس بي ۽ سي جي مرض ۾ مبتلا ٿيڻ جا امڪان وڌي ويندا آهن.
اهي مرض نشي واپرائڻ خاطر ساڳي سرنج استعمال ڪرڻ يا جنسي عمل سبب ٿيڻ جو خدشو رهندو آهي. ميٿافيٽامن جو نشو ڀلي ته ڪهڙي به طريقي سان واپرايو وڃي، اهو نشو فيصلي جي سگھ ۽ جياپي جي سليقي کي بگاڙي وجهندو آهي، جنهن ڪري اهو نشو عادي ماڻهن کي جنسي عمل ڪرڻ ۽ هڪ ٻئي جون شيون استعمال ڪرڻ واري خطرناڪ رجحان ڏانهن لاڙي وٺندو آهي.
لانڪي خان ٻڌايو ته پشاور ۾ ان نشي جو ڪاروبار ڪندڙن جو تعلق گھڻو ڪري خيبرايجنسيءَ سان آهي جتي هيروئن ۽ آفيم پڻ تيار ٿيندي آهي، جيڪي عام طور تي ملڪ جي مختلف علائقن ڏانهن اماڻيون وينديون آهن پر انهن جي اسمگلنگ ٻين ملڪن ڏانهن به ڪئي وڃي ٿي. انهن نشي آور شين جي تياري ۽ وڪرو گھڻي ڀاڱي پشاور
۾ ويٺل ماڻهن جي نگرانيءَ ۾ ٿئي ٿو. جڏهن ته پشاور، مردان، نوشهره ۽ چارسده سان تعلق رکندڙ موالي نشو خريد ڪرڻ خاطر پنهنجي سِر پاڻ به خيبر ايجنسي ويندا آهن. 2014 ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبليءَ جي ميمبر حنيف عباسيءَ خلاف عدالت ۾ ڪيس داخل ڪرايو ويو هيو ته هن پاران 2010 ۾ نشي جي اسمگلرن کي 500 ڪلوگرام ايفيڊرين فراهم ڪئي وئي هئي.
ڪمري ۾ ويٺل ستن ڄڻن مان هڪ سرڪاري کاتي ۾ ڊرائيور طور نوڪري ڪندو آهي ان ڪري هن پنهنجو نالو ظاهر ڪرڻ کان معذرت ڪئي. ان پاران ٻڌايو ويو ته ”مان گذريل 4 سالن کان برف استعمال ڪري رهيو آهيان، جڏهن ته هڪ ڀيري مون 30 هزار روپين جي برف ورتي ۽ سڄو مهينو هڪ ڪمري ۾ رهي نشو ڪيم ۽ هڪ گھڙيءَ لاءِ به ڪمري کان ٻاهر نه نڪتم“.
25 سالن جو اعجاز آفريدي، جيڪو خيبر ايجنسيءَ جو رهاڪو آهي،کي پشاور جي ليڊي ريڊنگ اسپتال جي نشي مان جند آجي ڪرائڻ واري شعبي ۾ علاج خاطر داخل ڪرايو ويو، ان ٻڌايو ته هن اسپتال ۾ 12 ڏينهن گذاريا آهن ۽ نشي مان جند آجي ٿي وئي اٿس، پر اعجاز آفريديءَ کي اهو خوف پڻ آهي ته مالي پريشانين جي دٻاوَ سبب هو ٻيهر نشي جي عادت جو شڪار ٿي سگھي ٿو. هن اهو پڻ ٻڌايو ته خيبر ايجنسِيءَ جو شهر جمرود نشو وڪڻندڙن توڙي نشو واپرائيندڙن ٻنهي لاءِ جنت بڻيل آهي.
