پشاور (ثناء اعجاز وٽان) نورين نالي هڪ عورت پشاور ويجهو واقع هڪ ڳوٺ ”پشتاخرا“ مان ايندي آهي. هوءَ اهو پنڌ پشاور جي ڪپڙا مارڪيٽ ۾ ڀرت ڀريل زنانا وڳا انهن ڪاندارن کي وڪرو ڪرڻ لاءِ ڪندي آهي، جيڪي هٿ سان ڀريل ڀرت وارا وڳا پنهنجي دڪانن تي وڪرو ڪندا آهن. هن تڙ تڪڙ ۾ دڪاندارن کي اهي وڳا ڏيکاريا جن تي هن ”مڪيش“ نالي وارو ڀرت ڀريو هيو، اهو ڀرت ڀرڻ وقت گِهري رنگ وارن ڪپڙن تي چانديءَ ۽ سون جا ننڍا ننڍا ٽڪرا پڻ لڳايا ويندا آهن، انهن وڳن جي بدلي ۾ دڪاندارن هن کي جيڪي پيسا ڏنا پئي، اهي وٺي هن وڳا وِڪيا پئي. وڳن جي اگهه متعلق تڪرار ڪرڻ يا پيسا گھٽ وڌ ڪرائڻ لاءِ هن وٽ وقت ئي نه هيو، ڇو ته هن کي سج لهڻ کان اڳ پنهنجي ڳوٺ پهچڻو هيو.
هن جو چهرو ۽ مٿو ڪاري رنگ واري ڪپڙي جي نقاب سان ڍڪيل هو ۽ نقاب مان صرف هن جون اکيون ڏسڻ ۾ پئي آيون، 32 سالن جي نورين جو چوڻ آهي ته کيس وڳن جو سودو تڪڙ ۾ ئي ڪرڻو هوندو آهي، ڇو ته هو پنهنجي گھر کان گھڻو وقت پري رهي نه ٿي سگھي. شادي شده گھريلو عورت هجڻ ڪري هن کي پنهنجي 3 ٻارن جي سار سنڀال، انهن لاءِ کاڌي پيتي جو انتظام، ڪپڙن ڌوئڻ ۽ گھر جي صفائي سٿرائي وارا ڪم پڻ ڪرڻا هوندا آهن.
مهيني ۾ هڪ ڀيرو هوءَ پنهنجي ڳوٺ کان پشاور جي ڪپڙا مارڪيٽ جو چڪر هڻندي آهي، جتي هوءَ رنگين ڌاڳن جي ڀرت سان ڀريل بسترن جون چادرون، شالون، ٻارن جا ڪپڙا، مڪيش ڀرت وارا زنانا ڪپڙا ۽ هٿ جي هنر سان تيار ڪيل ٻيا ڪپڙا وڪرو ڪندي آهي. نيوز لينز پاڪستان کي هن ٻڌايو ته ”مونکي جياپي خاطر پنهنجي مڙس جو هٿ ونڊائڻ لاءِ اهو ڪم ڪرڻو پوي ٿو ڇو ته منهنجو مڙس ڏهاڙي مزدور آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن هن کي ڪم ناهي ملندو ته اجرت به نه ملندي اٿس“.
نورين جو تعلق اهڙي پختون خاندان سان آهي، جن جا مرد پنهنجي عورتن جي اهڙين مارڪيٽن ۾ ڪم ڪرڻ کي سخت ناپسند ڪندا آهن جتي مردن جي اڪثريت هجي، پر نورين جهڙيون ڳوٺاڻيون عورتون نه صرف ان روايت جي پوئواري ڪرڻ کان نابري واري رهيون آهن، پر پنهنجي خاندانن کي قرض هيٺان دٻجڻ کان بچائي به رهيون آهن ته ان سان گڏ ئي پختون عورتن ۽ ٻارڙن پاران پائجندڙ ڪپڙن تي هٿ جي هنر وسيلي ثقافتي پسمنظر واري ڀرت ڀرڻ واري روايت کي به زنده رکنديون پيون اچن، جيڪو هن علائقي جي سڃاڻپ بڻيل آهي.
پشاور ۾ بوتيڪ هلائيندڙ جميله گيلانيءَ جو چوڻ آهي ته ”نورين جهڙيون عورتون اهڙي دور ۾ جدوجهد ڪري رهيون آهن، جڏهن مشينن تي تيار ٿيل ڪپڙن ۽ ڊزائينن جي ڪري سندن روزگار کي ٻنجو اچڻ وارا ڪيترائي خطرا پيدا ٿي چڪا آهن، ڇو ته ماڻهو هاڻي مقامي ثقافت جي اهڃاڻ وارن هٿ جي هنر توڙي ڀرت سان ڀريل ڪپڙن بجاءِ مشينن وسيلي تيار ٿيل ڪپڙن کي پسند ڪرڻ لڳا آهن“.
