لاهور (ايمن طاهر وٽان) ڏهن سالن جو ٻارڙو علي ميزان، جيڪو باٽاپور جي هڪ سرڪاري اسڪول ۾ پنجين ڪلاس جو شاگرد آهي، اهو هڪ ڏينهن ميٿميٽڪس (حسابن) جي ڪاپي گھر وساري آيو، جنهن ڪري هن جي استاد کيس لڪڻ سان سخت مارَ ڏني، ان جو نتيجو اهو نڪتو ته هاڻي هو اسڪول وڃڻ کان ڊڄي ٿو.
نيوز لينز سان ڳالهائيندي معصوم علي ميزان ٻڌايو ته جسماني مارَ ڏيڻ اسان جي اسڪول ۾ هڪ عام معمول واري ڳالهه آهي ۽ سمورا استاد شاگردن کي پنهنجي پنهنجي انداز سان مار ڏيندا آهن.
هو اُن اسڪول ۾ پڙهڻ بجاءِ پنهنجي والدين کي اهو چوڻ چاهي ٿو ته هو کيس ڪنهن نجي اسڪول ۾ داخل ڪرائين، پر سندس والد پرائيويٽ اسڪول جي في ادا ڪرڻ جي سگهه نٿا رکن.
پاڪستان جي قومي اسيمبليءَ 2013 ۾ هڪ بل منظور ڪيو هو، جنهن تحت تعليمي ادارن ۾ پڙهندڙ ٻارن کي جسماني تشدد جو نشانو بنائڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي هئي. اهڙي قانون هجڻ باوجود رواجن ۾ شامل هجڻ جي ڪري ڪيترن ئي اسڪولن ۽ مدرسن ۾ ٻارن تي جسماني تشدد عام ڳالهه آهي.
جسماني نوعيت جي مارَ جي تشريح جسماني تشدد طور ڪري سگھجي ٿي، جنهن ۾ زوردار چماٽ، ٿڏا هڻڻ ۽ مٿي تي ڌڪ هڻڻ سميت جسماني تشدد جا ٻيا طريقا شامل آهن.
گڏيل قومن پاران ”ٻارن خلاف بيدردي“ جي عنوان سان هڪ رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سڄي دنيا جي لڳ ڀڳ 4 ڪروڙ ٻارن کي هر سال ڪنهن نه ڪنهن جسماني ۽ ذهني تشدد جو نشانو بڻايو وڃي ٿو. پاڪستان بدقسمتيءَ سان انهن ملڪن ۾ شامل آهي جتي اهو رواج اڃان به موجود آهي.
انهن ٻارن، جيڪي پاڪستان ۾ پنهنجي تعليم جاري رکڻ چاهين ٿا، انهن لاءِ اسڪولن ۾ ملندڙ جسماني مار نقصان ڏيندڙ ثابت ٿئي ٿي. ٻارن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ هڪ سماجي تنظيم اِسپارڪ (جنهن جو مرڪز اسلام آباد ۾ آهي) تفصيل ڏنا آهن ته جسماني مارَ جي ڪري پاڪستان جي هاءِ اسڪولن مان هر سال 35 هزار شاگرد بنيادي تعليم اڌ ۾ ڇڏي وڃن ٿا.
اهي ٻار جيڪي تعليم اڌ ۾ ڇڏي ڏين ٿا انهن مان سڀني کان گھڻي شرح اهڙن ٻارن جي آهي جيڪي مارَ ملڻ سبب اسڪول وڃڻ بند ڪري ڇڏين ٿا. مارَ جي ڪري پرائمري تعليم دوران اسڪول ڇڏي ويندڙن جي شرح 50 سيڪڙو آهي. اسڪول ڇڏڻ جي شرح خطرناڪ حد تائين وڌيڪ آهي ۽ هنن انگن اکرن ۾ اهي تفصيل شامل نه آهن جن متعلق ڪير به ڄاڻ فراهم نه ٿو ڪري، جڏهن ته اسڪول ڇڏڻ وارن جي تعداد ۾ هر سال واڌارو ٿيندو رهي ٿو.
جيتوڻيڪ پاڪستان، گڏيل قومن جي انساني حقن متعلق عهدنامي تي صحيح ڪندڙ ملڪ آهي، اهو عهدنامو اسڪولن ۾ مار ڏيڻ تي سختيءَ سان بندش وجهي ٿو، ان باوجود اها ڀوائتي ڪارراوئي اڃان به جاري رهندي پئي اچي.
سماجي تنظيم جي خيبرپختونخواه سان واڳيل حصي پاران ڄاڻ ڏني وئي آهي ته سال 2011 کان 2012 تائين صرف خيبرپختونخواه صوبي ۾ شاگردن کي جسماني مار ڏيڻ وارن 70 واقعن جي نشاندهي ڪئي وئي، اهڙن واقعن سبب متاثر ٿيندڙ 7 معصوم ٻارن ان ڪري خودڪشي ڪئي جو کين انتهائي شديد سزا ڏني وئي انهن ٻارن جو تعلق چارسده، نوشهره، چترال ۽ تيمر گره سان هيو.
