پشاور (شيراز اڪبر وٽان) وسيم احمد جا ٻه ٻار پشاور جي هڪ نجي اسڪول ۾ تعليم پرائيندا آهن پر هو پنهنجي ٻارن کي شام جي وقت ۾ ٽيوشن پڻ ڏياري ٿو. وسيم احمد جو چوڻ آهي ته ”ٻارن کي اسڪول ۾ جيترو پڙهايو وڃي ٿو ان جي مدد سان هو امتحانن ۾ سٺيون مارڪون حاصل نه ٿا ڪري سگھن. اهو ئي سبب آهي ته مون پهريان پنهنجي پٽ احمد کي گھر تي ٽيوشن جو بندوبست ڪري ڏنو ڇو ته هن پڙهائيءَ ۾ سٺيون مارڪون نه پئي کنيون، بعد ۾ اهڙو ئي انتظام مون پنهنجي ڌي لاريب لاءِ به ڪيو ته جيئن اسڪول ۾ پڙهائيءَ جو معيار سٺو نه هجڻ سبب هن جي تعليمي ڪارڪردگي به خراب نه ٿئي“.
پاڪستان ۾ ٻارن کي ٽيوشن ڏيارڻ جو رواج هاڻي گھڻو عام ٿي چڪو آهي، ان مقصد لاءِ والدين کي اضافي پيسا خرچ ڪرڻا پون ٿا ڇو ته اسڪول ۾ تعليم ڏيارڻ تي هو اڳواٽ ئي ڳريون فيون ۽ ٻيا خرچ برداشت ڪري رهيا هوندا آهن. وسيم احمد جيان ٻيا اڻ ڳڻيا والدين پنهنجي ٻارن کي شام جي وقت ۾ ٽيوشن ڏيارڻ تي مجبور آهن.
نيوز لينز پاڪستان سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪندي وسيم احمد جو چوڻ هيو ته تعليمي ڪارڪردگيءَ جي حوالي کان منهنجي پٽ جو جيڪو حشر ٿيو مان نه ٿو چاهيان ته منهنجي ڌيءُ به اهڙي صورتحال کي منهن ڏئي، سو اهڙي صورتحال کي ٽارڻ لاءِ ئي مان پنهنجي ٻارن کي ٽيوشن ڏياري رهيو آهيان. مونکي ايترو وقت ميسر نه ٿو ٿئي جو مان پنهنجي ٻارن کي پاڻ پڙهايان ۽ منهنجي زال ان ڪري ٻارن کي پڙهائي نه ٿي سگھي ڇو ته مضمون ڏکيا هجڻ جي ڪري اهي هن جي زال جي سمجهه کان ٻاهر آهن.
جيئن ته سرڪاري ۽ نجي اسڪولن کان علاوه ٽيوشن جي نالي هيٺ ٻارن کي اڪيڊمين يا گھرن ۾ به پڙهايو وڃي ٿو، ان رجحان کي تعليمي ماهر ”تعيلم جي ٽئين شعبي“ طور تسليم ڪن ٿا جڏهن ته ڪجهه ماهر ان کي تعليم جو پاڇو به قرار ڏين ٿا ۽ اهو رجحان ڏکڻ ايشيا جي ملڪن ۾ عام ٿي چڪو آهي پر ان جي اثرن جي ڪٿ ڪرڻ متعلق اڃان ڪا به تحقيق ناهي ڪئي وئي.
هڪ تعليمي اسڪالر ڊاڪٽر منزا اسلم پاران ”پاڪستان ۾ نجي ٽيوشن جي صنعت: هڪ خطرناڪ رجحان“ جي عنوان سان ڪيل تحقيقي اڀياس ۾ ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي وئي آهي ته شاگردن جي حاصلات ۽ نجي سطح جي ٽيوشن وچ ۾ جيڪو لاڳاپو آهي اهو پاليسيون ٺاهڻ جي ڏس ۾ ان ڪري وڌيڪ ڌيان ڇڪائڻ لڳو آهي ڇو ته اسڪولن جي وقت دوران تعليم ڏيڻ جي معيار متعلق هاڻي ڪيترا ئي سوال پيدا ٿي چڪا آهن. نجي ٽيوشن جي رجحان سبب هاڻي معاوضن جي ادائيگي ۽ اهڙي اضافي مدد حاصل ڪري سگھڻ بابت به سوال پيدا ٿيڻ لڳا آهن. آئين جي شق 25 اي تحت تعليم حاصل ڪرڻ جي حق جي جهڙيءَ ريت تشريح ڪئي وئي آهي ان پسمنظر ۾ اهي سوال وڌيڪ اهميت جوڳا بڻجي وڃن ٿا.
