ڊيرا اسماعيل خان (رحمت محسود وٽان) مقامي سرڪاري عملدارن ۽ قبائلين ٻڌايو آهي ته، فوج پاران اتر اولهه واري سرحد ڀرسان واقع قبائلي علائقي ۾ ڪيل طويل ڪارروائيءَ جي نتيجي ۾ ويڙهاڪن جي هن اڳوڻي ڳڙهه ۾ ڇوڪرين هڪ ڀيرو ٻيهر اسڪول وڃڻ شروع ڪري ڏنو آهي.

ايتري تائين جو تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) جي اڳوڻي سربراهه حڪيم الله محسود جي ڳوٺ ۾ واقع اسڪول ڏانهن شاگردياڻين کي ٽولن جي صورت ۾ اسڪول ويندي ڏسي سگھجي ٿو. قبائلي علائقي ڏکڻ وزيرستان جي ايجوڪيشن آفيسر خليل داوڙ مطابق، ”ڪوٽڪئي“ ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ هن وقت 3 سو شاگرد تعليم پرائي رهيا آهن.

خليل داوڙ نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته حڪومت انهيءَ علائقي جي مڊل اسڪول جو درجو وڌائي ان کي هاءِ اسڪول جو رتبو ڏئي ڇڏيو آهي ڇو ته لڏپلاڻ ڪري ويل خاندانن جي واپس اچڻ سبب اسڪول ۾ داخلا بابت زوردار موٽ ملي رهي هئي.

پنجين درجي جي هڪ شاگردياڻيءَ، جنهن پنهنجو سڄو نالو ظاهر ڪرڻ بجاءِ پنهنجو تعارف گلناز طور ڪرايو، ٻڌايو ته هوءَ ڊاڪٽر ٿيڻ چاهي ٿي. نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي هن مطالبو ڪيو ته حڪومت کي گھرجي ته مفت تعليم مهيا ڪري.

پاڪستاني طالبان جي پيدائش واري علائقي، ڏکڻ وزيرستان ۾ طالبان جي سخت گيريءَ تي ٻڌل ڪاررواين سبب هزارين خاندان لڏپلاڻ تي مجبور ٿيا ۽ 2009 ۾ پاڪ فوج پاران انهيءَ علائقي ۾ ”راهه نجات“ جي نالي تحت ويڙهاڪن خلاف آپريشن جي شروعات ڪئي وئي.

فاٽا رسرچ سينٽر جي هڪ رپورٽ مطابق، 8 قبائلي ايجنسين ۽ 6 سرحدي ريجنن تي مشتمل وفاق جي انتظام واري قبائلي پرڳڻي فاٽا جي تعليم واري بجيٽ 2001 جي ڀيٽ ۾ 2004 ۽ 2005 دوران لڳ ڀڳ ٻيڻ تي وڌائيندي 2.7 ارب روپيا مقرر ڪئي وئي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته، مقامي طالبان پنهنجي هٿ گھڙين دليلن آڌار اسڪولن خاص ڪري ڇوڪرين جي تعليم جي کلي عام مخالفت ڪندا هئا.

رپورٽ ۾ اهو پڻ ٻڌايو ويو آهي ته ٻه سال اڳ جڏهن هتان لڏي ويل خاندانن واپس اچي ٻيهر ڏکڻ وزيرستان ۾ آباد ٿيڻ شروع ڪيو ته هتان جي انتظاميا 23 هزار ٻارن کي اسڪولن ۾ داخل ڪرڻ جو حدف مقرر ڪيو ۽ هن مهل تائين 18 هزار ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي داخلا ٿي چڪي آهي.

آل ٽرائبل ٽيچرز ايسوسيئيشن جي صدر خان ملڪ جو چوڻ هو ته، ڇوڪرين جي داخلا جي سلسلي ۾ ملندڙ موٽ سندس لاءِ حيران ڪندڙ آهي. نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه ڪندي خان ملڪ چيو ته يقين ڪريو، ڇوڪرين جي داخلا ۾ واڌ ٿيڻ سبب کيس تمام گھڻي دلي خوشي ٿي آهي.

هن ٻڌايو ته ”پاڪ فوج، پوليٽيڪل انتظاميا ۽ مقامي چڱن مڙسن جي سهڪار سان تعليم کاتي پاران دهشتگرديءَ جي ستايل پرڳڻي جي سڀني علائقن ۾ سمورن ٻارن کي تعليم ڏيڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪيون ويون آهن.