ساڳيءَ ريت 2014 دوران ڪراچيءَ ۾ پرائمري سطح جي تعليم ڏيندڙ هڪ اسڪول حسن طيب اڪيڊميءَ جي عملي پاران اها وڊيو ظاهر ڪئي وئي، جنهن ۾ نظر ايندڙ اسڪول جو پرنسيپال، چوٿين ڪلاس ۾ پڙهندڙ ذهني طور تي معذور هڪ معصوم ڇوڪريءَ کي چماٽون هڻندي نظر آيو پئي. اها وڊيو سوشل ميڊيا وسيلي وڏي پئماني تي ڦهلجي وئي. اهڙيءَ ريت ئي ڪراچيءَ جي ٽيوٽرز اڪيڊمي متعلق ٻارن جي والدين پاران ڪيل شڪايتن، تعليم واري صوبائي کاتي جي اختيارين کي به ڌوڏي وِڌو، جنهن ڪري معاملي متعلق سنجيدگيءَ سان جاچ ڪرائي پئي وڃي.
معاملي جي جاچ ڪندڙ سرڪاري ڪاميٽيءَ پاران ٻن واقعن جي حقيقي هجڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي ۽ سفارش ڪئي آهي ته ٻنهي اسڪولن کي بند ڪيو وڃي، ڇو ته اهي اسڪول شروع کان ئي قانوني اجازت هجڻ کانسواءِ کوليا ويا هئا.
”الف اعلان“ جي گڏيل سهڪار سان سوسائٽي فار ايڊوانسمينٽ آف ايجوڪيشن پاران ڪرايل هڪ اڀياس جي نتيجي ۾ اهي انگ اکر سامهون آيا آهن ته 73 سيڪڙو استاد ان ڳالهه سان سهمت يا ان ڳالهه جي سخت حمايت ڪندڙ آهن ته شاگرد کي جسماني سزا ڏيڻ فائديمند آهي. ان ڳالهه جي حامي استادن جي مجموعي انگ اکرن ۾ پرائيويٽ اسڪولن جي استادن جو تناسب 78 سيڪڙو ۽ سرڪاري اسڪولن جي استادن جو تناسب 73 سيڪڙو آهي.
اسڪولي استادن جو هڪ وڏو انگ اهڙو يقين رکي ٿو ته ٻارن کي موثر انداز سان پڙهائڻ لاءِ جسماني مار هڪ حد تائين ضروري آهي. ڪيترا استاد ان موقف طرف مائل نظر اچن ٿا ته ٻارن کي لڪڻ يا ٻين طريقن سان هلڪي مار ڏيڻ گھرجي ته جيئن شاگردن ۾ فرمانبردايءَ کي برقرار رکي سگھجي. پنهنجي ٻار کي مدرسي يا اسڪول ۾ داخل ڪرائڻ وارا اڪثر والدين به ٻار کي جسماني سزا ڏيڻ جي حمايت ڪندا آهن.
نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي هڪ سرڪاري سيڪنڊري اسڪول جي استاد عبدالواحد چيو ته شاگردن کي نظم ۽ ضبط ۾ رکڻ لاءِ ڪلاس روم اندر لڪُڻ جو هجڻ ضروري آهي. سرڪاري اسڪولن جي هڪ ڪلاس ۾ شاگردن جو تعداد تمام گھڻو هوندو آهي ۽ انهن کي ضابطي ۾ رکڻ مشڪل هوندو آهي. اهڙي وقت ۾ لڪڻ کي استعمال هيٺ آڻڻ ضروري ٿي پوندو آهي.
ٻارن لاءِ ڪم ڪندڙ عالمي اداري پلان انٽرنيشنل ۽ انٽرنيشنل سينٽر فار رسرچ آن وومين پاران مارچ ۽ آڪٽوبر 2014 دوران ڪرايل هڪ سروي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 12 کان 17 سالن جي عمر وارن جن ٻارن کان سروي ڪئي وئي، انهن مان 44 سيڪڙو ٻارن کي استادن پاران جسماني تشدد جو نشانو بنائڻ جو تجربو ٿي چڪو هيو، جڏهن ته 30 سيڪڙو ٻار اهڙا هئا جن کي استادن پاران سزا طور غسل خاني ۾ بند ڪيو ويو هيو. ڄاڻ ۾ ايندڙ اهڙن سمورن واقعن (20 سيڪڙو واقعن جي ڄاڻ والدين ۽ 18 سيڪڙو مار ڏيندڙ استاد بجاءِ ٻئي پاران فراهم ڪئي وئي) مان ٻه ڀاڱي ٽي واقعن جي سلسلي ۾ ڪو به قدم نه کنيو ويو.
سروي ۾ شامل ٿيندڙ والدين ۽ استادن پاران ان موقف جو اظهار به ڪيو ويو ته پاڪستان ۾ ٻارن کي جسماني مار ڏيڻ واري رجحان ۾ هاڻي گھٽتائي اچي رهي آهي، انهن جي ڀيٽ ۾ شاگردن پاران دعويٰ ڪئي وئي آهي ته مار ڏيڻ وارو رجحان اڃان به پهريان جيترو ئي آهي ۽ ان عمل کي غطين جي سڌاري جو بهترين طريقو سمجهيو وڃي ٿو.
