پشاور (شيراز اڪبر وٽان) قديمي عمارتن جي ورثي کي محفوظ بنائڻ وارو ڪم سرانجام ڏيندڙ ماهرن ٻڌايو آهي ته، پشاور جي پراڻي شهر واري حصي ۾ قائم قديمي عمارتن جا بنياد تيزيءَ سان ڪمزور ٿي رهيا آهن، جنهن جي ڪري عمارتن جي ڍانچي ۾ ڏار پئجي رهيا آهن ۽ اهڙين پراڻين عمارتن جي اوچتو ڊهي پوڻ جا خدشا وڌڻ لڳا آهن.
خيبرپختونخواه صوبي جي ”ڊائريڪٽوريٽ آف آرڪيالاجي اينڊ ميوزيمز“ جي ترجمان نوازالدين نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته، وقت گذرڻ سان گڏو گڏ قديم عمارتن جا بنياد ويهجي رهيا آهن ۽ عمارتون زمين اندر ڄڻ ته دٻجي رهيون آهن جنهن ڪري قديم عمارتن جي اهڙي تاريخي ورثي کي محفوظ ڪرڻ متعلق قديم آثارن جي ماهرن جا خدشا سنگين نوعيت اختيار ڪرڻ لڳا آهن. پشاور جيڪو ڪن وقتن ۾ ٻڌمت واري گنڌارا تهذيب جي راڄڌانيءَ وارو شهر به رهيو آهي اتي يونيسڪو پاران قديمي ورثو قرار ڏنل ”گور کتريءَ“ جهڙا تاريخي ماڳ پڻ موجود آهن.
نوازالدين ٻڌايو ته تازو ئي گور کتري واري قديمي ماڳ ڀرسان هڪ وڻ ۽ ڪيترائي گھر ڪري پيا آهن ڇاڪاڻ ته انهيءَ علائقي ۾ لڳايل هڪ ٽيوب ويل روزانو وڏي مقدار ۾ جَر جو پاڻي ڇڪي ٿو جنهن ڪري زمين پاڻ مرادو سنوت ۾ اچڻ لڳي ٿي.
پشاور جي سوڙهين گھٽين ۽ سرگرم بازارن واري علائقي ۾ موجود اهي پراڻيون عمارتون شهر جي اوائلي تاريخ جي ياد ڏيارينديون رهن ٿيون. ڀارت جي شهر دهلي ۽ لاهور جيان پشاور به قلعي نما شهر هيو جنهن کي 16 دروازا هوندا هيا. شهر جي اندروني حصي ۾ واقع مخصوص انداز وارين ٽن کان چئن منزلن تي ٻڌل عمارتن جي هيٺئين حصي ۾ دڪان ٺهيل آهن. انهن عمارتن جي ٻنهي پاسن کان بالڪونيون اهڙي انداز سان نڪتل آهن جو اهي سنهين گھٽين کي ڍڪيو بيٺيون آهن ۽ گھٽيءَ جي ٻئي پاسي کان ٺهيل عمارتن سان ڄڻ ته جڙيل آهن ۽ انهن ۾ ڪا وِٿي نظر نه ٿي اچي.
ڪيتريون صديون اڳ، پشاور ڪشن بادشاهت، مغلن، سکن ۽ انگريزن جي راڄ هيٺ رهيو آهي ان جي ڪري ئي هن شهر جو عمارتي، تاريخي ۽ ثقافتي ورثو انتهائي منفرد انداز وارو آهي. ڏکڻ ۽ وچ ايشيائي پرڳڻن جي ٻين قديم شهرن جي وچ ۾ واقع هجڻ سبب پشاور ڏکڻ ايشيا ۽ وچ ايشيا ۾ ٿيندڙ واپار جو به هڪ وڏو مرڪز رهيو آهي.
پراڻي شهر جي رهواسين جو چوڻ هو ته پشاور جون اوائلي عمارتون جيئن ته شاهوڪار تاريخ جي عڪاسي ڪن ٿيون پر انهن عمارتن جو وجود هاڻي مجرماڻي غفلت جي هڪ تصوير پيش ڪري رهيو آهي. ڪجهه اوائلي عمارتون پنهنجي وڏي عمر جڏهن ته ڪجهه زميني کاڌ جي ڪري مڪمل طور تي جهُري پوڻ واري خطري جي وَر چڙهي چڪيون آهن جڏهن ته اهڙين ٻين ڪيترين عمارتن جي مناسب سار سنڀال نه ڪري سگھڻ سبب انهن کي ڊاٿو پيو وڃي.