”گُل ڪده“ نالي بوتيڪ جي مالڪڻ جميله گيلانيءَ جو چوڻ آهي ته ”عورتون به هاڻي گھريلو سطح تي ڀرت ڀرڻ واري ڪاروبار کان تنگ اچي چڪيون آهن ڇو ته کين گھڻو وقت ڪم ڪرڻ کانپوءِ اجورو بنهه گھٽ ملي ٿو. هزارين عورتن جي هنر واري قابليت کي مارڪيٽ جي نين ضرورتن مطابق بهتر ڪرڻ جي تمام گهڻي ضرورت آهي، ڇو ته اهڙيون ڪيتريون ئي عورتون جن کي اجرت گھٽ پئي ملي، سندن هٿ جي هنر واري صلاحيت توڙي قابليت محدود ٿي چڪي آهي ۽ تربيت توڙي سامان جي اڻهوند جي ڪري اهي هاڻي بيڪار ويٺل آهن.
انهن کي مارڪيٽ تائين سڌي پهچ پڻ حاصل نه آهي. اهي ئي سبب آهن جن جي ڪري گھريلو سطح تي ڪم ڪرڻ وارين عورتن جي انگ ۾ گھٽتائي آئي آهي“.
خيبر پختونخواه جي ليبر قانونن مطابق، مزدور جي گھٽ ۾ گھٽ اجرت 15 هزار روپيا ماهوار هجڻ گھرجي. ليبر قانون تحت ليبر کاتي جي معائني ڪرڻ وارين ٽيمن کي مزدورن سان ملاقاتون ڪري اها پڪ ڪرڻي هوندي آهي ته کين مقرر ڪيل حد تحت مزدوري ادا ڪئي وڃي ٿي يا نه. انهن ٽيمن تي اها ذميواري پڻ رکيل آهي ته اهي ننڍين صنعتن اندر ڪم ڪرڻ واري ماحول جو جائزو پڻ وٺن ته جيئن ڪم واري ماحول کي عالمي عهدنامي جي اصولن مطابق قائم رکي سگھجي.
عورتن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ سماجي تنظيم شرڪت گاهه جي قانوني مشير رياض داويءَ جو چوڻ آهي ته ”پاڪستان، انٽرنيشنل ليبر آرگنائزيشن جو ميمبر آهي، اها عالمي تنظيم گھريلو سطح تي ڪم ڪندڙ ڪارڪنن کي به مزدور تسليم ڪندي، کين پڻ ساڳيا حق، پگھار ۽ مراعتون ڏيڻ جي حامي آهي، پر بدقسمتيءَ سان اسان وٽ جيڪي عورتون گھريلو سطح تي پورهيو ڪن ٿيون، انهن کي ان درجي ۾ نه ٿو ڳڻيو وڃي. اهي ٻار ۽ عورتون جيڪي سِرن جي بٺن، صنعتن، آفيسن، دڪانن ۽ گھرن اندر ٿيندڙ ڪم ڪار دوران هيلپر، بورچي ۽ صفائي ڪرڻ واري طور ڪم ڪن ٿا، اهي پنهنجي حقن جي حاصلات کان محروم آهن“.
رياض وڌيڪ چيو ته ”گھريلو سطح تي پورهيو ڪرڻ وارن کي پينشن حاصل ڪرڻ جي سهولت به ميسر نه آهي، نه ئي انهن جي هيلٿ يا ڊيٿ انشورنس لاءِ رجسٽريشن ڪئي ويندي آهي. انهن مان اڪثر پورهيتن جي خاندانن لاءِ غربت جون ڏکيائون ان وقت اڃان به وڌي وينديون آهن جڏهن اهي ملازمت کان محروم ٿي ويندا آهن يا گھر جو اڪيلو ڪمائڻ وارو هن دنيا مان هليو ويندو آهي“.
هن پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو ته، ”خويندو ڪور“ تحت پورهيتن کي هنري تربيت، مارڪيٽنگ جون سهولتون ۽ هنن پاران ٺاهيل شين جي خيبرپختونخواه جي شهرن توڙي، اسلام آباد، لاهور ۽ ڪراچيءَ ۾ نمائش جون سهولتون مهيا ڪيون پيون وڃن، پر گھريلو سطح تي ٿيندڙ ڪم ڪار جي پائيداري ان وقت ئي موثر ٿي سگھندي جڏهن حڪومت گھريلو سطح تي تيار ٿيندڙ ڪشيده ڪاري يا ڀرت وارن وڳن جي ڪاروبار ۽ ان ڪم سان لاڳاپيل پورهيتن جي حقن کي هٿي وٺرائيندي.