هڪ قبيلائي اڳواڻ محمد اعظم چيو ته ستن سالن جو ڊگهو وقت پنهنجي گھرن کان پري دربدريءَ ۾ گذاريو پر نه ته وفاقي حڪومت ۽ نه ئي يونيسيف جهڙي ڪنهن عالمي اداري اها ضرورت محسوس ڪئي ته سندن ٻارن جي تعليم بابت اچي حال پڇن.

فاٽا رسرچ سينٽر جي رپورٽ مطابق، وفاق ۽ صوبن جي گڏيل تناسب 59.6 سيڪڙو جي ڀيٽ ۾ فاٽا جي قبائلي علائقن ۾ خواندگيءَ جي شرح 17.42 سيڪڙو آهي. رپورٽ مطابق، فاٽا ۾ ڪل 6 لک 74 هزار، 567 تعليمي ادارا قائم ۽ 22 هزار 404 استاد فرض سرانجام ڏئي رهيا آهن.

خليل داوڙ ٻڌايو ته، تعليم کاتي پاران 23 هزار ٻارن کي پرائمري اسڪولن ۾ داخل ڪرڻ خاطر ٻن مرحلن تي مشتمل تيزيءَ سان اڳتي وڌندڙ مهم شروع ڪئي وئي آهي. هن اهو پڻ چيو ته هو پُراميد آهن ته مهم جي ٻئي مرحلي دوران داخلائن جو جيڪو حدف مقرر ڪيو ويو آهي ان حدف کان به وڌيڪ ٻار اسڪولن ۾ داخل ٿين، داخلا واري مهم جو ٻيو مرحلو پهرين آگسٽ کان 31 آگسٽ تائين جاري رکيو ويندو.

تعليم کاتي پاران ٻارن کي اسڪول ڏانهن مائل ڪرڻ خاطر شاگردن کي ڪتابن جا ٿيلها، ڪتاب، قلم ۽ ٻيون شيون مفت فراهم ڪيون پيون وڃن. ان کان علاوه ويڙهاڪن خلاف ٿيل فوجي ڪارروائيءَ دوران جن اسڪولن جي عمارتن کي نقصان پهتو تعليم کاتو انهن اسڪولن جي مرمت وارو ڪم پڻ ڪري رهيو آهي.

ملڪ شاهجهان نالي هڪ قبائلي چڱي مڙس جو چوڻ هو ته، اڪثر اسڪولن ۾ فرنيچر ۽ ٻاهريون ڀتيون موجود ناهن. فاٽا رسرچ سينٽر جو چوڻ آهي ته، تباهه ٿيل 458 تعليمي ادارن (پرائمري، مڊل، هاءِ، هائير سيڪنڊري اسڪولن ۽ ڪاليجن) مان 141 اهڙا تعليمي ادارا آهن جتي ڇوڪريون تعليم پرائينديون هيون ۽ انهن کي ويڙهاڪن بارود سان اڏائي تباهه ڪيو.

فاٽا سينٽر پاران اهو پڻ واضح ڪيو ويو آهي ته، بارودي ڌماڪن جي نتيجي ۾ 343 تعليمي ادارا مڪمل طور تي، جڏهن ته 79 تعليمي ادارا جزوي طور تي تباهه ٿيا ۽ 36 تعليمي ادارن کي نقصان پهتو. صرف ڏکڻ وزيرستان ۾ 27 تعليمي ادارا مڪمل طور تي تباهه ڪيا ويا ۽ 8 ادارن کي جزوي نقصان پهتو.

قبائلي چڱي مڙس محمد اعظم ٻڌايو ته هتان لڏي ويل خاندانن جي واپسي اڃان به جاري آهي والدين پنهنجي ٻارن کي تعليم ڏيارڻ واري معاملي ۾ تمام گھڻي دلچسي ظاهر ڪري رهيا آهن. هن اهو پڻ چيو ته کين هاڻي اهو يقين ٿي چڪو آهي ته موجوده وقتن ۾ پنهنجي ڌيئرن ۽ ڀينرن کي تعليم ڏيارڻ جي تمام گھڻي اهميت آهي.
هن چيو ته، حڪومت کي گھرجي ته، پنهنجي ڪوششن ۾ بهتري آڻيندي سمورن ٻارن کي مفت يونيفارم، ڪتاب ۽ اسڪول ۾ ڪتب ايندڙ ٻيون شيون مهيا ڪري، ايئن ڪرڻ سان ڏهن سالن جي وقت اندر تعليم واري شعبي جي مجموعي صورتحال تي انتهائي مثبت اثر پئجي ويندا.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here