صوابي: توهين رسالت جي الزام تحت قانون هٿ ۾ کڻندڙ ماڻهو، انبوهه جي صورت ۾ يونيورسٽيءَ جي شاگرد مشال خان کي قتل ڪرڻ تائين تشدد جو نشانو بڻائيندا رهيا، هڪ مذهبي اڳواڻ ماڻهن کي مقتول نوجوان جي تدفين وارين سرگرمين ۾ شرڪت ڪرڻ کان روڪڻ جي فتويٰ پڻ جاري ڪئي پر علي شاهه (فرضي نالو) سميت درجنين ماڻهن سندس تدفين ۾ شرڪت ڪئي.
پوليس جو چوڻ آهي ته، ”سماجي رابطن واري ويب سائيٽ وسيلي توهين رسالت جي زمري ۾ ايندڙ مواد“ شايع ڪرڻ جي الزام هيٺ خيبرپختونخواه جي ضلعي مردان ۾ قائم عبدالولي خان يونيورسٽيءَ ۾ تعليم پرائيندڙ 23 سالن جي مشال خان کي وحشين جي هجوم پاران تشدد ڪري قتل ڪيو ويو جڏهن ته هڪ ٻيو شاگرد زخمي ٿي پيو.
مشال خان کي سخت تشدد وسيلي قتل ڪرڻ، هڪ مذهبي ملي پاران ماڻهن کي سندس جنازي ۾ شريڪ نه ٿيڻ بابت فتويٰ جاري ڪرڻ ۽ ان باوجود درجنين ڳوٺاڻن پاران جنازي ۾ شريڪ ٿيڻ واري سموريءَ وارتا بابت راءِ ڏيڻ لاءِ جڏهن اسلام آباد ماڊل ڪاليج (آءِ ايم سي) جي نفسيات واري شعبي جي سربراهه شاهد اعجاز سان رابطو ڪيو ويو ته هن مذهبي پيشوا جي فتويٰ جي مخالفت ڪندي چيو ته ”روين ۾ ايندڙ اهڙي تبديليءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ ابتدائي سطح تي تعليم ڏيڻ جي سخت ضرورت پيدا ٿي چڪي آهي“.
ان کان اڳ، مردان جي ڊسٽرڪٽ پوليس آفيسر (ڊي پي او) ڊاڪٽر ميان سعيد ٻڌايو ته ”مشال خان مٿان تشدد ڪرڻ جي سلسلي ۾ شامل 45 ڄڻن کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي“. جڏهن ته، ڊِي آءِ جي مردان محمد عالم شِنواريءَ ميڊيا کي ٻڌايو ته ”مقتول نوجوان مٿان الزام لڳايو ويو هو ته هو فيس بوڪ تي اهڙا پيج هلائي رهيو آهي جن وسيلي ”مبينا طور تي توهين رسالت جي زمري ۾ ايندڙ مواد شايع ڪيو پيو وڃي“.
ٽيليويزن چينلن تان نشر ٿيل وڊيو ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته ”مشال خان رت ۾ ٻڏل حالت ۾ زمين تي پيل آهي ۽ سندس مٿان ماڻهن جو هجوم گڏ ٿيل آهي جڏهن ته سندس جسم تي شديد تشدد جا چِٽا نشان ڏسڻ ۾ اچي رهيا هئا. ڪيترن ئي شاگردن کي سندس لاش کي ٿڏا ۽ لٺيون هڻندي ڏٺو ويو“.
ٽرٿ ٽريڪر سان تفصيلي گفتگو ڪرڻ دوران صوابيءَ سان تعلق رکندڙ 45 سالن جي سماجي ڪارڪن علي شاهه يادگيرين کي سهيڙيندي ٻڌايو ته ”مون سميت مشال جي باعزت انداز سان تدفين ڪرڻ واري ڪم ۾ حصو وٺندڙ ٻين ماڻهن لاءِ صورتحال ڪافي ڳڻتيءَ واري هئي“.
شاهد اعجاز جو چوڻ هو ته ”پهرين ڳالهه اها آهي ته مشال خان کي ماڻهن جي هڪ انبوهه تشدد جو نشانو بڻايو ۽ ان انبوهه جي نفسيات ٻين عام ماڻهن کان مختلف هئي“. هن اهو پڻ چيو ته انساني فطرت ۾ ٻه الڳ الڳ شيون موجود هونديون آهن انهن مان هڪ ”جذبا“ ۽ ٻيو ”عقيدو“ آهي. هن جي راءَ هئي ته هڪ سماج جي صورت ۾ اسانجي جذباتي سطح انتهائي عدم برداشت واري پختي سطح تي پهچي چڪي آهي جنهن ڪري اها هاڻي آسانيءَ سان ضابطي ۾ اچڻ واري نه آهي. هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته اهڙي صورتحال ۾ سماج پنهنجي جذبن کي ڪهڙيءَ ريت قابوءَ ۾ رکي سگھي ٿو. هن صلاح ڏيندي چيو ته جذبن جو تدارڪ جارحاڻي رويي سان ڪيو ويندو آهي.
