دير (ثناء اعجاز وٽان) ناصر خان جان جي ڀيٽ قنديل بلوچ سان ڪرڻ مناسب عمل نٿو ٿي سگھي. پهاڙي علائقي دِير سان تعلق رکندڙ سوشل ميڊيا جي ستاري کي ساڳي اهميت ڏيڻ ان ڪري مناسب نه آهي ڇو ته قنديل بلوچ انٽرنيٽ تي پنهنجي وجود جا جيڪي جلوا ظاهر ڪيا اهي سندس زندگيءَ توڙي موت کانپوءِ به روايت پسند ۽ جديد خيالن واري پاڪستان وچ ۾ تضادن شڪار رهيا آهن.

قنديل بلوچ جهڙيءَ ريت بيباڪ ۽ بي ڌڙڪ انداز سان پنهنجي جسم جو نِماءُ ڪندي جنهن پختگيءَ سان ڳالهائيندي هئي ان تي پاڪستاني سماج پنهنجي اندر ۾ ئي اخلاقي قدرن جي پوئواريءَ جي حوالي کان ورهايل نظر آيو، ان جي ڀيٽ ۾ خان جان شرميلو آهي، هن جو ڳالهائڻ ۽ سندس جسماني ادائون اڻ ٺهڪندڙ آهن. ان جي ڀيٽ ۾ قنديل بلوچ ڪيمرا جي اکين ۾ اعتماد واري انداز سان نهاريندي، جوش ڏياريندڙ حرڪتون ڪندي نظر ايندي هئي جنهن ڪري ئي کيس لکين ماڻهن پاران پسند به ڪيو ويندو هيو ته کيس ڌِڪاريو پڻ ويندو هيو. هن جي ابتڙ خان جان جي فيس بوڪ پيج تي جيڪي وڊيوز اپ لوڊ ڪيا ويا آهن انهن ۾ هو منجهيل ۽ سيکڙاٽ لڳي ٿو.

قنديل بلوچ کي هلندڙ سال جي جولاءِ مهيني ۾ سندس ڀاءُ ۽ ٻين پاران غيرت جي نالي تي قتل ڪرڻ بعد خان جان هن جيان ئي مشهور ٿيڻ چاهي ٿو. ميڊيا جي مختلف ادارن پاران کيس نظرا نداز ڪرڻ بعد هن به قنديل بلوچ جيان سوشل ميڊيا وسيلي مشهوري ماڻڻ خاطر ڪوششون شروع ڪري ڏنيون آهن.

هڪ اهڙي فرد جنهن جي صنفي جنس جي ڪٿ نه ڪري سگھجي، اهڙي وچڙيل صنف واري خان جان کي ماڊلنگ جو گھڻو شوق آهي. هن جو چوڻ آهي ته پنهنجي اسڪول وارن ڏينهن ۾ هو الاهي سرگرم هوندو هيو ۽ اتي ٿيندڙ ڊرامن ۽ ٽيبلوز ۾ اداڪاري ڪندو هيو. هاڻي جيئن ته هو ڪاليج پهچي ويو آهي ۽ ڪاليج ۾ ساڳيءَ ريت فن جو مظاهرو ڪرڻ جا موقعا ميسر نه آهن ان ڪري هن وٽ ڪرڻ لاءِ ڪجهه به نه آهي.

خان جان جو چوڻ هو ته هن چاهيو پئي ته مقامي ٽي وي چينلز تي اچي فن جو مظاهرو ڪري، پر هنن کيس ڪم ڪرڻ جو موقعو ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. فن جي مظاهري جا ٻيا موقعا موجود نه هجڻ جي ڪري ئي 30 سالن جي ماڊل پاران سوشل ميڊيا وسيلي پنهنجي جذبن جو اظهار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

خان جان ٻڌايو ته ان بعد ئي کيس خيال آيو ته هو پنهنجي صلاحيتن کي سوشل ميڊيا وسيلي به ٻين تائين پهچائي سگھي ٿو. جيتوڻيڪ هن جو چوڻ هو ته هو پنهنجي لباس جي چونڊ محتاط انداز سان ڪندو آهي ته جيئن هو ماڻهن جي نظرن کان پري ٿي نه سگھي پر اولهه جي انداز وارا ڪپڙا پائي عام ماڻهن جيان گھمڻ سبب هوخيبرپختونخواه جي پٺتي پيل ماحول ۾ اڻ ٺهڪندڙ لڳي ٿو. خيبرپختونخواه ته اهڙو صوبو آهي جتي مذهبي پارٽيون ماضيءَ جي اليڪشنن دوران عورتن کي ووٽ ڏيڻ واري حق کان به محروم رکنديون آيون آهن.

