ٿر واسي توانائيءَ جا وسيلا هئڻ باوجود روشنين کان محروم

0
1795

: Photo By News Lens Pakistan / Matiullah Achakzai

عمرڪوٽ (رپورٽ: الله بخش آريسر) ٿر واسي 60 ورهين جو پورهيت دوست محمد ان ڏينهن جو منتظر آهي، جڏهن هو رات جي وقت به روشنيءَ ۾ پنهنجي ڳوٺ اندر گهمي ڦري سگهي، پر بجلي نه هئڻ سبب هو اونداهيءَ ۾ پنهنجي ان خواهش کي پورو ڪري نٿو سگهي. هو گهر ۾ بتي يا ميڻ بتي ٻاري راتيون گذاريندا آهن.
ٿر ڪول بلاڪ 2 جي ڳوٺ ٿاريو هاليپوٽو جي رهواسي دوست محمد نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو ته اسان ننڍپڻ کان مختلف مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهيون، رات جي اونداهين ۾ ڪو ڪم ته ڇا پر گهمي ڦري به نٿاسگهون، اهو اسان لاءِ تمام گهڻو مشڪل آهي ته اسان ٽي سئو فٽ اونهي کوهه مان پاڻي ڪڍون، اهي حالتون پراڻي دور جون يادون ڏيارين ٿيون.
هن چيو ته انهن جي هن حالت جي ذميوار حڪومت آهي، 2350 ڳوٺن ۾ 1998ع جي آدمشماري موجب صرف چار سيڪڙو ۾ بجلي ڏني وئي آهي ۽ اهو تعداد تمام گهٽ آهي، بجلي بنيادي ضرورت آهي ۽ ان جي غير موجودگيءَ سبب مقامي آبادي جو روزگار، تعليمي ادارا، اسپتالون (طبي اوزار هلائڻ لاءِ بجلي گهربل آهي) ۽ روزاني جي زندگي متاثر ٿي رهي آهي. انهن سمورن مسئلن جو تعلق بجلي جي اڻهوند سان آهي، جنهن ڪري مقامي آبادي ۾ مايوسي پکڙجي رهي آهي ۽ هو پاڻ کي بيوس محسوس ڪرڻ لڳا آهن.
هڪ ٻئي ڳوٺ جي رهواسي استاد وسايو نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته پهريون ڀيرو 1980ع واري ڏهاڪي ۾ مٺي شهر ۾ بلب روشن ٿيو هو. هن وڌيڪ چيو ته ٿر ۾ هوا هر وقت هلندي رهندي آهي، جڏهن ته زمين ڪٽجڻ ۾ به واڌارو ٿيو آهي. اڃان وڌيڪ اهو ته لڱ ساڙيندڙ گرميءَ سبب مقامي آبادي مختلف بيمارين (ڏينهن لڳڻ ۽ جسم ۾ پاڻيءَ جي کوٽ) جو شڪار ٿي رهي آهي. مارو ماڻهو غربت سبب قدرتي وسيلن مان توانائي پيدا ڪري نٿا سگهن. ٿر جي ڪوئلي بابت چيو پيو وڃي ته اهو منصوبو انهن جي ماحول کي خراب ۽ مقامي آبادي کي لڏپلاڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندو.
ضلعي ٿر پارڪر جي ڳوٺ ڇاڇرو جي رهواسي ليڊي هيلٿ ورڪر فاطمه ساند چيو ته اونداهيءَ ۾ زندگي گذارڻ انتهائي مشڪل آهي، سج لٿي کانپوءِ ڪجهه ڳوٺاڻا بتي استعمال ڪندا آهن جنهن سان انهن جي گهرن ۾ آلودگي ٿيندي آهي. زندگي بچائڻ وارين دوائن کي ٿڌي جاءِ تي رکڻ، موبائل فون چارج ڪرڻ، سڌ سماءَ جا ذريعا، اونهي کوهن مان پاڻي ڪڍڻ ۽ اسڪول ۾ ڪمپيوٽر جي تعليم حاصل ڪرڻ ٿر واسين لاءِ اڃان تائين ڄڻ خواب آهي. ڇو ته انهن سڀني شين لاءِ بجلي جي ضرورت پوي ٿي ۽ انهن علائقن ۾ بجلي ڏيڻ حڪومتن جي ترجيح ۾ شامل نه رهي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته آزادي جا 68 سال گذرڻ بعد به مقامي ماڻهن لاءِ اهو تصور ڪرڻ ڏکيو آهي ته انهن جا ڳوٺ مقامي گرڊ سان ڳنڍجي وڃن ۽ بجلي جي فراهمي سبب انهن جي زندگي آسان ٿئي.
پيپلز پارٽي سان تعلق رکندڙ سينيٽر تاج حيدر، جيڪو ڊولپمينٽ جو ماهر به آهي، موجب انهن علائقن ۾ بجلي فراهم ڪرڻ لاءِ لڳايل گرڊ اسٽيشنن جو نيٽ ورڪ محدود نوعيت جو آهي، پري پري وارن علائقن تائين پهچ مشڪل آهي. آباديون به ننڍن ننڍن ڳوٺن جي صورت ۾ پکڙيل آهن، اهو علائقو جبل ۽ ريگستان تي ٻڌل آهي جنهن ڪري هن حڪومت کي ڪيترائي ڀيرا مشورا ڏنا آهن ته هو ڪنهن هڪ هنڌ تي مثالي ڳوٺ ٺاهين جنهن بعد بنيادي ضرورتون فراهم ڪرڻ آسان ٿي پوندو.