عالمي بينڪ پاران ”نجي ٽيوشن جو وڌندڙ رجحان“ جي عنوان سان جاري ڪيل اڀياس ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ٽيوشن ڏيڻ جو رجحان هاڻي ترقي يافته ملڪن سميت دنيا جي ڪيترن ئي حصن ۾ ڦهلجي چڪو آهي. اضافي نوعيت جي تعليم نجي سطح تي ٽيوشن وسيلي ڏيڻ واري رجحان جي موقعن کي هٿي وٺرائڻ جو بانيڪار جاپان آهي. نجي سطح تي ٽيوشن ڏيڻ واري رجحان جاپان ۾ ڪاروباري صنعت جي شڪل اختيار ڪري ورتي آهي ۽ اها صنعت 1990 تائين هڪ اندازي مطابق ساليانو 14 ارب ڊالرن جو منافعو ڪمائي رهي هئي.
اسڪول ۾ ٿيندڙ پڙهائي جي تسلسل کي وڌيڪ تحرڪ ڏيارڻ لاءِ ڪيترائي نجي ٽيوشن اسڪول (جوڪُو) جا شاگرد پنهنجي ٻانهن تي ان ئي انداز سان اڇي رنگ جي پٽي ويڙهيندا آهن جهڙيءَ ريت جنگ ڪرڻ وقت سمورائي ويڙهاڪ به پنهنجي ٻانهن تي اڇي پٽي ويڙهيندا هئا.
پاڪستان ۾ جئين ته ان رجحان جي موجوده صورتحال متعلق ڪي به انگ اکر موجود نه آهن، پر نجي سطح جي ٽيوشن متعلق 2011 جي سالياني تعليمي صورتحال واري رپورٽ مان اهو پتو پوي ٿو ته 3 کان 16 سالن واري ڄمار جا 11 سيڪڙو ٻار نجي ٽيوشن وٺن ٿا ۽ ٻهراڙين وارن علائقن ۾ اهڙي ٽيوشن وٺڻ عيوض ٻارن جا والدين ماهوار 293 روپيا ادا ڪن ٿا. اها رقم پاڪستان جي ان 60 سيڪڙو آباديءَ لاءِ گھڻي معمولي رقم به نه آهي، جيڪي اطلاعن مطابق پنهنجي زندگي روزانو 2 ڊالرن کان به گھٽ آمدنيءَ تحت گذارين ٿا.
پشاور جي هڪ پرائيويٽ اسڪول جي استاد، پنهنجي سڃاڻپ ان بنياد تي ڳجهي رکندي، ڇو ته هن کي پنهنجو نالو ظاهر ڪرڻ سٺو نه پئي لڳو، نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته اسڪولن جي انتظاميا ئي نجي ٽيوشن واري رجحان ۾ اضافي جي ذميوار آهي، ڇو ته اها سندن بنيادي ذميواري آهي ته هو ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته اسڪول جا استاد پنهنجي شاگردن کي معياري تعليم ڏين.
”مون جڏهن استاد جي حيثيت ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ته شاگردن کي تعليم خاطر مان پنهنجون سڀئي صلاحيتون استعمال ڪندو هيس ۽ مان انهن شاگردن تي وڌيڪ ڌيان ڏيندو هئس جن کي استاد جي ڌيان جي وڌيڪ ضرورت هوندي هئي، بنان ڪنهن شڪ جي اهو ڪم وڌيڪ وقت طلب ڪندڙ هوندو آهي. منهنجي اهڙي ڪارڪردگيءَ جي ڪجهه ئي هفتن بعد اسڪول جي انتظاميا پاران مونکي گھرائي چيو ويو ته اسڪول جا ٻيا استاد، ساڳي درجي جي شاگردن کي ساڳي اسڪول جي ٻين ڪلاسن ۾، ساڳيا ئي مضمون پڙهائين ٿا ۽ اهي ڪورس پورو ڪري چڪا آهن پر انهن جي ڀيٽ ۾ مان وڌيڪ گِهل ٿو ڪيان“.
ان استاد ٻڌايو ته آخرڪار هن کي اها هدايت ڪئي وئي ته هو ٻين استادن واري طريقي جي پوئواري ڪري يا نوڪري ڇڏي وڃي.
پشاور ۾ نجي ٽيوشن سينٽر هلائيندڙ هڪ نوجوان قاسم نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته ”مون پنهنجو سينٽر پهرين کان ٻارهين درجي تائين جي شاگردن کي پڙهائڻ جي ارادي سان کوليو پر منهنجي سينٽر ۾ سڀ کان گھڻا شاگرد 9 کان 12 ڪلاس جا اچڻ لڳا آهن جيڪي گھڻي ڀاڱي سائنس جا مضمون فزڪس، ڪيمسٽري، بايولاجي ۽ رياضي پڙهڻ چاهن ٿا“.
