ڪراچي: آزاد تجزيه نگارن جي راءِ ۽ ڪجهه تحقيقي اڀياسن مان پتو پئجي رهيو آهي ته، نيشنل ايڪشن پلان تحت دهشتگرد گروهن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري هجڻ باوجود پابندي مڙهيل ويڙهاڪ گروهن جون شهرين کان ڀتو، جبري چندو اوڳاڙڻ، بم ڌماڪا ڪرڻ، ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ اغوا ڪرڻ واريون ڪارروايون مڪمل طور رڪجي ناهن سگھيون.

Rangers checking during Operation Karachi, : Photo by News Lens Pakistan/
Rangers checking during Operation Karachi, : Photo by News Lens Pakistan/

پاڪستان جي سڀ کان وڏي ڪاروباري شهر مان دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ سنڌ رينجرز پاران ”ڪراچي آپريشن“ 05 سيپٽيمبر 2013 تي شروع ڪيو ويو. پشاور جي آرمي پبلڪ اسڪول مٿان دهشتگرديءَ واري حملي کانپوءِ جنوري 2015 ۾ وفاقي حڪومت پاران جنهن نيشنل ايڪشن پلان کي منظور ڪيو ويو، ڪراچيءَ ۾ جاري آپريشن کي انهيءَ پلان مان واڇو سگھ حاصل ٿي.

25 مئي 2015 تي سينٽر فار رسرچ اينڊ سيڪيورٽي اسٽڊيز (سي آر ايس ايس) پاران نيشنل ايڪشن پلان تي عمل جو جائزو وٺڻ خاطر ”دي نيپ ٽريڪر“ جي شروعات ڪئي وئي. اهڙي جائزي جي مدد سان گڏ ٿيل نتيجن مان پتو پئجي رهيو آهي ته گذريل ٻن سالن دوران ڪراچيءَ اندر ٽارگيٽ ڪلنگ جي واقعن ۾ 53 سيڪڙو، ڌاڙن جي واقعن ۾ 30 سيڪڙو ۽ ڀتو اوڳاڙڻ وارن واقعن ۾ 56 سيڪڙو گھٽتائي رڪارڊ ٿي آهي. اهڙيون ڪاميابيون حاصل ٿيڻ باوجود پابندي پابندي مڙهيل گروهن جون ڪراچيءَ ۾ جاري سرگرميون مڪمل طور تي رڪجي ناهن سگھيون.

ڪالم نگار ۽ تجزيه نگار وجاهت مسعود جو چوڻ آهي ته، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي پٽ اويس شاهه جي اغوا، فوجي ۽ پوليس گاڏين مٿان حملا ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ جي واقعن جي مسلسل جاري هجڻ سبب حڪومت پاران آپريشن وسيلي ڪاميابيون حاصل ڪرڻ واري دعويٰ مٿان سواليه نشان بيٺل آهي.

سي آر ايس ايس جي هڪ رسرچ فيلو محمد انيس جو چوڻ هو ته سي آر ايس ايس جي اڀياس ۽ اويس شاهه کي اغوا ڪرڻ وارو واقعو اها نشاندهي ڪري رهيا آهن ته پابندي مڙهيل ويڙهاڪ گروهه نه صرف پنهنجي موجودگيءَ جو احساس زوردار انداز سان ڏياري رهيا آهن پر سموري شهر ۾ پنهنجي دهشتگرد ڪارراوئين کي به جاري رکيون پيا اچن.

جولاءِ 2016 دوران شروع ٿيل اسلامي مهيني رمضان دوران ڪجهه پابندي مڙهيل تنظيمن پاران ڪراچيءَ مان فطرو ۽ چندو گڏ ڪرڻ جي مهم به هلائي وئي. رمضان جي ڀلاري مهيني دوران مسلمان غريبن جي مدد خاطر زڪوات ۽ فطرو ڏيندا آهن. هڪ وڊيو مان اهو پسي سگھجي ٿو ته نيم فوجي اهلڪارن جي موجودگيءَ وقت به ”جهادي“ ڪراچيءَ جي هڪ مسجد ٻاهران فطرو گڏ ڪري رهيا آهن.

اهي پابندي مڙهيل گروهه ڪراچيءَ جي عام شهرين کان به ڀتو ۽ چندو اوڳاڙيندا رهن ٿا جنهن ڪري عام ماڻهن جي ڀلائيءَ لاءِ ڪم ڪندڙ خيراتي ادارن کي به خسارو ٿي رهيو آهي. اها ڳالهه پڻ مشاهدي ۾ آئي آهي ته ڪراچي آپريشن جي ڪري پاڪستان جي سڀ کان وڏي فلاحي اداري ايڌي فائونڊيشن کي ملندڙ عطئي جي رقمن ۾ 20 سيڪڙو گھٽتائي آئي آهي.

