تعليمي ادارن ۾ انتها پسنديءَ واري لهر دانشورن جي ڳڻتي وڌائي ڇڏي

0
1167

پشاور: توهين رسالت جي پسمنظر ۾ هجومن پاران ٿيندڙ حملن جون خبرون وڏين سرخين سان ظاهر ٿينديون رهن ٿيون، دانشورن جي راءِ آهي ته وڏي وقت کان هلندڙ دهشتگرديءَ خلاف جنگ، ويڙهاند واري صورتحال ۽ مذهبي معاملن متعلق انتهاپسنديءَ تي ٻڌل سوچ معاشري ۾ انتهاپسنديءَ جو سبب بڻجي رهي آهي.

تجزئي نگارن جو چوڻ آهي ته اها حقيقت آهي ته معاشري ۾، نوجوانن ۽ وچولي طبقي جي تعليم يافته ماڻهن مٿان اهڙا اثر پئجي رهيا آهن ۽ تعليمي ادارن اندر برداشت جي کوٽ ۽ انتهاپسنديءَ ۾ ايندڙ واڌ کي سولائيءَ سان محسوس ڪري سگھجي ٿو.

گذريل مهيني عبدالولي خان يونيورسٽي مردان ۾ مشال خان کي بيرحماڻي انداز سان قتل ڪرڻ کان علاوه ٻين ڪيترن ئي واقعن دوران توهين رسالت جي الزام هيٺ آيلن سان جيڪو سلوڪ ڪيو ويو، انتهائي پسنديءَ ۾ واڌ واري رجحان کي انهن جي مدد سان چڱيءَ ريت پروڙي سگھجي ٿو.

صوابيءَ مان ٽيليفون وسيلي نيوزلينز/ٽرٿ ٽريڪر سان ڳالهه ٻولهه ڪندي مشال خان جي والد اقبال شاعر چيو ته ”هنن ]ماڻهن جي هجوم[ نه صرف منهنجي پٽ کي قتل ڪيو پر انهن ماڻهن جي زبانن جي تالي بندي به ڪري ڇڏي جيڪي معاشري ۾ سڌارن ]توهين رسالت جي قانونن جي غلط استعمال کي روڪڻ[ بابت ڳالهائي رهيا هئا. منهنجي پٽ جو ڏوهه صرف اهو هيو ته هو انهن سڌارن خاطر سرگرم هيو. هو سماجي ۽ سياسي سسٽم جي غلط ڪارين جو وڏو نقاد هيو“.

مشال خان مردان جي عبدالولي خان يونيورسٽيءَ جي ميڊيا اسٽڊيز شعبي ۾ ڇهين سيمسٽر جو شاگرد هيو. يونيورسٽيءَ ۾ داخلا کان اڳ هن ماسڪو جي هڪ تعليمي اداري مان انجنيئرنگ جي تعليم پڻ پرائي هئي. ٽيليويزن چينلن کي انٽرويو ڏيندي ۽ سماجي رابطن واري سوشل سائيٽس وسيلي مشال خان ڪيترائي ڀيرا ملڪ اندر موجود سماجي ۽ سياسي نظام مٿان تنقيد ڪئي.

توهين رسالت جو الزام مڙهي عبدالولي خان يونيورسٽيءَ جي ملازمن ۽ شاگردن مشال خان کي بيرحماڻي انداز سان تشدد ڪري قتل ڪيو. هڪ نجي ٽي وي چينل کي ڏنل انٽرويوءَ ۾ مشال خان يونيورسٽيءَ جي انتظاميا کي مبينه ڪرپشن ۽ غيرقانوني ڀرتيون ڪرڻ سبب سخت تنقيد جو نشانو بڻايو. جڏهن ته هن ۽ سندس ٻن دوستن مٿان توهين رسالت جو الزام لڳڻ جي نتيجي ۾ 13 اپريل واري ڏهاڙي ماڻهن جي مڇريل هجوم کيس هاسٽل جي ڪمري مان گهلي ٻاهر ڪڍيو ۽ آخري پساهن تائين کيس بيرحماڻي تشدد جو نشانو بڻايو ويو.

تعليمدان ۽ سياسي تجزئي نگار ڊاڪٽر خادم حسين جو چوڻ هو ته تعليمي ادارن اندر تشدد جي واقعن مان عڪاسي ٿي رهي آهي ته اختلافي خيال تي ٻڌل راين، تجزين، موقف ۽ مشاهدن کي برداشت ڪرڻ بابت سماج جي دانشمنديءَ واري اهليت ڏينهون ڏينهن گھٽجي رهي آهي.

هن نيوزلينز پاڪستان کي ٻڌايو ته جسماني ۽ ذهني واڌ ويجهه لاءِ ٻن محرڪن جي گھرج هوندي آهي.

