ڊيرا اسماعيل خان : خيبرپختونخواه صوبي جي قبائلي علائقن سان تعلق رکندڙ پشتو ٻوليءَ جي هڪ لوڪ گلوڪار شوڪت وزير پاران اهڙو گيت تيار ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ٻارن جي اسڪول وڃي تعليم پرائڻ جي شوق جي عڪاسي ڪئي وئي آهي، ان گيت وسيلي اهو پيغام ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته ”بابا مونکي اهڙو ماحول ڏي جنهن ۾ علم پرائي سگھان، بابا مونکي اسڪول وٺي هل“.
ڏکڻ وزيرستان ۾ طالبان جو اثر وڌي وڃڻ کانپوءِ شوڪت وزير کي شاعريءَ ۽ موسيقيءَ سان پنهنجو جذباتي لڳاءُ لڪائي رکڻو پوندو هيو.
ڏکڻ وزيرستان جي وانا ضلعي سان تعلق رکندڙ شوڪت وزير 2006 ۾ گلوڪاريءَ ۽ شاعري جي شروعات ڪئي. انهيءَ پرڳڻي مٿان دهشتگردي ۽ طالبان جي ڌاڪ قائم ٿيڻ سبب هن جون تخلييقي صلاحيتون نکري نروار ٿيڻ ۽ اڳتي وڌڻ کان محروم رهجي ويون. فوجي آپريشن جي نتيجي ۾ جڏهن طالبان کي انهن علائقن مان ڌڪي ٻاهر ڪيو ويو تڏهن کان شوڪت وزير جو موسيقيءَ ۽ شاعريءَ سان جنون وارو لڳاءُ ٻيهر جڙڻ شروع ٿي ويو آهي.
ٽرٿ ٽريڪر سان ڳالهه ٻولهه ڪندي شوڪت ٻڌايو ته هن مهل تائين سندس 34 پشتو گيت رڪارڊ ٿي چڪا آهن جن مان ڪيترائي مشهور به ٿيا آهن. گلوڪاريءَ سان گڏ گڏ شوڪت شاعري به ڪندو آهي. هن جي گيتن جا ٻه ڪتاب ته شايع به ٿي چڪا آهن.
هن ٻڌايو ته شاعر محبت ۽ امن جي پرچار ڪندا آهن ۽ انهن ماڻهن کي اها ڳالهه سمجهڻ جي دعوت ڏيندا آهن جيڪي محبت سان نفرت ڪن ٿا. والدين پنهنجي ٻارن جي ذهنن ۾ هاڻي اهي اخلاقي قدر شامل ڪرڻ لڳا آهن ۽ هتان جا ماڻهو انهن ٻارن جي ڪفالت ڪرڻ لڳا آهن جن جا والدين جنگ جي ڪري مارجي ويا اهو سڀ ان ڪري ڪيو پيو وڃي ته جيئن اڻ برابري ۽ نفرت ڀرين روين کي گهٽائي سگهجي.
گذريل 15 سالن دوران ڏکڻ وزيرستان سميت سمورن قبائلي علائقن ۾ ثقافتي سرگرمين مٿان سخت بندشون پيل رهيون. انهن بندشن سبب شاعريءَ ۽ موسيقيءَ وسيلي ٿيندڙ تخليقي اظهار جي ذريعن مٿان انتهائي خراب اثر پيا. اظهار جي انهن وسيلن سان جڙيل ماڻهن جي هڪ وڏي اڪثريت کي مجبور ڪيو ويو ته هو اهڙين تخليقي سرگرمين کي ڇڏي جياپي خاطر ڪي ٻيا ڪم ڪن. اهڙين بندشن سبب ڪيترن ماڻهن کي قبائلي پرڳڻي مان لڏپلاڻ ڪري پاڪستان جي ٻين علائقن ۾ رهائش اختيار ڪرڻي پئي.
آرٽ فريڊم انسٽيٽيوٽ مطابق، خيبرپختونخواه جي صوابي شهر ۾ هڪ دُهلاريءَ کي اپريل 2015 دوران قتل ڪيو ويو.
2014 جي مارچ ۽ جون مهينن ۾ پشتو جي لوڪ گلوڪار وزير خان کي دهشتگردن پاران ٽي ڀيرا اغوا ڪيو ويو ۽ هر ڀيري هن کي انهيءَ شرط تي ئي آزاد ڪيو ويو ته هو آئنده گيت نه ڳائيندو. جڏهن ته پشاور شهر ۾ پشتو گلوڪاره گل ناز کي نامعلوم هٿياربندن سندس گھر ۾ گھڙي قتل ڪيو.
آرٽ فريڊم انسٽيٽيوٽ جي 2016 ۾ جاري ٿيل هڪ رپورٽ مطابق، پشاور شهر جي ڀرپاسي وارن انهن سمورن علائقن جيڪي خيبر ايجنسيءَ جي ويجهڙائيءَ ۾ موجود آهن اتي انتظاميا پاران دهشتگرديءَ جي خطري سبب شهرين کي اهڙا پروگرام منعقد ڪرڻ کان روڪيو ويو جن ۾ موسيقيءَ ۽ ڊانس ڪئي ويندي آهي.
پاڪستان پريس فائونڊيشن (پي پي ايف) مطابق، سال 2000 کان 2011 تائين پاڪستان جي قبائلي علائقن ۽ خيبرپختونخواه جي شهرن ۾ موسيقي ۽ ثقافتي سرگرمين سان لاڳاپيل 14 ماڻهن کي قتل، 15 ڄڻن کي زخمي ۽ 121 ماڻهن کي يرغمال بڻايو ويو. ساڳئي عرصي دوران سي ڊيز جي 580 دڪانن ۽ ميوزڪ سينٽرن کي تباهه ڪيو ويو جڏهن ته 13 سازندن ۽ گلوڪارن کي ڌمڪايو ۽ ڊيڄاريو ويو.