ايڌي فائونڊيشن جي نئين سربراهه فيصل ايڌيءَ جو چوڻ هو ته جڏهن کان پابندي مڙهيل تنظيمن ۽ مذهبي پارٽين آزادانه انداز سان چندو گڏ ڪرڻ شروع ڪيو آهي تڏهن کان کين ملندڙ چندي ۾ گھٽتائي ٿي آهي. فيصل ايڌيءَ پاران نيوز لينز پاڪستان کي اهو به ٻڌايو ويو ته، اهڙين تنظيمن پاران هزارين بيروزگار نوجوانن کي چندو گڏ ڪرڻ واري ڪم تي مقرر ڪيو ويو آهي.

نيشنل ايڪشن پلان انهيءَ ارادي سان پوري ملڪ ۾ لاڳو ڪيو ويو هيو ته دهشت پسند گروهن ۽ انهن جي مالي وسيلن کي ختم ڪيو ويندو. ديوبند مڪتبه فڪر سان لاڳاپيل هڪ وڏي تنظيم سپاهه صحابه پاڪستان مٿان ڪجهه سال اڳ پابندي مڙهي وئي پر اها تنظيم اهلسنت و الجماعت (اي ايس ڊبليو جي) جي نئين نالي سان متحرڪ آهي.

اهلسنت والجماعت جي ڪراچيءَ ۾ موجود ترجمان عمر معاويه نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ٻڌايو ته اهلسنت والجماعت پنهنجي ڪراچيءَ واري آفيس معرفت سڄي سنڌ ۾ سرگرميون منعقد ڪندي آهي. ڪراچيءَ جا مخير ماڻهو اهلسنت والجماعت کي عطيا ۽ چندا ڏيندا رهن ٿا ۽ اسان جي مالي وسيلن جو سڀ کان اهم ذريعو اهو ئي آهي.

هن اهو پڻ ٻڌايو ته کين زڪوات ۽ فطري کان علاوه به چندو ملندو آهي. هو اهي مالي وسيلا اهلسنت والجماعت جي ڪارڪنن ۽ سندن خاندانن جي ڀلائيءَ ۽ مدد تي خرچ ڪندا آهن، خاص ڪري انهن ڪارڪنن ۽ سندن وارثن جي مدد ترجيحي بنيادن تي ڪئي ويندي آهي جيڪي دهشتگرديءَ جو نشانو بڻجن ٿا. هن اهلسنت والجماعت جو سپاهه صحابه پاڪستان سان ڪو به تعلق هجڻ جي سختيءَ سان ترديد ڪئي.

هوڏانهن سي ايس ايس جي رسرچ فيلو محمد انيس وڌيڪ چيو ته نيشنل ايڪشن پلان مطابق پاڪستاني اختياريون دهشت پسند گروهن ۽ انهن جي مالياتي نظام کي ختم ڪرڻ ۾ ناڪام ثابت ٿيون آهن. ڪراچي آپريشن بعد دهشتگردن پنهنجي حڪمت عملي تبديل ڪندي پاڪستان جي ٻين علائقن ۾ محفوظ ٺڪاڻا ٺاهي ورتا آهن.
هن جو چوڻ هو ته آپريشن بعد جيتوڻيڪ شهر ۾ ڏوهن جي شرح گھٽجي وئي آهي پر چيف جسٽس جي پٽ اويس شاهه کي اغوا ڪري ۽ فوجي گاڏين مٿان حملا ڪري دهشتگرد پوءِ به پنهنجو پيغام موثر انداز سان ڦهلائي چڪا آهن.

11 آگسٽ 2016 واري ڏهاڙي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پاران ڪراچيءَ جي امن ۽ امان واري صورتحال متعلق ڪيس جي ٻڌڻي ڪرڻ دوران سنڌ حڪومت طرفان هڪ رپورٽ جمع ڪرائي وئي هئي. اها رپورٽ ٻڌائي ٿي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن (ايل اِي ايز) ڪراچي آپريشن دوران دهشتگردن خلاف 17 هزار انفرادي توڙي گڏيل ڪارروايون ڪيون آهن.

ڪراچي پوليس جي سربراهه مشتاق احمد مهر نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا صحيح رخ ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. ڪراچي آپريشن دوران ڇڙوڇڙ نوعيت جي حملن جي توقع هئي ۽ جيڪي وارداتون ٿيون آهن اهي انهيءَ نوعيت جون ئي آهن. دهشتگردن خلاف هو هڪ جامع پاليسيءَ تحت عملي ڪم ڪري رهيا آهن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا انهيءَ حڪمت عمليءَ تحت ئي اڳڀرائي ڪري رهيا آهن.

مشتاق احمد مهر جو چوڻ هو ته ان انداز سان جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، ان جي نتيجي ۾ پابندي مڙهيل تنظيمن جو وجود پاڙ کان ختم ڪيو ويندو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here