علي اڪبر راهمون جيڪو ٿر ۾ رينيوايبل انرجي (ٻيهر استعمال لائق توانائي) تي ڪم ڪري رهيو آهي، جو چوڻ هو ته اها خوش قسمتي آهي ته سنڌ ۽ بلوچستان جي جابلو علائقن، پنجاب ۽ سنڌ ۾ ٿر ۽ چولستان جي ريگستانن ۾ شمسي توانائي جا بي بها ذخيرا موجود آهن. ٿر جون ڀٽون جيوٿرمل توانائي سان ڀرپور آهن، پر بدقسمتي سان حڪومت توانائي پيدا ڪرڻ لاءِ ڪوئلي ۽ پئٽرول جهڙن روايتي ذريعن تي ڀاڙي رهي آهي پر رينيوايبل توانائي جي وسيلن شمسي، سامونڊي ۽ هوا مان توانائي حاصل ڪرڻ طرف ڪو ڌيان ناهي ڏنو ويو.
هن وڌيڪ چيو ته سنڌ صوبي ۾ هوا مان بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ ڪجهه منصوبا شروع ڪيا ويا آهن جڏهن ته شمسي توانائي جو هڪ وڏو منصوبو جناح سول پارڪ چولستان ۾ قائم ڪيو پيو وڃي. وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ويجهڙ ۾ ئي ان حوالي سان هڪ ٻئي تي الزام هنيا هئا ۽ صوبائي حڪومت اها دعويٰ ڪئي هئي ته سنڌ سان تعلق رکندڙ رينيوايبل توانائي جي منصوبن تي، وفاقي حڪومت پاران مشڪلاتون پيدا ڪرڻ سبب، ڪم نه پيو ٿي سگهي.
سماجي ڪارڪن گوتم راٺي چيو ته رينيوايبل توانائي پيدا ڪرڻ لاءِ قانون، پاليسيون ۽ معاشي تعاون موجود ناهي پر ان صورتحال هوندي به ڪجهه غير سرڪاري تنظيمن جي ڪوشش سبب ان حوالي سان ڪجهه اڳڀرائي ٿي آهي جيڪا مقامي آبادي جي زندگين کي آسان بڻائڻ لاءِ ڪارائتي ثابت ٿي رهي آهي.
ٽي سئو فوٽ اونهي کوهه مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ شمسي توانائي جو استعمال ڪيو پيو وڃي، ان کان علاوه هن ريگستان ۾ گهرن کي روشن ڪرڻ لاءِ سولار پينلن جو استعمال ٿيڻ لڳو آهي، روايتي دائيون ويم ڪرائڻ جي پنهنجي ذميواري ادا ڪرڻ لاءِ ان نظام جو استعمال ڪرڻ کان علاوه موبائل فون چارج ڪري سگهن ٿيون ته جيئن ايمبولينس سروس فراهم ڪندڙن سان رابطو ممڪن ٿي سگهي، ٻارن کي ڪمپيوٽر تي تعليم ڏني پئِي وڃي ۽ سج لٿي کانپوءِ گهرن ۾ مطالعو ڪرڻ ممڪن ٿي ويو آهي، هنر مند عورتن لاءِ سج لهڻ کان پوءِ روايتي دستڪاري ڪرڻ ممڪن ٿي چڪو آهي.
ماحوليات جي ماهر ڀارومل آمراڻي موجب ترقي يافته ملڪن جو وڏو تعداد رينيو ايبل توانائي جي مختلف ذريعن جي واڌاري تي ڪم ڪري رهيو آهي ڇو ته اهو ماحول لاءِ مفيد آهي ۽ ان سان پيدا ٿيندڙ آلودگي جي شرح به نسبتن گهٽ هوندي آهي. پٺتي پيل علائقا رينيو ايبل توانائي پيدا ڪرڻ جي حوالي سان زرخيز آهن پر ڪو هن طرف ڌيان نٿو ڏئي.
عالمي مالياتي ادارن ۽ گهڻ قومي ڪمپنين جي وڌيڪ دلچسپي ٿرڪول ۽ ٻين وڏن منصوبن تي آهي. ڪچوسامان ٻاهران گهرايو پيو وڃي ۽ ڪوئلي سان هلندڙ توانائي وارن پلانٽن کي هٿي ڏني پئي وڃي. اهي منصوبا ماحول لاءِ مفيد نه آهن جڏهن ته انهن تي خرچ به گهڻو ٿي رهيو آهي ۽ اهي منصوبا رينيوايبل به نه آهن، ان ڪري خاص مدي بعد اهي بند ٿي ويندا.
گرڊ کانسواءِ توانائي جي فراهمي واري تصور تي ڪم ڪرڻو پوندو جنهن سان توانائي جي فراهمي جي لائنن جي خراب ٿيڻ سبب ٿيندڙ بجلي جي نقصان ۾ به گهٽتائي ايندي، محدود سطح تي توانائيءَ جو نظام لڳائڻ، ان جي سار سنڀال ۽ ان کي برقرار رکڻ آسان هوندو.
هڪ شاگرد دين محمد درس نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو ته هڪ غير سرڪاري تنظيم انهن کي پنکا، ڪمپيوٽر هلائڻ ۽ بلب روشن ڪرڻ لاءِ شمسي توانائي فراهم ڪئي آهي. اهي بلب اسڪول ۾ سج جي روشنيءَ سان چارج ٿيندا آهن جيڪي انهن جي گهرن کي به روشن ڪندا آهن جتي هو مطالعو ڪندا آهن ۽ عورتون دستڪاري جو ڪم ڪنديون آهن.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here