ڪيترن ئي ڏهاڪن کان شهر جي قلعي نما حصي ۾ رهندڙ هڪ شهريءَ خورشيد پراچا جو چوڻ هو ته هر گذرندڙ ڏينهن جي نتيجي ۾ شهر جي قلعي نما حصي ۾ موجود عمارتون ڀَڄي ۽ ڀُري رهيون آهن.
هن شهر جي آبادي هاڻي تيزيءَ سان وڌي رهي آهي جنهن ڪري مسئلن جو تعداد به ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي. پيچيده گھٽين مان لنگهندي شهر جي اندروني حصي جو جڏهن جائزو ورتو ويو ته اها ڳالهه پڻ مشاهدي ۾ آئي ته اوائلي عمارتون انتهائي زبون حاليءَ جو شڪار آهن. ضروري مرمت ۽ سار سنڀال نه ٿيڻ جي ڪري ڪيتريون ئي اوائلي عمارتون تباهيءَ جي ڪناري پهچي چڪيون آهن.
03 سيپٽيمبر 2016 واري ڏينهن شهر جي اندرئين حصي جي شادي پير چوڪ واري حصي ۾ 3 قديمي عمارتون اوچتو ڪري پيون جنهن جي نتيجي ۾ ڪجهه ماڻهو زخمي ٿي پيا ۽ ٻيو مالي نقصان پڻ ٿيو.
خورشيد پراچا جو چوڻ هو ته ڪيترين ئي عمارتن جي ڀتين ۽ ڇتين ۾ ڏار پئجي چڪا آهن. شهر جون اڪثر اوائلي عمارتون اهڙي انداز سان جڙيل آهن جو انهن جي سِر سِر سان مليل آهن ان ڪري جڏهن هڪ عمارت ڪرڻ لڳي ٿي ته ان جي سهاري بيٺل ٻيون جايون به ڊهي يا ڪمزور ٿي پون ٿيون.
خورشيد پراچا اهو پڻ ٻڌايو ته، انهن جاين جي مالڪن جاني توڙي مالي نقصان کان بچڻ لاءِ سوين اوائلي عمارتون ڊاهي انهن جي جڳهه تي جديد انداز واريون محفوظ ۽ نيون جايون اڏائي ورتيون آهن. اهو رجحان تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي جنهن ڪري شهر جا ڪيترائي ماڳ پنهنجو پراڻو ڏيک وڃائي ويٺا آهن. جڏهن ته انهن ماڻهن جو تعداد انتهائي ٿورو آهي جن پراڻين عمارتن کي سندن اصلوڪي بيهڪ مطابق محفوظ بڻائي رکيو آهي.
شهر جي قلعي نما حصي جي هڪ ٻئي رهاڪو فريد شاهه ٻڌايو ته اوائلي عمارتن جي ميسارجي وڃڻ وارا خطرا ان ڪري به وڌي ويا آهن ڇو ته انهن جا مالڪ پراڻين عمارتن کي ڊاهي انهن جي جاءِ تي شاپنگ ۽ رهائش وارا پلازه اڏي رهيا آهن جنهن جي نتيجي ۾ کين ڳچ پيسو به ملي رهيو آهي.
ڊائريڪٽوريٽ آف آرڪيالاجي اينڊ ميوزيمز جي ترجمان نوازالدين چيو ته سندن اداري پاران شهر جي قلعي نما حصي لاءِ منصوبو شروع ڪيو ويو آهي ته جيئن تاريخي عمارتن کي محفوظ ڪري سگھجي. انهيءَ منصوبي خاطر خيبرپختونخواه جي صوبائي حڪومت پاران 200 ملين روپيا رکيا ويا آهن، جنهن تحت شهر جي پراڻي حصي ۾ موجود اوائلي عمارتن جي نشاندهي ڪرڻ لاءِ تفصيلي سروي ڪيو ويندو جنهن بعد ڀُرندڙ ۽ ميسارجندڙ عمارتن کي محفوظ بڻائڻ وارو ڪم ڪيو ويندو.
نوازالدين ٻڌايو ته، انهيءَ منصوبي تحت عمارتن جي سروي وارو ڪم چار مهينا اڳ شروع ٿي چڪو آهي جڏهن ته منصوبي کي مڪمل ڪرڻ ۾ 3 سالن جو وقت لڳي ويندو. انهيءَ منصوبي تحت اهي سموريون عمارتون جيڪي هڪ صدي پراڻيون ۽ ڪنهن تاريخي يا ثقافتي ورثي جو اهڃاڻ هونديون انهن کي محفوظ بنايو ويندو.