هن جڏهن سوشل ميڊيا کي استعمال ڪرڻ شروع ڪيو ته هن کي اها خبر نه هئي ته سوشل ميڊيا وسيلي هو مشهور ٿي ويندو. جڏهن هن کي پنهنجي مداحن پاران توجهه ۽ تعريف ملڻ لڳي ته هن جي فيس بوڪ پيج کي لائيڪ ڪرڻ وارن جو تعداد 24 هزارن کان مٿي پهچي ويو، جنهن ڪري خان جان جو حوصلو وڌڻ لڳو. هو جيڪي پوسٽون جاري ڪري ٿو انهن ۾ هو نچندي، ماڊلنگ ڪندي، سياسي ۽ سماجي مسئلن پاڪستان ۾ بجليءَ جي بحران تي تبصرو ڪندي نظر اچي ٿو يا والدين کي اها صلاح ڏيندي ڏيکاريو ويو آهي ته هو پنهنجي نياڻين کي بهتر مستقبل خاطر تعليم ڏيارين.

هن پاران ويجهڙائيءَ ۾ فيس بوڪ تي رکيل وڊيو، جنهن ۾ هو ڊانس ڪندي نظر اچي ٿو ان وڊيو کي وڏي پيماني تي پسند ڪيو ويو آهي. ان وڊيو تي تبصرو ڪندي ڪنهن لکيو آهي ته ”تون سني ليون کي ماري وئي آهين!، قطرينا ڪيف کي تو تي فخر ٿي پوندو!“. هڪ پوسٽ ۾ ته اهو به لکيو ويو آهي ته ”قنديل بلوچ جي قتل کانپوءِ مون هن قسم جي پوسٽن مان وڌيڪ لطف وٺڻ شروع ڪري ڏنو آهي!

اهڙي قسم جا تعريفي جملا لکڻ وارن کان علاوه سندس پوسٽن جي جواب ۾ انهن ماڻهن پاران به ردعمل ظاهر ڪيو وڃي ٿو جيڪي کيس مقامي ثقافت ۽ اخلاقي قدرن ۾ بگاڙ آڻڻ جو ذميوار سمجهن ٿا. جيتوڻيڪ اهڙا گرما گرم رايا کيس حوصلو ڏيندا رهن ٿا پر کيس ملندڙ ڌمڪيون خان جان کي هيسائي پڻ وجهن ٿيون. هن جو چوڻ هو ته قنديل بلوچ جي قتل کانپوءِ صورتحال اوچتو تبديل ٿي وئي. ماڻهن اوچتو ئي اوچتو کيس به قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ شروع ڪري ڏنيون آهن.

خان جان کي ڪي ڌمڪيون دٻيل لفظن ۾ ته ڪڏهن وري شديد نفرت ڀرئي انداز سان ڏنيون وڃن ٿيون جن کي هو نظر انداز ڪندو رهيو آهي ۽ انهن جو جواب ناهي ڏيندو پر هن لاءِ خطري جون گھنٽيون ان وقت وڄڻ شروع ٿيون جڏهن هن جي پاڙيسري نوجوان جيڪو هڪ يونيورسٽيءَ جو شاگرد پڻ آهي، مٿانئس حملو ڪيو. هن کيس ڌڪ هنيا جنهن جي ڪري هن جي مٿي ۾ زخم ٿي پيو ۽ ان مان رت وهي پيو.

ثقافتي نوعيت وارن معاملن جو تنقيدي جائزو وٺندڙ پشاور واسي تبصري نگار خادم حسين جو چوڻ هو ته، غيرت جي نالي تي قنديل بلوچ کي قتل ڪرڻ واري اهڙي قسم جو رجحان جنهن تحت هاڻي خان جان کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن اهو گھڻن قبيلن ۽ ٻهراڙين ۾ رهندڙ ماڻهن لاءِ ڪو وڏو مسئلو نه آهي.

خادم حسين جو چوڻ هو ته سماجي ادارن پاران سماج جي اُڻت اهڙي انداز سان ڪئي وئي آهي جو ان سماجي اڻت وسيلي ئي مرد ۽ عورت جي ڪردار، سندن سڃاڻپ ۽ ذميوارين کي به طئي ڪري ڇڏيو ويو آهي ۽ اهي اخلاقي قدر گڏيل بنيادن تي طئي ڪيا ويا آهن. جيڪي فرد ان سماجي اڻت ۽ اخلاقي قدرن متعلق سوال اٿارين ٿا، انهن کي نه ٿا مڃين ته پوءِ بندش لڳائڻ وارا ماڻهو اهڙي قسم جي ماڻهن ۽ گروهن کي شدت سان جواب ڏيندي کين، سندن بائيڪاٽ ڪري، برادريءَ مان نيڪالي ڏئي چتاءُ ڏيندا رهن ٿا ۽ آخر ۾ سندن خاتمو آڻي ڇڏين ٿا.