”پوليس اهلڪار اڃان هِن نشي کان چڱيءَ ريت واقف ناهن ٿيا، خيبرايجنسيءَ سان تعلق رکندڙ نشي جا واپاري پشاور ۾ اهڙا ماڻهو هٿ ڪري وٺن ٿا جيڪي سندن مال، ملڪ جي ٻين شهرن سميت پشاور ۾ وڪرو ڪندا آهن. نوجوان ۽ ايتري تائين جو سلجهيل ماڻهو به برف خريدڻ تي ڳچ پيسا وڃائين ٿا جنهن جي ڪري اهو نشو ٺاهيندڙ ۽ وڪرو ڪندڙ ڪروڙين روپيا ڪمائي رهيا آهن“.
اعجاز آفريديءَ ٻڌايو ته هنن جي شهر ۾ 4 کان 5 ماڻهو ”برف“ نشو وڪڻندا آهن پر ڪير به سندن رستي روڪڻ لاءِ موجود نه آهي. ليڊي ريڊنگ اسپتال جي نشي مان بحاليءَ واري شعبي جي ميڊيڪل آفيسر فدا محمد پاران ٻڌايو ويو ته نشي جي عاديءَ کان نشو ڇڏرائڻ لاءِ چند هفتن جو علاج ۽ پرهيز ئي ڪافي نه آهي. معمول واري زندگيءَ جي بحاليءَ لاءِ گھٽ ۾ گھٽ هڪ سال گهربل هوندو آهي.
خيبر ايجنسيءَ جي هڪ ٻئي رهاڪو، جنهن پنهنجو نالو ظاهر ڪرڻ کان انڪار ڪيو، ان ٻڌايو ته “برف” نشو 2010 ۾ سڀ کان پهريان پشاور ۽ ان ڀرپاسي وارين وسندين ۾ متعارف ڪرايو ويو. جيڪو شفاف ٽڪڙن جي صورت ۾ ٺهيل هوندو هيو. هن اهو پڻ ٻڌايو ته اهو گھڻي ڀاڱي سگريٽ جيان ٻاري ان جا ڪش هنيا ويندا آهن يا وري ڪنهن مشروب ۾ ڳاري ان سان گڏ پيتو ويندو آهي.
ڊاڪٽر ميان عظيم نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته وڏن گھراڻن جا خاص ڪري نوجوان ڇوڪرا يا اهي ماڻهو جيڪي پنهنجي گھرن کان پري هاسٽلن ۾ زندگي گذاريندا آهن اهي برف واپرائيندا آهن، پر هاڻي ته غريب ۽ مڊل ڪلاس سان تعلق رکندڙ پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو به پنهنجي ذهن کي هلڪو ڪرڻ لاءِ اهو نشو واپرائڻ لڳا آهن ۽ نشي واپرائڻ وارن کي اهو يقين هوندو آهي ته برف سندن ذهن کي چاڪ ۽ چوبند ڪري ڇڏي ٿي.
پشاور پوليس پاران فراهم ڪيل معلومات مطابق پوليس ٿاڻي خزانو ۽ رازق آباد جي حدن ۾ برف وڪڻندڙن ۽ واپرائيندڙن خلاف ڪارراوئي ڪري ڪيترائي ماڻهو گرفتار ڪيا ويا. پشاور پوليس جي هڪ عملدار، نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي، ڇو ته هن کي ميڊيا سان ڳالهائڻ جا اختيار حاصل نه آهن، چيو ته پوليس پاران برف وڪرو ڪندڙن مٿان سيڪشن 9B-CNSA ۽ اهو نشو واپرائيندڙ مٿان سيڪشن 9A-CNSA تحت ڪيس داخل ڪيا ويا.
منشيات روڪڻ بابت اهي قانون آفيم وڪرو ڪندڙن ۽ واپرائيندڙن مٿان لاڳو ٿيندا آهن. جن جي سزا عام طور تي ٻه يا ٽي ڏينهن جيل ۾ قيد ۽ ان سان گڏ 500 روپين تائين ڏنڊ ساڻ هوندي آهي. خيبر ايجنسيءَ سان تعلق رکندڙ نشي جي واپاريءَ، سندس نالو راز ۾ رکڻ جي شرط تي ٻڌايو ته “ميٿ” يا “برف” نشو مقامي مارڪيٽ مان انتهائي آسانيءَ سان خريد ڪري سگھجي ٿو. صرف پشاور ۾ 400 ڄڻا اهو نشو وڪرو ڪن پيا.
