پاڪستان ۾ صحافين جا قاتل آزاد: حڪومت جوڳا اپاءَ وٺڻ ۾ ناڪام

0
2453

لاهور(دردانه نجم وٽان) صحافي زمان محسود کي خبر هئي ته هو تحريڪ طالبان پاڪستان جي نشاني تي آهي پر ان باوجود هو معمول موجب پنهنجي علائقي ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين جي خبر جي ڳولا ۾ گهران نڪتو هو. هن جي ڀاءَ اسلم محسود ٻڌايو ته جڏهن زمان ٽانڪ ۾ آرمي چيڪ پوسٽ ويجهو دبرا مهاجر ڪيمپ وٽ پهتو ته ٻن اڻڄاتل هٿيار بندن کيس پنج گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.

واضح رهي ته هن قتل کان هڪ ڏينهن اڳ 2 نومبر تي ٻين ساٿي سان گڏجي صحافين خلاف ڏوهن تي امپيونٽي (سزا کان بچاءُ) جي خاتمي وارو عالمي ڏينهن ملهايو هو پر کيس اها خبر نه هئي ته ترت ئي هو ان ڏينهن جو موضوع بنجي ويندو، هتي رياست ۽ ميڊيا هائوس صحافين جو تحفظ ڪرڻ کان قاصر آهي. زمان محسود جي قتل جي ذميواري ٽي ٽي پي جي سيف الله گروه قبول ڪئي آهي.

زمان محسود، ٽرائيبل يونين آف جرنلسٽس ڏکڻ وزيرستان چيپٽر جو جنرل سيڪريٽري هو ۽ اردو اخبار امت سان ڪم ڪندو هو، جڏهن ته پاڪستان انساني حقن جي ڪميشن سان پڻ ڪم ڪري رهيو هو.

ڪاميٽي ٽو پروٽيڪٽ جرنلسٽس ( صحافين جي تحفظ لاءِ ڪاميٽي، سي پي جي) جي 2015 واري امپيونٽي انڊيڪس جي انگن اکرن موجب پاڪستان انهن ملڪن ۾ نائين نمبر تي آهي جتي صحافين جا قاتل عدالتي عمل کان آجا هجن ٿا ۽ کين سزائون به ناهن ملنديون. ماهرن موجب امپيونٽي واري رجحان سبب تشدد ۾ واڌارو ٿي رهيو آهي جنهن سبب اظهار جي آزادي جي مخالفن جا حوصلا وڌي رهيا آهن.

انٽرنيشنل فيڊريشن آف جرنلسٽس (آئي ايف جي) 2014 ۾ پاڪستان کي صحافين لاءِ خطرناڪ ملڪ قرار ڏنو آهي. پاڪستان پريس فائونڊيشن (پي پي ايف) جي انگن اکرن موجب 2001 کان وٺي هن وقت تائين 71 صحافي ۽ ميڊيا ورڪر مارجي چڪا آهن، جن ۾ 47 کي ٽارگيٽ ڪري قتل ڪيو ويو. انهن ۾ 28 سالن جو ولي خان بابر 2011 ۾ ڪراچي ۾ قتل ڪيو ويو ۽ ان ئي سال سليم شهزاد اسلام آباد ۾ ماريو ويو، جڏهن ته حامد مير تي ڪراچيءَ ۾ اپريل 2014 ۾ حملو ٿيو، جنهن ۾ 6 گوليون لڳڻ بعد سندس زندگي محفوظ رهي.

هوڏانهن اسلم محسود نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته پوليس ڪجهه شاهدن کان پڇا ڳاڇا ڪئي پر اڃان تائين ڪجهه به ناهي ٿي سگهيو، اسان پوليس سان رابطي ۾ آهيون. ان حوالي سان جڏهن ضلعي پوليس آفيسر رسول شاه سان رابطو ڪيو ويو ته هن نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته اڃان تائين ڪنهن کي به گرفتار ناهي ڪيو ويو ۽ ان جي ويجهي مستقبل ۾ اميد به گهٽ آهي، ڇاڪاڻ ته ٿي سگهي ٿو ته قاتل ڏکڻ وزيرستان ڀڄي ويا هجن، جيڪو ٽانڪ جي ڀرسان آهي ۽ اهو علائقو سندن حدن ۾ نٿو اچي.

ٻئي طرف ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ ٽانڪ جي سربراه نور محمد نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته کين ان حوالي سان ڪو فائيل يا هدايتون ناهن مليون، ان ڪري هنن ڪابه جاچ شروع ناهي ڪئي. ياد رهي ته زمان محسود جو ڪيس دهشتگردي ٽوڙ ايڪٽ تحت داخل ڪيو ويو آهي.

