پشاور (سلمان يوسفزئيءَ وٽان) خيبرپختونخواه جي حڪومت، صوبي جي انهن علائقن جتي آفتن سبب سرڪاري اسڪولن جون عمارتون تباهه ٿيل آهن، اتي اسڪولن جي کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ، بندرگاهه کان ڏوارنهن علائقن تائين سامان ڍوئڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ لوهه جي وڏن ڪنٽينرن ۾ اسڪول کولڻ واري رٿا تي غور ڪري رهي آهي.
خيبرپختونخواه جي رٿابندي ۽ ترقيءَ (پي اينڊ ڊي) کاتي ۾ چيف فارين ايڊ آفيسر طور ڪم ڪندڙ خالد الياس ٻڌايو آهي ته ”ترقيءَ ۽ رٿابنديءَ بابت صوبائي کاتي سامان ڍوئڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ ڪنٽينرن ۾ ڪجهه تبديليون ڪري انهن کي ڪلاس رومن ۾ تبديل ڪرڻ واري رٿا، صوبي ۾ قدرتي آفتن توڙي ويڙهه جي نتيجي ۾ تباهه ٿيل اسڪولن ۾ تعليمي عمل بحال ڪرڻ جي ارادي سان پيش ڪئي آهي“.
نيوز لينز پاڪستان کي خالد الياس ٻڌايو ته ”صوبي جي تعليم کاتي پڻ اهڙي صلاح سان متفق ٿيڻ بعد ڪجهه مخصوص علائقن ۾ تجرباتي بنيادن تي ان حڪمت عمليءَ تي عمل ڪرڻ بابت ترقيءَ ۽ رٿابنديءَ بابت کاتي کي گرين سگنل ڏنو آهي. انهيءَ منصوبي جو دائرو بعد ۾ صوبي جي ٻين سمورن ضلعن تائين وڌايو ويندو ته جيئن اسڪولن جي کوٽ کي پورو ڪري سگھجي“.
سال 2014-15 دوران پاڪستان ۾ تعليم جي صورتحال بابت انگن اکرن تي ٻڌل هڪ رپورٽ، جيڪا ”اڪيڊمي آف ايجوڪيشنل پلاننگ اينڊ مئنيجمينٽ“ (اي اِي پي اي ايم) پاران الف اعلان نالي هڪ غيرسرڪاري تنظيم جيڪا تعليم جي شعبي ۾ ڪم ڪري رهي آهي، جي سهڪار سان تيار ڪرائڻ بعد جاري ڪئي وئي، ان مطابق سڄي صوبي ۾ 52 سيڪڙو ڇوڪريون ۽ 21 سيڪڙو ڇوڪرا اسڪولن ۾ تعليم نه پيا پرائين.
خيبرپختونخواه صوبي جي تعليم واري سيڪريٽري مشتاق جدون مطابق ”گذريل ڪجهه سالن دوران دهشتگرديءَ، ٻوڏن ۽ زلزلي سبب صوبي جا 3 هزار 4 سئو اسڪول تباهه ٿي چڪا آهن“.
جڏهن ته خيبرپختونخواه صوبي جي بنيادي ۽ سيڪنڊري تعليم واري وزير محمد عاطف خان نيوز لينز پاڪستان سان ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته ”صوبي جي رٿابندي ۽ ترقيءَ واري کاتي ڪنٽينر اسڪول قائم ڪرڻ جي رٿ پيش ڪئي آهي. جڏهن ته ان منصوبي تي ڪم ڪرڻ بابت لاڳاپيل کاتي کي اڃان ڪجهه عملي ڪم ڪرڻو آهي“.