خادم حسين جي راءِ آهي ته ”جسماني واڌ ويجهه خاطر کاڌو ۽ رهائش جي سهولت جانورن توڙي انسانن لاءِ انتهائي ضروري هوندي آهي پر ٻي گھرج ادراڪ جي ترقي يا احساساتي ذهانت هڪ اهڙي انساني سماج کي هٿي وٺرائيندي آهي جنهن جي نتيجي ۾ مختلف معاملن بابت سماج اندر گڏيل مشاهدن ۽ تجزين کي قبول ڪرڻ وارو ماحول قائم ٿيندو آهي.

اهو ماحول ئي مختلف مسئلن ۽ ڳالهين بابت حتمي فيصلو ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو آهي ۽ سماج ۾ اهڙي ڄاڻ ڦهلائڻ جو سبب بڻجندو آهي جيڪا سڀ ڪنهن لاءِ قابل قبول هوندي آهي“.

‘Rethinking Education- Critical Discourse and Society’ نالي ڪتاب جي ليکڪ خادم حسين وڌيڪ چيو ته”معلومات جي حاصلات وارو عمل، ڄاڻ جي مٽا سٽا، هڪ ٻئي جي تجزين توڙي مشاهدن، عقيدن ۽ خيالن کي برداشت ڪرڻ جي نتيجي ۾ ئي سماج اندر ادراڪ جي ترقيءَ يا احساساتي ذهانت وارو عمل قائم ٿي سگھندو آهي. ادراڪ جي ترقيءَ وارو عمل ئي جيڪڏهن سماج ۾ فالج زده ٿي پيل هجي ته پوءِ مردان ۾ جهڙيءَ ريت بيرحماڻي انداز سان قتل ڪرڻ وارو واقعو ٿي گذريو اهڙو رجحان پوءِ سماج ۾ بار بار به ٿي سگھي ٿو“.

تشدد جو هڪ ٻيو واقعو پنجاب يونيورسٽيءَ ۾ به ٿي چڪو آهي، جتي شاگردن جي ٻن تنظيمن وچ ۾ ”ثقافتي“ تقريب مٿان حملي ٿيڻ بعد تڪرار ٿي پيو. ان واقعي کان ڪجهه ڏينهن پوءِ هڪ شاگرد تنظيم جي اڳواڻ پاران هڪ عام شاگرد کي ان وقت مارڪٽ ڪئي وئي جڏهن هو پنهنجي شعبي جي شاگردياڻيءَ سان ملاقات ڪري رهيو هيو.

ادراڪ جي ترقيءَ وارو عمل ڇو مفلوج ٿي ويو آهي؟ انهيءَ سوال جو جواب ڏيندي ڊاڪٽر خادم حسين چيو ته تعليمي ادارن اندر گھڻ رخن راين واري ماحول کي نه ته اسرڻ ڏنو ويو نه ئي ان جي ڪڏهن حوصلي افزائي ڪئي وئي آهي.

هن وڌيڪ چيو ته ”شاگردن مٿان هميشهه اها پابندي مڙهيل رهي آهي ته اهي پاڪستان جي آزاديءَ وارن محرڪن توڙي ٻين تاريخي معاملن بابت گھڻ پاساوان سوال پڇي نه ٿا سگھن. استاد شاگردن کي پهرئين ڏينهن کان ئي تنبيهه ڪري ڇڏيندا آهن ته اهڙي قسم جا سوال نه پڇن. جيڪو ڪجهه درسي ڪتاب ۾ لکيل آهي اهو ئي سچ آهي ۽ ان تي ئي يقين ڪيو وڃي. فطري طور تي، ان جي نتيجي ۾ شاگردن جي سوچڻ، خيالن، تجزين ۽ مشاهدي جي سگھ مُڏي ٿي وڃي ٿي“.

ڊاڪٽر خادم حسين جي راءِ آهي ته ”ان کان علاوه جڏهن سماج اندر ٻين ثقافتن، عقيدن جي ماڻهن سان لاڳاپن ۽ رابطي واري رجحان کي جاءِ نه ملي ته پوءِ ان جي نتيجي ۾ ڪجهه گروهن ۽ رياست جي پاليسين ۾ طاقت جي استعمال ڪرڻ واري رجحان کي هٿي ملڻ لڳندي آهي ۽ مخصوص تجزين توڙي مشاهدن مٿان سموري سماج اندر بندش پئجي ويندي آهي“.