لاهور جي جوهر ٽائون ۾ واقع هڪ مدرسي ۾ پڙهندڙ 9 سالن جي شاگرد صهيب مقصود نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ٻڌايوته قاري صاحب مونکي ڪيترائي دفعا مار ڏني آهي ۽ مدرسي ۾ دير سان اچڻ، سبق ياد نه ڪرڻ، پڙهڻ بجاءِ راند ڪرڻ ۽ مدرسي ۾ ٻهاري نه ڏيڻ جهڙين ڳالهين جي بنياد تي مار اڪثر ڪري ملندي ئي رهندي آهي. مون پنهنجي والدين کي اهڙي رويي متعلق ڪيترا ڀيرا ڄاڻ ڏني آهي پر اهي ڪجهه به نه ٿا ڪن.
صهيب جي ماءُ، ڪوثر، نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ٻڌايو ته مدرسي ۾ ٻارن کي پڙهائيندڙ قاري صاحب احترام لائق شخص آهي. منهنجو پٽ شرارتي آهي ۽ هن پاران ٿيندڙ غلطين جي ڪري جيڪڏهن قاري صاحب کيس مار ڏئي ٿو ته اها ڪا خراب ڳالهه نه آهي، ڇو ته بهتر طريقي مطابق زندگي گذارڻ جي سکيا وٺڻ ان لاءِ فائديمند آهي.
پلان انٽرنيشنل پاران 2013 ۾ ڪرايل هڪ اڀياس ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان جا 20 سيڪڙو استاد مڪمل طور تي سهمت ۽ 47 سيڪڙو جزوي طور تي سهمت آهن ته اڪثر ٻارن کي هلڪي مار ڏيڻ ضروري آهي. لڳ ڀڳ 41 سيڪڙو والدين يا وڏي ڄمار وارا ماڻهوان ڳالهه جا مڪمل حامي آهن ته ٻار کي مار ملڻ گھرجي جڏهن ته 38 سيڪڙو اهڙي ڳالهه سان اڌ رضامندي ظاهر ڪن ٿا. سمورن استادن جا 3 حصا ۽ 84 سيڪڙو والدين ان ڳالهه جا حامي هيا ته اهي ٻار جيڪي ڏنگا آهن ۽ استاد جي ڳالهه ناهن مڃيندا انهن کي مار ڏيڻ صحيح قدم آهي. 20 سيڪڙو استاد ان ڳالهه سان متفق ۽ 31 سيڪڙو جزوي طور تي ان ڳالهه جا حامي آهن ته ٿوري مار ڏيڻ سان ٻار جي ذهن تي ڪي به خراب اثر نه پوندا آهن. ٻارن کان پڇيو ويو ته اها ڪهڙي سزا آهي جيڪي اڪثر ڪري سڀني کي ملندي آهي، 24 سيڪڙو ٻارن ٻڌايو ته کين هٿن تي لڪڻ هنيا ويندا آهن جڏهن ته 22 سيڪڙو شاگردن ٻڌايو ته کين ڳل يا مٿي تي چماٽون هنيون وينديون آهن.
نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي لاهور جي ايگزيڪيوٽو ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر پرويز اختر ٻڌايو ته پنجاب حڪومت پاران ڏنل هدايتن تحت شاگردن کي مار ڏيڻ جو ڪيس جڏهن به سامهون ايندو آهي ته ان متعلق ترت قدم کنيا ويندا آهن. هن اهو پڻ ٻڌايو ته ذميوار مٿان ڏنڊ وڌو ويندو آهي، کيس معطل ڪيو ويندو آهي يا سنگين نوعيت وارا ڏوهه مستقل طور ٿيڻ جون شڪايتون ملڻ بعد سڄي اسڪول جي رجسٽريشن پڻ ختم ڪئي ويندي آهي.
نفسياتي مسئلن جي هڪ ماهر نصرت حبيب رانا پاران نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ويو ته اسڪولن ۾ شاگردن کي جسماني سزا ڏيڻ هڪ سنجيده معاملو آهي. ٻالڪپڻ ۾ ئي ٻار کي تشدد جو نشانو بڻائڻ سبب اهو موڳائپ جو شڪار ٿي سگھي ٿو، جنهن ڪري اهي امڪان به رهندا آهن ته ٻار ۾ خودڪشيءَ جو رجحان جنم وٺي سگھي ٿو يا هو نشي جو عادي ٿي سگھي ٿو.
نصرت حبيب رانا پاران انهيءَ ڳالهه جي تسلسل ۾ ئي ٻڌايو ويو ته توهين ڪرڻ واري ارادي تحت ڏني ويندڙ جسماني سزا سان گڏ بيعزتيءَ جو احساس نه صرف ٻار کي پيڙا ۽ تڪليف ڏيندو آهي پر اهڙي بيعزتيءَ جي ڪري ٻار جي خوداعتمادي ۽ ذهني اوسر کي پڻ شديد ڌچڪو لڳندو آهي.