مٿي جنهن ننڍي ڪمري جو ذڪر ڪيو ويو، ان ڪمري ۾ موجود برف جا عادي موالي گھڻ ڳالهائو ۽ جذباتي نظر آيا پئي ۽ هنن هڪ ٻئي جي ڳالهه کي اڌ ۾ ڪٽيو پئي ۽ هڪ ٻئي کي پورو جملو به ڳالهائڻ نه پئي ڏنو. 24 سالن جي هڪ شخص جنهن جو نالو جمال آهي ان نشي جا ڪش هڻڻ کانپوءِ ٻڌايو ته هو پاڻ کي هاڻي تازو ۽ توانو محسوس ڪري رهيو آهي. هن پنهنجي ڪيفيت ٻڌائيندي چيو ته پهريان ايئن پئي لڳو ڄڻ ته سڄي دنيا جو بار سندس ڪلهن مٿان رکيل هيو پر صرف ٻه ڪش هڻڻ بعد هو پاڻ کي پرسڪون محسوس ڪري رهيو آهي.
ڊاڪٽر مختار اهو پڻ ٻڌايو ته ٻين منفي اثرن کان علاوه اهو نشو واپرائيندڙن کي بک به گھٽ لڳندي آهي جنهن ڪري سندن وزن گھٽجي ويندو آهي، سندن ننڊ ڪرڻ جا معمول تبديل ٿي ويندا آهن،جڏهن ته سندن رويي مان ذهني دٻاءُُ، اداسي، موڳائپ، اڳرائيءَ وارو رويو ۽ بخيليءَ کي محسوس ڪري سگھبو آهي. ”ميٿ نشو پاڻمرادو به موڳائپ، پريشاني، انديشن، خوف، مونجهاري ۽ ڳڻتين جهڙا اثر مرتب ڪرڻ جو سبب بڻجي ٿو“.
نشي مان بحاليءَ واري ليڊي ريڊنگ اسپتال جي شعبي سان واڳيل هڪ ڊاڪٽر ماجد پاران ٻڌايو ويو ته “برف” جو نشو مستقل طور تي ڪندڙ ماڻهن جي دل ۽ دماغ ڏانهن رت منتقل ڪندڙ شريانون بري طريقي سان متاثر ٿينديون آهن جنهن ڪري سندن بلڊ پريشر وڌيل رهندو آهي نتيجي ۾ عام طور تي سندن دل تي دٻاءُ وڌي ويندو يا کين دورو پئجي ويندو آهي ۽ سندن موت به واقع ٿي پوندو آهي.
جڏهن ته نشو واپرائيندڙن جا گردا، ڦڦڙ ۽ لبلبو به متاثر ٿيندا رهندا آهن، جيڪڏهن اهو نڪ وسيلي سِنگهيو ويندو آهي ته نڪ جا ٽشوز متاثر ٿيندا آهن ۽ ساهه وسيلي ڇڪيو ويندو آهي ته ساهه کڻڻ جي نظام ۾ مسئلا پيدا ٿي پوندا آهن پر ساڳيو نشو سئي وسيلي رڳن ۾ لاٿو ويندو ته ٻيون بيماريون وچڙي پونديون آهن، نتيجي ۾ وزن بنهه گھٽجي ويندو ۽ ڏندن ۾ شديد سور رهندو ۽ شديد جسماني ڪمزوري ظاهر ٿي پوندي آهي، ان ڪري به پوءِ ذهني ڇڪتاڻ ۽ ذهني خلل پيدا ٿي پوندو آهي.