خيبرپختونخواه صوبي جي ڳوٺاڻي پسمنظر واري علائقي صوابيءَ مان پنهنجي ساٿين سميت پنڌ پيل علي شاهه کي مشال جي ڳوٺ پهچڻ کان ستت پوءِ ٻڌايو ويو ته هڪ مقامي مولويءَ فتويٰ جاري ڪندي ماڻهن کي منع ڪري ڇڏيو آهي ته هو نه مشال جي جنازي نماز پڙهن، نه ئي سندس وارثن وٽ تعزيت ڪرڻ لاءِ وڃن. مذهبي عالم پاران لائوڊ اسپيڪر وسيلي ڳوٺ جي ماڻهن کي چيو ويو ته ”توهين رسالت ڪندڙ جي جنازي نماز نه ٿي ٿي سگھي“.
مشال جي ڳوٺ جي رهواسي محمد جنيد ٻڌايو ته علي شاهه ۽ سندس ساٿين جي قدم کان متاثر ٿي ڳوٺ جي ماڻهن مشال جي جنازي نماز پڙهي ۽ ان کان ستت پوءِ سياسي اڳواڻ ۽ انساني حقن جا ڪارڪن به وڏي انگ ۾ تعزيت ڪرڻ لاءِ مشال جي ڳوٺ پهتا ۽ اهي نعرا به بلند ٿيا ته ”مشال بيگناهه هيو ۽ هو شهيد آهي“.
جيتوڻيڪ علي شاهه جرئتمنديءَ وارو قدم کنيو پر ”خاص نوعيت واري هڪ ڪيس“ متعلق قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران رياست جو قانون لاڳو ڪرڻ خاطر ڇو تڪڙا قدم نه کنيا ويا معاملي جو اهو رخ انتهائي افسوسناڪ آهي.
”توهين رسالت متعلق پاڪستان ۾ قانونن جو موثر هجڻ“ بابت ايمنسٽي انٽرنيشنل جي هڪ رپورٽ مطابق، توهين رسالت بابت جيترن ڪيسن جي نشاندهي ٿئي ٿي ڪيسن جي انهيءَ تعداد مطابق معلومات گڏ ڪرڻ ڏکيو ڪم آهي ڇو ته ان حوالي کان انتهائي گھٽ معلومات ميسر هوندي آهي.
انساني حقن متعلق جاکوڙيندڙ ادارن نيشنل ڪميشن فار جسٽس اينڊ پِيس (اين سي جي پي) ۽ هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان (ايڇ آر سي پي) پاران جيڪي انگ اکر ڏنا ويا آهن انهن مان ظاهر پيو ٿئي ته 1980 کان وٺي ان قسم جي ڪيسن ۾واڌارو ٿيندو رهيو آهي.
مثال طور، اين سي جي پيءَ پاران جاري ڪيل انگن اکرن مطابق 1987 کان وٺي هن مهل تائين 633 مسلمانن، 494 قاديانين، 187 عيسائين ۽ 21 هندن کي مذهب سان لاڳاپو رکندڙ مختلف قانونن تحت جوابدار قرار ڏنو ويو آهي. علي شاهه سواليه انداز سان چيو ته ”ڇا حڪومت، مذهبي عالمن ۽ سماج سڌارڪ ڪارڪنن ۾ ايتري جرئت آهي ته اهي تڪراري بڻيل توهين رسالت واري قانون ۾ ترميمون ڪرائڻ خاطر پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگھن“.
هن يادگيريون ساريندي چيو ته مشال جي ڳوٺ جا ماڻهو انهيءَ جي ڪري دروازا بند ڪيو گھرن اندر لڪل هيا ڇو ته ڀرسان واري ڳوٺ جي هڪ مذهبي اڳواڻ پاران اهو اعلان ڪيو ويو هيو ته جيڪي به جنازي نماز ۾ شريڪ ٿيندا اهي ڪفر جا مرتڪب ٿيندا.
علي شاهه ٻڌايو ته، کيس هڪ فون ڪال آئي جنهن ۾ کيس ٻڌايو ويو ته مشال کي بيرحميءَ سان قتل ڪيو ويو آهي ۽ ان بعد هن سڌو مشال جي ڳوٺ ڏانهن رخ ڪيو ته جيئن سندس آخري رسمن ۾ شريڪ ٿي سگھي. ”اسان سڀني لاءِ مشال خان کي دفنائڻ وارو ڪم ڏکيو مرحلو هيو پر اسان ڳوٺ ۾ تڪرار پيدا ڪرڻ کان بچندي اهو جوکم وارو ڪم ڪرڻ تي سندرو ٻڌي بيهي رهياسين“.
مشال کي تذليل واري انداز سان تشدد ڪري مارڻ واري رجحان تي تبصرو ڪندي علي شاهه چيو ته عام ماڻهن کي ڪنهن به صورت ۾ اهڙو اختيار نه هجڻ گھرجي ته اهي ٻئي فرد کي توهين رسالت جو ذميوار قرار ڏئي سگھن اهڙي نوعيت جي حساس معاملن کي رياست جي ادارن وسيلي ئي اڪلائڻ گھرجي.