محمد عاطف خان ٻڌايو ته ”سرزمين جو معائنو ڪرڻ بعد رٿابندي ۽ ترقيءَ وارو کاتو سالياني ترقياتي پروگرام تحت منصوبي لاءِ مالي وسيلا رکندو“. هن اهو چيو ته، اهڙا اسڪول قائم ڪرڻ متعلق جيڪو فيصلو ڪيو ويو آهي، ان مطابق لاڳاپيل ذميوار آفيسرن کي گھٽ لاڳت وارا محفوظ ۽ سهڻا لڳندڙ اسڪول قائم ڪرڻا پوندا، ڇاڪاڻ ته سِرن سان اڏجندڙ اسڪولن جي تعمير ۾ گھڻو وقت لڳي وڃي ٿو، جڏهن ته حالتن جي گهرج اها آهي ته اسڪول جلد قائم ڪري تعليمي عمل ترت بحال ٿيڻ گھرجي.
پي اينڊ ڊي کاتي جي خالد الياس جو موقف آهي ته ”موجوده اسڪولن وٽ موجود ايراضيءَ کي ترت ۽ آسان انداز سان استعمال هيٺ آڻڻ جي سلسلي ۾ پڻ هي منصوبو الاهي ڪارگر آهي ڇو ته شاگردن کي اسڪولن اندر وڌيڪ گنجائش ۽ سهولتون گھربل آهن. اها پڻ حقيقت آهي ته ساڳي نوعيت جا ڪنٽينر اسڪول ڪيترن ئي ملڪن ۾ تسلي جوڳا نتيجا ڏيندي هلي رهيا آهن“.
هن وڌيڪ ٻڌايو ته، اهڙي قسم جي عملي مداخلت ابتدائي طور آفت سٽيل علائقن ۾ تعليمي عمل جي بحاليءَ خاطر آزمائشي بنيادن تحت شروع ڪئي ويندي، جنهن تحت هڪ اسڪول ٽن مهينن اندر تيار ڪيو ويندو ۽ هر اسڪول لاءِ 6 ڪلاس روم تيار ڪيا ويندا. هن اهو پڻ ٻڌايو ته بجليءَ جي بندش يا لوڊشيڊنگ جي ڪري تعليمي عمل ۾ پئجي سگھندڙ امڪاني رنڊڪن کي اڳواٽ ختم ڪرڻ لاءِ اسڪولن ۾ شمسي توانائيءَ مان بجلي پيدا ڪندڙ يونٽ پڻ لڳايا ويندا.
خالد الياس جو چوڻ آهي ته ”سرڪاري شعبي اندر ڪنٽينرن جي خريداري ۽ مالي وسيلا مقرر ڪرائڻ هڪ ڊگهو عمل آهي، تنهن هوندي به اسان ان منصوبي جا تفصيل غيرملڪي امداد ڏيڻ وارن ادارن کي فراهم ڪري رهيا آهيون ته جيئن منصوبي کي تيزيءَ سان مڪمل ڪرڻ لاءِ انهن کان به مالي مدد حاصل ڪري سگھجي“.
هن چيو ته، هڪ دفعو رٿا تي ڪم شروع ٿي ويندو ته پوءِ تعميرات ۽ عملي ڪم واري کاتي پاران سمورن اسڪولن جي قيام ۾ ٻن سالن جو وقت لڳي ويندو. جڏهن به هڪ ڪنٽينر اسڪول جي تعمير مڪمل ٿي ويندي ته پوءِ ٻيا آفيسر ان جو معائنو ڪندا ته جيئن ان ڳالهه جي پڪ ڪري سگھجي ته اسڪول جي تعمير دوران سمورين گھرجن ۽ معيارن بابت ڏنل هدايتن تي عمل ڪيو ويو آهي.
خالد الياس پاران وڌيڪ تفصيل بيان ڪندي ٻڌايو ويو آهي ته ”هر هڪ ڪنٽينر اسڪول جي حياتي 50 سال هوندي ۽ ان جي مرمت تي ڪا به لاڳت نه ايندي. آزمائشي رٿا وارو مرحلو مڪمل ٿيڻ بعد اسان سڄي صوبي ۾ جتي جتي به اسڪولي عمارتون موجود ناهن يا جتي انهن جي ضرورت آهي ته پوءِ اتي به اهڙا ئي اسڪول ٻن سالن اندر اڏينداسين“.