فري ميوزڪ انسٽيٽيوشن مطابق، سال 2011 جي نومبر مهيني دوران صوابي ۽ نوشهره ضلعن ۾ سي ڊيز جي هڪ درجن کان وڌيڪ دڪانن کي بارودي مواد سان اڏايو ويو جڏهن ته پشتو گلوڪاره غزاله جاويد ۽ سندس والد کي اڻ ڄاتل جوابدارن پاران سال 2012 جي جون مهيني ۾ گوليون هڻي قتل ڪيو ويو.
شوڪت وزير پنهنجي تخليقي ڪلامن جي رڪارڊنگ خاطر ڪيترن ماڻهن کان مدد گهرندو رهيو آهي ڇو ته رڪارڊنگ اسٽوڊيوز کي منهن ڏئي سگھڻ هن جي وس ۾ نه آهي. هن ٽرٿ ٽريڪر کي ٻڌايو ته حڪومت جي بيحِسي ۽ تحفظ جي خراب صورتحال جي ڪري هن ڪيترائي ڀيرا سنجيدگيءَ سان ان خيال تي غور ڪيو ته هن پيشي کي ڇڏي ڏئي، پر ماڻهن جي پيار ۽ هنن پاران ملندڙ ڀرپور موٽ کي ڏسندي هو اهڙو فيصلو نه ٿو ڪري سگھي.
شوڪت وزير اهو پڻ ٻڌايو ته هڪڙي گيت جي رڪارڊنگ لاءِ به کيس پشاور وڃڻو پوندو آهي ۽ رڪارڊنگ بعد گيت تيار حالت ۾ ملڻ جو هڪ مهيني تائين انتظار ڪرڻو پوندو آهي. جڏهن ته پنهنجي مدد پاڻ تحت هو ٻه شاعراڻيون تنظيمون قائم ڪري چڪا آهن جن جي انتظام هيٺ هو مقامي ماڻهن جي وِندر خاطر ننڍيون ننڍيون محفلون منعقد ڪري چڪا آهن.
ڏکڻ وزيرستان جي هڪ رهواسي عرفان مهمند جو چوڻ هو ته، قبائلي علائقن جا اهي نوجوان جيڪي ويڙهه مان گذري چڪا آهن اهي هاڻي ذهني مونجهاري جو شڪار رهن ٿا.
ٽرٿ ٽريڪر سان ڳالهه ٻولهه ڪندي عرفان مهمند ٻڌايو سنن ثقافت تشدد تي ٻڌل ناهي پر سماجي ۽ حڪومتي روين جي ڪري هنن جي سڃاڻپ ڀوائتي ٿي چڪي آهي. حقيقت ۾ ته هو موسيقيءَ ۽ ثقافت سان چاهه رکڻ ۽ پيار ڪرڻ واري قوم آهن، پر سندن سڃاڻپ مٿان هاڻي خوف جو هڪ مستقل قائم رهندڙ احساس تاري ٿي چڪو آهي.
قبائلي علائقي سان تعلق رکندڙ هڪ ليکڪ سيلاب محسود جو چوڻ هو ته، قبائلي علائقن جي فنڪارن ۽ تخليقڪارن کي جهڙين حالتن جو مقابلو ڪرڻو پوي ٿو اهي جيءَ جهوريندڙ آهن.
هن وڌيڪ ٻڌايو ته جنگ ۽ بمباريءَ جيتري شدت سان قبائلي معاشري کي متاثر ڪيو آهي ان طرف ڪو به ڌيان نه پيو ڏنو وڃي. ملڪ جي ٻين حصن ۾ فنڪار ۽ شاعر جهڙيءَ ريت پنهنجي خيالن جو اظهار ڪرڻ لاءِ آزاد آهن، هتي سندن علائقن ۾ اظهار جي ساڳي آزادي به نه آهي. اڪيڊمي آف ليٽرز کي هن معاملي تي ڌيان ڏيڻ گھرجي.
قبائلي علائقن جا تخليقڪار ۽ غريب فنڪار جن مشڪلاتن مان گذري رهيا آهن انهن جو ذڪر ڪندي سيلاب محسود خيبرپختونخواه حڪومت جي وس وارن کي به انهن کان منهن موڙڻ جو ذميوار قرار ڏنو آهي.
هڪ ٻئي قبائلي نوجوان سهيل محسود کي اها پڪ آهي ته مقامي ماڻهو نون گلوڪارن ۽ فنڪارن جي حوصلي افزائي ۽ مدد ضرور ڪندا.
ٽرٿ ٽريڪر سان ڳالهائيندي سهيل محسود چيو ته اهو انتهائي ضروري ٿي پيو آهي ته نون فنڪارن جي سکيا خاطر هتي هڪ اڪيڊمي قائم ڪئي وڃي. ڪجهه ماڻهو اڃان به ڳائڻ وڃائڻ جي مخالفت ڪري رهيا آهن ۽ ان قسم جي مخالفت واري رڪاوٽ کي ڪنهن منظم اداري وسيلي ئي ختم ڪري سگھجي ٿو.
شوڪت وزير کي يقين آهي ته ”هڪ گيت يا غزل ۾ به ايترو اثر هجي ٿو جو ان وسيلي به انقلاب آڻي سگھجي ٿو. تعليم کانسواءِ امن قائم ڪرڻ ممڪن نه آهي ۽ اهو امن ئي آهي جيڪو ثقافت جي اصل روح کي برقرار رکي سگھندو آهي.