جنيد جو چوڻ هو ته، واقعي سبب خوف ۽ اڪيلائيءَ جو شڪار ٿيل مشال جي خاندان کي علي شاهه جي جرئت ڀريل قدم سبب ڪافي حوصلو ۽ سهارو مليو. ”مشال کي باعزت انداز سان دفنائي اسان سموري صورتحال کي ئي تبديل ڪري ڇڏيو ۽ اسانجي اهڙي قدم سبب ئي سياستدانن ۽ سماجي ڪارڪنن لاءِ به راهه هموار ٿي ته اهي کلئي عام مشال جي قتل جي مذمت ڪري سگھن“.
شاهد اعجاز جو تجزيو آهي ته ”سماج جي دانشمنديءَ واري سگھ مٿان نظرياتي سگھ انتهائي گھڻي اثر انداز ٿيل آهي“. علي شاهه نشاندهي ڪندي چيو ته توهين رسالت جو الزام گھڻو ڪري ذاتي جهيڙن جو بدلو وٺڻ خاطر مخالف ماڻهن پاران لڳايو وڃي ٿو. هن پنهنجي اها يادگيري به ٻڌائي آهي ته، ڳوٺ جي ڪيترن ئي ماڻهن کيس اهو پڻ چيو ته ڇوڪرو (مشال) الاهي ذهين شاگرد هيو ۽ يونيورسٽيءَ جي انتظاميا جو رويو هڪ مافيائي گروهه وانگر هيو. هن مشال جي وارثن جا حوالا ڏيندي چيو ته ”هن مٿان توهين رسالت جو الزام مڪمل طور تي ڪوڙ تي ٻڌل هيو“.
ماڻهن جي انبوهه کي ڪهڙيءَ ريت ڀڙڪايو ويو بابت شاهد اعجاز جي راءِ آهي ته ”ماڻهن جي انبوهه کي غلط ويچار واري عقيدي جي بنياد تي انتهائي قدم کڻڻ تي ڀڙڪايو ويو. هن جو چوڻ هو ته، ماڻهن جي ذهنن کي بدلڻ لاءِ وڏي پيماني تي سخت محنت ڪرڻ جي ضرورت پوندي آهي ڇاڪاڻ ته ماڻهن جي انفرادي اهليت بجاءِ سموري سماج جي هڪجهڙي سوچ سبب ئي معاملا خرابين جو شڪار ٿي پوندا آهن.
شاهد اعجاز جو چوڻ هو ته ”انهيءَ جي ڪري ئي بنيادي سطح تي تعليمي تبديلي يا جذباتي صحت جي تبديليءَ جي سخت ضرورت آهي“. شاهد اعجاز ملڪ جي تعليمي نظام ۾ موجود خامين جي نشاندهي ڪندي چيو ته خامين سبب ئي اعليٰ تعليمي ادارن مان پڙهي نڪتل ماڻهو به جذباتي حوالي کان متوازن ناهن هوندا.
هن جو چوڻ هو ته ”افسوس جي ڳالهه صرف اها ناهي ته شاگردن کي اهو سمجهايو ويندو آهي ته ڪهڙيءَ ريت ذهين ٿي سگھجي ٿو پر کين اهو ڪڏهن به ناهي پڙهايو ويندو ته ڀڙڪندڙ جذبن کي ڪهڙيءَ ريت سنڀالي يا منهن ڏئي سگھجي ٿو. جذبن جي اُڀار ۽ اڳرائيءَ وارن معاملن کي منهن ڏيڻ بابت نه ته والدين پاران گھريلو سطح تي ۽ نه ئي تعليمي ادارن پاران اسان کي ڪا تربيت ڏني وڃي ٿي“.
هن جو چوڻ هو ته، اسانجي ملڪ اندر ان ڳالهه جي سخت ضرورت آهي ته تعليمي نصاب ۾ جذباتي صحت سان لاڳاپيل مضمون شامل ڪيا وڃن اهڙو نصاب ئي المناڪ نوعيت وارن واقعن جي وحشتناڪ چڪر مان نڪرڻ خاطر اسان لاءِ مددگار ثابت ٿي سگھي ٿو. “ان حوالي سان ضرورت آهي ته اقليتن ۽ عورتن جي حقن متعلق ڪجهه مضمون ابتدائي درجن کان ئي ٻارن کي پڙهايا وڃن ته جيئن سندن جذباتي برداشت واري سطح ۾ بهتري آڻي سگھجي“.
علي شاهه پنهنجي ڳالهين کي سهيڙيندي چيو ته هي معاملو ٻن ڪيفيتن وچ ۾ هلندڙ هڪ ڇڪتاڻ بجاءِ مشال کي عزت سان دفنائڻ ۽ سندس تعزيت سان لاڳاپو رکندڙ انساني قدرن جو معاملو هيو.