هن چيو ته مردان واقعو فڪري عمل جي رڪجي وڃڻ جو ٺوس مثال آهي. ڇا شاگردن جي تجزئي ڪري سگھڻ واري سگھ مفلوج ناهي ٿي وئي؟ جيڪڏهن ايئن نه هجي ها ته هو ايترو بيرحماڻو تشدد نه ڪن ها. اهو ڏوهه ڪرڻ کان اڳ هنن ان متعلق سوين ڀيرا سوچيو ته ضرور هوندو.

قانونن مطابق پاڪستان ۾ توهين رسالت جو ڏوهه ڪندڙ لاءِ ڦاهيءَ يا عمر قيد جي سزا طئي ٿيل آهي. 80 واري ڏهاڪي ۾ اهو قانون ان وقت جي آمر حڪمران جنرل ضياء پاران لاڳو ڪيو ويو. مذهبي ۽ ساڄي ڌر جون سياسي پارٽيون هاڻي انهيءَ قانون ۾ ترميم بابت رضامند نه پيون ٿين.

خيبرپختونخواه صوبي جي ڏورانهين ضلعي چترال جي ڳوٺ ۾ توهين رسالت جي الزام هيٺ آيل هڪ شخص کي مڇريل ماڻهن کان بچائيندڙ پيش امام مولانا خالق الزمان نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته ”مذهبي اڳواڻ جي حيثيت ۾ اهو منهنجو فرض آهي ته سماج اندر برداشت ۽ امن کي هٿي وٺرايان. جنهن شخص مٿان توهين رسالت جي زمري ۾ ايندڙ لفظ ڳالهائڻ جو الزام لڳو هن ان کي پوليس جي حراست ۾ ڏئي ڇڏيو ۽ مڇريل ماڻهن جي انبوهه کي اها اجازت نه ڏني ته اهي قانون پنهنجي هٿ ۾ کڻن. مشال خان سان به جيڪو ڪجهه ٿيو اسلام اهڙي سلوڪ جي اجازت هرگز نه ٿو ڏئي“.

مولانا خالق الزمان جو چوڻ هو ته اسلامي تعليمات ۾ چيل آهي ته جيڪڏهن ڪوئي شخص مرتد ٿي پوي ته ان کي ٽن ڏينهن تائين پيار ۽ محبت سان اهو باور ڪرايو وڃي ته هو پنهنجا چيل لفظ واپس وٺي. سماج ۾ برداشت ۽ سهپ کي هٿي وٺرائڻ جي سلسلي ۾ مذهبي پيشوائن جو ڪردار انتهائي اهم آهي.

”عالمن ۽ مذهبي شخصيتن تي فرض ٿئي ٿو ته اهي سهپ، ميٺ محبت ۽ امن جي قيام لاءِ تبليغ ڪندا رهن. عالمن جو خاڪو هميشهه منفي انداز سان چِٽيو ويندو آهي ميڊيا ۾ کين عدم برداشت ڦهلائڻ جو ذميوار قرار ڏنو ويندو آهي پر هر هنڌ ۽ سڀڪو ايئن نه آهي“.

ٻئي طرف مذهبي سياسي پارٽين جي اڳواڻن عدم برداشت جي رجحان ۾ اضافي کي، خاص ڪري توهين رسالت جي پسمنظر ۾، حڪومت جي ناڪاميءَ جو نتيجو قرار ڏنو آهي.  جماعت اسلامي خيبرپختونخواه صوبي جي امير مشتاق احمد خان چيو ته ماضيءَ ۾ جن فردن مٿان توهين رسالت جو الزام لڳندو هيو حڪومت انهن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيندي هئي، مشال خان جي ڪيس ۾ به جيڪڏهن ايئن ٿئي ها ته ان جي قتل وارو واقعو پيش نه اچي ها.

مشتاق احمد خان وڌيڪ چيو ته ”جڏهن رياست قانونن کي سندن اصل روح مطابق لاڳو ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي پوندي آهي ته پوءِ ان جي نتيجي ۾ ماڻهو قانون کي پنهنجي هٿ ۾ کڻي وٺندا آهن. توهين رسالت بابت قانون کي سختيءَ سان عمل هيٺ آندو وڃڻ گھرجي ۽ ان قانون ۾ ترميمن جي ڪا به گنجائش موجود نه آهي“.

ٻئي طرف ڊاڪٽر خادم حسين جي راءِ آهي ته ”مذهبي ڌريون ۽ مذهبي پارٽيون سماج ۾ عدم برداشت وڌائڻ واري رجحان سان سڌيءَ ريت جڙيل آهن. مذهبي پارٽيون ۽ گروهه نه ٿا چاهين ته سماج ۾ گھڻ رخن خيالن وارو رجحان قائم ٿئي. عدم برداشت واري جيڪا فضا قائم ٿي آهي ان جي نتيجي ۾ ملڪ اندر وڌيڪ رتوڇاڻ ٿي سگھي ٿي“.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here