هن ٻڌايو ته، ڀارت پاران پهريون ڪنٽينر اسڪول 2015 ۾ متعارف ڪرايو ويو، هنن پاران ساڳين بنيادن تي آفت سٽيل علائقن، جتي تعليمي سهولتون برباديءَ جو شڪار ٿي ويون هيون، اتي ڪنٽينر اسڪول قائم ڪيا ويا. ابتدائي طور تي عالمي ۽ ملڪي ماهر اهڙا ڪنٽينر اسڪول اڏڻ جي سلسلي ۾ اسانجي رهنمائي ۽ مدد ڪندا.

پشاور سان تعلق رکندڙ هڪ انجنيئر سعيد خان جو چوڻ آهي ته ”صوبائي حڪومت جي اها هڪ سٺي ڪوشش آهي ڇو ته ڪنٽينر اسڪول قائم ڪرڻ ۾ وقت تمام گھٽ لڳندو، مان سمجهان ٿو ته ڊگھي وقت تائين پائيدار رهڻ ۽ ٻين جي ڀيٽ ۾ هن جي سارسنڀال مٿان تمام گھٽ خرچ اچڻ واري خوبيءَ سبب هن کي خيبرپختونخواه ۾ پڪين سِرن مان اڏجندڙ اسڪولن جي ڀيٽ ۾ پڻ ترجيح ڏيڻ گھرجي“.
انجنيئر سعيد خان وڌيڪ ٻڌايو ته ”هڪ ڪنٽينر 40 باءِ 9 فوٽن جو ٿيندو آهي اهڙي خاصيت جي ڪري ان ۾ ٻه ڪلاس روم به قائم ڪري سگھجن ٿا. ڪنٽينر اسڪول قائم ڪرڻ ۾ انتهائي سولا آهن ڇاڪاڻ ته انهن کي آڻڻ توڙي اڏڻ جي سلسلي ۾ گھڻين اجازتن وٺڻ جي به ضرورت نه آهي انهن کي سادي انداز سان کڻي اچڻ ۽ ڪنهن ٻئي هنڌ تي به آسانيءَ سان منتقل ڪري سگھجي ٿو“.
ٻارن ۽ سماجي معاملن متعلق ڪم ڪندڙ سرگرم سماجي ڪارڪن عمران ٽَڪر پڻ ان قدم کي ساراهيندي چيو آهي ته ”اهو خيال الاهي دلچسپ پڻ آهي پر اهو منصوبو تڏهن ئي فائديمند ٿي سگھي ٿو جڏهن حڪومت ان کي پائيدار بنيادن تي جاري رکندي ايندي. هن اهو پڻ چيو ته، منصوبو شروع ڪرڻ کان اڳ حڪومت کي انهيءَ متعلق سموري تياري اڳواٽ ڪرڻ گھرجي. تحريڪ انصاف جي اڳواڻيءَ ۾ قائم صوبي جي حڪومت پاران صحت ۽ تعليم کي ٻين شعبن مٿان اوليت ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي وئي پر هن مهل تائين انهن ٻنهي شعبن اندر ڪا وڏي تبديلي ٿيندي نظر ناهي آئي.

”نيشنل ڪميشن فار هيومن ڊولپمينٽ“ (اين سي ايڇ ڊي) جي انگن اکرن مطابق، پاڪستان جي اترين علائقن ۾ 2005 دوران آيل زلزلي سبب لڳ ڀڳ 6 لک عمارتون تباهه ٿي ويون هيون، جن مان 5 هزار 5 سئو عمارتون اسڪولن جون هيون. جڏهن ته 2010 ۾ آيل ٻوڏ سبب اسڪولن جي 10 هزار عمارتن کي نقصان پهتو. ان کان علاوه ويڙهه ۽ دهشتگرديءَ سبب صوبي اندر لڳ ڀڳ 750 اسڪولن کي نشانو بڻائي دهشتگردن پاران تباهه ڪيو ويو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here