روزاني فرنٽيئر پوسٽ جي ايڊيٽر رحمت خان آفريدي جو چوڻ هو ته حڪومت عوام کي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام رهي آهي، هن وقت تائين ڪراچي ۽ ملڪ جي ٻين حصن ۾ ماڻهن کي ماريو پئي ويو. هن نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته اسانجي پوليس تربيت يافته ناهي، ساز و سامان مڪمل ناهي ۽ نه ئي اها آزاد آهي ته هو ڪيسن جي جاچ ڪري سگهي ان ڪري پراسيڪيوشن جو عمل متاثر ٿئي ٿو.

رپورٽر ودآئوٽ بارڊر جي نمائندي اقبال خٽڪ ٻڌايو ته پاڪستان ۾ 2002 ع کان هن وقت تائين 100 صحافي ماريا ويا آهن ۽ انهن مان رڳو ٻن ولي بابر ۽ ڊينئل پرل ڪيسن جي پراسيڪيوشن ۽ سزا ٿي سگهي. لداه پريس ڪلب جي اڳوڻي صدر فاروق محسود جو خيال هو ته نيشنل ايڪشن پلان بعد صحافين لاءِ خطرا وڌي ويا آهن ڇاڪاڻ ته ان ۾ پابندي پيل تنظيمن جي ڪوريج تي بندش هنئي وئي آهي پر اهي تنظيمون ان کي پنهنجي معلومات تائين پهچ ۽ راءِ جي اظهار جي آزادي واري حق خلاف تصور ڪن ٿيون.

پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي اڳوڻي سربراه مظهر عباس چيوته پابندي پيل تنظيمن جي ڪوريج تي بندش کان اڳ حڪومت ۽ ميڊيا هائوسز کي صحافين جي تحفظ لاءِ قدم کڻڻ گهربا هئا پر ائين نه ٿيو. هن نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته بلوچستان هاءِ ڪورٽ پڻ اهڙي پابندي هنئي هئي جنهن جي نتيجي ۾ صحافين خلاف تشدد ۾ واڌ آئي ۽ ڪافي صحافين کي دهشتگري ٽوڙ عدالتن کي منهن ڏيڻو پيو. هن وڌيڪ چيوته ميڊيا مالڪان پگهارون صحيح نه پيا ڏين، جڏهن ته ٻهراڙين ۾ صحافين پاران هڪ کان وڌيڪ ادارن سان ڪم ڪرڻ سبب رپورٽنگ جي ڪوالٽي متاثر ٿئي ٿي ۽ خطرو به وڌي وڃي ٿو.

سي پي جي، جي بورڊ ميمبر ڪيٽي مارٽن جو هڪ انٽرويو ۾ چوڻ هو ته هو پاڪستان جي وزير اعظم نوازشريف سان صحافين تي تشدد خلاف ڪافي وقت کان لک پڙهه ڪري رهيا آهن پر حڪومت پاران ڪي خاص اپاءَ ناهن ورتا ويا.

اطلاعات واري وفاقي وزير پرويزرشيد، نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته حڪومت اسپيشل پراسيڪيوٽر مقرر ڪيو آهي ۽ هاٽ لائين تيار ڪئي وئي آهي. جڏهن ته شاهدن جي تحفظ لاءِ خاص سسٽم متعارف ڪيو آهي ته جيئن ولي خان بابر ڪيس جي 11 شاهدن جي مارجڻ وارو ڪم نه ٿئي. جڏهن ته نيوز لينز پاڪستان پاران وفاقي وزير کان حامد مير جي ڪميشن بابت پڇيو ويو ته هن ان جي سڄي ذميواري ججن مٿان وجهي ڇڏي.

حامد مير جو چوڻ هو ته 18هين ترميم بعد امن امان صوبائي حڪومتن جي ذميواري آهي ۽ انهن کي صحافين کي تحفظ فراهم ڪرڻو هيو. هن چيو ته اسلام آباد جي حد تائين صحافي ۽ ميڊيا هائوسز محفوظ آهن.

هوڏانهن خيبرپختونخواه جي اطلاعات واري سيڪريٽري عابد مجيد، نيوزلينز پاڪستان کي ٻڌايو ته حڪومت ”جرنلسٽس اينڊائونمينٽ فنڊ“ قائم ڪيو آهي ته جيئن مارجي ويل صحافين جي وارثن کي معاوضو ڏئي سگهجي. اسان صحافين جي خاندان کي 10 لک روپيه فراهم ڪري رهيا آهيون ۽ ان جو طريقو اهو آهي ته لاڳاپيل پريس ڪلب صحافي جو ڪيس اسانکي موڪليندي آهي. زمان محسود جي حوالي سان کين اڃان تائين ڪا به درخواست ناهي ملي.

ٻئي طرف اطلاع آهن ته زندگين کي خطرن سبب صحافي نصير اعظم محسود ۽ فاروق محسود، ڊيراغازي خان ۽ ڏکڻ وزيرستان مان لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿيا. اهي ٻئي صحافي 2014 ۽ 2015 کان نيوز لينز پاڪستان سان ڪم ڪري رهيا آهن. هوڏانهن ويڙهاڪن لداه پريس ڪلب جي صدر شاه زمان کي پڻ اغوا ڪري ورتو هو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here