ڊاڪٽر ماجد ٻڌايو ته ميٿ نشي کي مستقل طور تي واپرائڻ جو هڪ نتيجو اهو به نڪرندو آهي ته شيزوفيرينيا جا دورا پوڻ لڳندا آهن جنهن جي نتيجي ۾ نشي جا عادي پنهنجي گھرڀاتين، مٽن مائٽن يا ويجهن دوستن کي پنهنجو دشمن تصور ڪرڻ لڳندا آهن. هن اهو پڻ ٻڌايو ته نشي جي عادت ۾ وچڙي مڊل ڪلاس سان تعلق رکندڙ موالي ڪنگال ٿي ويندا آهن ۽ پوءِ نشي جي حاصلات لاءِ چوري ڪرڻ يا پئسن جي حاصلات لاءِ پنهنجي گھرڀاتين سان جهيڙا ڪرڻ به شروع ڏيندا آهن.
پشاور جا اهي موالي جيڪي “ميٿ” يا “برف” واپرائن ٿا انهن جو چوڻ آهي ته جرمنيءَ جو حڪمران هٽلر ٻين عظيم جنگ جي وقتن ۾ پنهنجي فوجين کي اهو نشو واپرائڻ لاءِ همٿائيندو هيو ته جيئن سندن جنگ وڙهڻ واري صلاحيت وڌي وڃي. جڏهن ته منشيات متعلق هڪ ويب سائيٽ “drugfreeworld.com” مطابق ايفيٽامن نالي نشي آور شئي جرمنيءَ ۾ پهريون ڀيرو 1887 ۾ تيار ڪئي وئي ۽ ميٿافيٽامن ان جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ اثرائتو ۽ آسانيءَ سان تيار ٿي سگھندڙ نشي آور مادو آهي. اهو نشي آور مادو پهريون ڀيرو 1919 ۾ جپان اندر تيار ڪيو ويو.
اهو شفاف ٻُورو پاڻيءَ ۾ آسانيءَ سان حل ٿي وڃي ٿو جنهن ڪري اهو سرنج وسيلي رڳن ۾ داخل ڪرڻ لاءِ بهترين محلول ٿي پوندو آهي. ميٿافيٽامن ٻين عظيم جنگ دوران گھڻو واپريو ويو، ڇو ته ٻنهي پاسن جي اختيارين پنهنجي فوجين کي گھڻي وقت تائين جاڳيل رکڻ ۽ ويڙهه وڙهڻ واري رجحان کي قائم رکڻ لاءِ ان جي استعمال کي هٿي وٺرائي.
ان نشي آور دوا جا وڏا ڊوز جاپان جي “ڪامي ڪازي” پائليٽن کي ان وقت ڏنا ويندا هئا جڏهن اهي خودڪش حملن لاءِ روانا ٿيندا هيا. جڏهن ته جنگ کانپوءِ ميٿافيٽامن جو سرنج وسيلي استعمال تڏهن وڌيو جڏهن فوجي مقصدن لاءِ ذخيرو ڪيل اها دوا اتان نڪري عام ماڻهن جي استعمال لاءِ دڪانن تي ميسر ٿي پئي.
ليڊي ريڊنگ اسپتال جي ميڊيڪل آفيسر فدا محمد ٻڌايو ته ان نشي جي عادت کي روڪڻ لاءِ گھربل دوائون ۽ ٻيا وسيلا پشاور ۾ موجود نه آهن جنهن ڪري ان نشي جي عادي ماڻهن جي انگ ۾ اضافي کي منهن ڏيڻ مشڪل ٿي پوندو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ليڊي ريڊنگ جي هن بحاليءَ واري شعبي ۾ صرف 8 بيڊ ۽ خيبر ٽيچنگ اسپتال ۾ صرف 10 بيڊ آهن جيڪي موجوده صورتحال جي حساب سان بنهه ٿورا آهن.