غيرت واري تصور جي پوئواري ڪندڙ هن جو خاندان به سوشل ميڊيا وسيلي مشهور ٿيڻ بابت خان جان جي ارادي واري راهه آڏو وڏي رڪاوٽ بڻيل آهي. ناصر اٺن ڀينرن ۽ چئن ڀائرن مان سڀني کان ننڍو آهي. سندس ٽي پرڻيل ڀينرون پرڏيهه ۾ رهن ٿيون.

ناصر جي والده جو چوڻ هو ته خان جا ڀائر ڀينر سوشل ميڊيا تي هن جي اداڪاريءَ بابت هر وقت شڪايت ڪندا رهن ٿا. هن جا ڀيڻويا هن جي وڊيو ڪلپس تي سدائين ٺٺول ڪندا رهندا آهن جن جي ڪري هن جي ڀينرن کي اڪثر ڪري پشيمانيءَ جو منهن ڏسڻو پوندو آهي.

قنديل بلوچ جي ڀاءُ ۽ ٻين هن کي ان ڪري قتل ڪيو ڇو ته خاندان ۽ پاڙيسري ماڻهو سندن ڀيڻ جي وڊيوز جي ڪري مٿن چٿرون ڪندا ۽ کين ڪاوڙ ڏياريندا هئا. جنهن ڏينهن قنديل بلوچ کي قتل ڪيو ويو ان ڏينهن ڪنهن ماڻهوءَ خان جان جي فيس بوڪ ٽائيم لائين تي اها هٿ جي گھڙيل ٽي ويءَ جي خبر واري پوسٽ رکي ته ”خان جان جي ڀيڻ غيرت ۾ اچي کيس قتل ڪري ڇڏيو آهي“.

لاهور سان تعلق رکندڙ ڊجيٽل رائيٽس جي سرگرم ڪارڪن نگهت داد جو چوڻ هو ته جيتوڻيڪ ناصر خان جان پاڻ کي بي ضرر فنڪار سمجهي ٿو پر هتان جي ماڻهن کي ڪا به ڳالهه ڪنهن وقت به ڪاوڙ ۾ آڻي وجهي ٿي. ان ۾ ڪو ئي شڪ نه آهي ته خامين هجڻ باوجود سائبر ڪرائيم بل بابت قانون، ناصر خان جان جهڙن ماڻهن کي تحفظ مهيا ڪري سگھي ٿو ڇو ته آن لائين انداز سان ڌمڪيون ڏيڻ هاڻي ڏوهه هونديون.

ناصر خان جان جو چوڻ هو ته هن جهڙا ماڻهو جيڪي پنهنجي جذبن ۽ صلاحيتن جو آزاديءَ سان اظهار ڪرڻ خاطر سوشل جي چونڊ ڪن ٿا انهن کي سندن خاندان جا ماڻهو به سندن ڳالهين ۽ پيشورانه ڪم جي ڪري پاڻ کان ڌِڪي ڌار ڪري ٿا ڇڏين. پاڪستان جي ٻهراڙين ۾ ڪجهه ماڻهو موسيقي، آرٽ، اداڪاري، ڳائڻ ۽ نچڻ کي سٺو پيشو ناهن سمجهندا.

نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي ناصر جي وڏي ڀاءُ چيو ته سندن خاندان جو هاڻي ناصر سان ڪو به تعلق يا واسطو نه آهي. هن جي خاندان جي ٻين ڀاتين سوٽن، ماساتن ۽ ماروٽن به سندس وڊيوز جي ڪري هن کان لاتعلقي ظاهر ڪري ڇڏي آهي.

خان جان جو چوڻ هو ته سندس خاندان جي لڳ ڀڳ سمورن ماڻهن سانڻس واسطا ٽوڙي ڇڏيا آهن ڪجهه مائٽن پاران ته تمام گھڻي ڪاوڙ جو اظهار پڻ ڪيو ويو آهي، اهو ئي سبب آهي ته ٻيا ماڻهو به سندس پوسٽن تي منفي رايا ڏيڻ لڳا آهن. هن جو چوڻ هو ته هو ڪنهن به ٻئي جي عزت يا غيرت جو مسئلو نه آهي، هو پنهنجي عزت ۽ غيرت جو مالڪ پاڻ آهي.

قنديل بلوچ جي موت کانپوءِ هن کي پنهنجي مائٽن مان خطرو رهڻ لڳو آهي. خان جان جو چوڻ هو ته کيس هاڻي پنهنجي خاندان جي فردن مان ئي خطرو رهڻ لڳو آهي ڇاڪاڻ ته قنديل بلوچ کي به ڪنهن ٻئي نه پر سندس ڀاءُ ئي قتل ڪيو هيو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here