هڪ سماجي ڪارڪن نازرا سيد جو چوڻ هو ته، ثقافتي ۽ روايتي ڀرت ڀرڻ وارو ڪم ترت منظر تان غائب ٿيڻ وارو آهي، ڇو ته حڪومت ان ڪم سان لاڳاپيل خيبرپختونخواه جي پورهيتن لاءِ پيدا ٿيندڙ ڏکيائين ۽ مشڪلاتن کي حل ڪرڻ جي ڏس ۾ ڪي به قدم نه پئي کڻي جن کي هو منهن ڏيندا رهن ٿا.
نازرا سيد وڌيڪ چيو ته ”عورتن کي مارڪيٽ تائين پهچ توڙي رسائي، تربيت ۽ پورهيو ڪندڙ عورتن جي حقن جي ضمانت لاءِ سندن يونينون ٺاهڻ وارن معاملن کي اوليت وارن بنيادن تي اڳتي وڌائڻ گھرجي. ٻي صورت ۾ اسان ثقافتي طور تي جاندار ورثي کان محروم ٿي مشيني صنعت وارن ڪپڙن جي حوالي ٿي وينداسين.
پشاور جي ڪُوچي بازار جي هڪ دڪاندار جنت گل جو چوڻ آهي ته، گھريلو سطح تي پورهئي ڪرڻ بعد عورتون جيڪي شيون تيار ڪن ٿيون اسان انهن جي وڪري واري سهولت فراهم ڪيون ٿا. هن دعويٰ ڪئي ته اسان انهن پورهيت عورتن کي مناسب اجورو ادا ڪيون ٿا جيڪي اسان جي لاءِ شيون تيار ڪن ٿيون، ڇو ته اهي عورتون پنهنجي سِر ڪا به سيڙپ ناهن ڪنديون. اسان کين خام مال فراهم ڪندا آهيون جنهن تحت اهي پورهيو ڪنديون آهن ۽ ان عيوض اجورو وصول ڪنديون آهن.
جنت گل کان جڏهن اهو پڇيو ويو ته هو انهن عورتن کي ادا ٿيندڙ اجوري کان وڌيڪ ڪمائين ٿا ته ان جي جواب ۾ هن چيو ته ”اسانکي دڪان جو ڪِرايو ڏيڻو هوندو آهي ۽ سڄو ڏينهن دڪان کولي گراهڪن جو انتظار ڪندا رهندا آهيون ۽ اڄوڪن ڏينهن ۾ ته هٿ جي هنر وسيلي تيار ٿيل ثقافتي شين جا گراهڪ تمام گھٽ اچن ٿا ته، ان صورت ۾ منهنجو حصو منافعي ۾ وڌيڪ هجڻ گھرجي“.
هوڏانهن نورين ٻڌايو ته ”هوءَ ماهوار 6 کان 8 هزار روپيا ڪمائي سگھندي آهي، پر ويس وڳا تيار ڪرڻ ۾ هن کي جيتري توانائي، وقت ۽ ڌيان ڏيڻو پوي ٿو اهو ٿڪائيندڙ عمل آهي“. هن جو پيلاهٽ مائل چهرو ۽ خشڪ چپ هن جي ٿڪاوٽ جي شاهدي ڏئي رهيا هئا. هن ٻڌايو ته ”ويس وڳن تي ڀرت ڀرڻ واري ڪم کان علاوه اسان وٽ آمدني حاصل ڪرڻ جو ڪو ٻيو ذريعو نه آهي جنهن وسيلي ٻارن جي پالنا ڪيون ٿا“.
نورين لاءِ هٿ جو هنر وراثت ۾ مليل هڪ قابليت آهي. هن کان پهريان، هن جي ماءُ چادرن ۽ وڳن تي ڀرت ڀرڻ وارو ڪم ڪندي هئي. هن ٻڌايو ته هن وٽ ايترا پيسا به نه آهن جو هوءَ ان ڪم کي باقاعده ڪاروبار طور شروع ڪرڻ لاءِ انهن جي سيڙپ ڪري سگھي.
نورين جو چوڻ هو ته ”اسان کي مارڪيٽ پاران مجبور ڪيو ويندو آهي ته گھٽ اجرت تي پورهيو ڪنديون رهون. وچ وارا اسان پاران تيار ڪيل شيون ڳرين قيمتن عيوض وڪڻندا رهن ٿا. مون جهڙيون ڪيتريون ئي عورتون پورهيو ڪرڻ لاءِ وچ وارن پاران فراهم ٿيندڙ خام مال تي ڀاڙينديون رهن ٿيون. اهي پاڻ گھڻي کان گھڻو منافعو رکن ٿا ۽ اسان کي پورهئي جو اجورو تمام گھٽ ڏين ٿا“.