ان ٽيوشن سينٽر ۾ پهرين کان ستين درجي تائين جي شاگردن کان اهي سڀ مضمون پڙهائڻ عيوض ماهوار 2 هزار روپيا في اوڳاڙي وڃي ٿي. جڏهن ته 8 کان 12 درجي جي شاگردن کان هر مضمون جي عيوض هڪ هزار روپيا في ورتي ويندي آهي ڇو ته مٿئين درجي وارن شاگردن کي سائنس جا مضمون پڙهائيندڙ استادن جي طلب گھڻي هجڻ جي ڪري انهن جو معاوضو به وڌيڪ آهي.
قاسم جو چوڻ آهي ته ”شاگردن جي والدين کي پنهنجي ٻارن کي پاڻ پڙهائڻ لاءِ وقت ئي نه ٿو ملي اهو ئي سبب آهي ته گھڻي کان گھڻا والدين پنهنجي اولاد کي ٽيوشن جي اڪيڊمين ڏانهن اماڻيندا رهن ٿا. ٽيوشن اڪيڊميون پڙهائيءَ ۾ ڪمزور ٻارن جي ذهانت وڌائڻ ۾ مدد ڪن ٿيون پر ان رجحان سبب شاگردن وچ ۾ هڪ وڏو فرق به پيدا ٿي وڃي ٿو ڇو ته ڪيترن ئي ٻارن جا والدين ٽيوشن جا خرچ ڀري نه ٿا سگھن“.
هڪ اسڪول جي استاد نواز آفريديءَ جو چوڻ آهي ته ”شاگردن کي ڪلاس جي اندر ئي انفرادي توجهه جي ضرورت هوندي آهي پر جيئن ته ڪلاس ۾ شاگردن جو تعداد گھڻو هوندو آهي ان ڪري استاد لاءِ ايئن ڪري سگھڻ ناممڪن ٿي پوندو آهي. نجي ٽيوشن سينٽرن ۾ اهڙي نوعيت جو ڌيان ملڻ سبب ئي شاگردن جي پڙهائيءَ واري قابليت بهتر ٿي پوندي آهي، پر نواز آفريديءَ ان راءِ سان سهمت ٿيڻ کان انڪار ڪيو ته اسڪولن اندر استاد ڄاڻي واڻي اهڙي انداز سان پڙهائيندا آهن جو شاگردن کي ٽيوشن وٺڻ جي ضرورت هر صورت ۾ محسوس ٿئي“.
تعليمي صورتحال جي سالياني رپورٽ 2011 جوڙڻ خاطر پاڪستان جي مُک شهرن ۾ سروي ڪرايو ويو، ان رپورٽ ۾ واضح ٿيو آهي ته لاهور جا 62 سيڪڙو، ڪراچيءَ جا 54 سيڪڙو ۽ پشاور جا 34 سيڪڙو شاگرد نجي ٽيوشن سينٽر ۾ داخل ٿيل آهن يا پنهنجي گھر ۾ ئي ٽيوشن وٺي رهيا آهن.
مالي مشڪلاتن باوجود پاڪستان ۾ والدين جي اڪثريت پنهنجي ٻارن کي پرائيويٽ اسڪولن ۾ پڙهائڻ جي رجحان ۾ مبتلا آهي ڇو ته هو اهو سمجهندا رهن ٿا ته پرائيويٽ اسڪولن ۾ شاگردن کي بهتر تعليم ڏني وڃي ٿي، پر تعليمي صورتحال بابت 2011 واري سالياني رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته پنجاب صوبي اندر ٽيوشن وٺڻ وارن ٻارن ۾ سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهندڙ شاگردن جي شرح 16 سيڪڙو آهي جڏهن ته انهن جي ڀيٽ ۾ نجي اسڪولن ۾ پڙهندڙ شاگردن جي شرح انهن کان وڌيڪ 30 سيڪڙو آهي.
پشاور جي هڪ پرائيويٽ اسڪول جي پرنسپل زينب، نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ٻڌايو ته ”اهو سچ آهي ته پرائيويٽ اسڪولن جا شاگرد ئي وڏي انگ ۾ ٽيوشن سينٽرن ۾ داخل ٿيل آهن پر ان جو مطلب هرگز اهو ناهي ته پرائيويٽ اسڪولن ۾ معياري تعليم نه پئي ڏني وڃي. نجي اسڪولن ۾ پڙهندڙ شاگردن جا والدين، انهن شاگردن جيڪي سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهن ٿا، انهن جي والدين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سمجهه ڀريا ۽ مالي طور تي خوشحال هوندا آهن اهو ئي سبب آهي جنهن ڪري پرائيويٽ اسڪولن جي شاگردن جي نجي سطح تي ٽيوشن وٺڻ واري شرح به گھڻي آهي“.
هڪ اسڪول جي استادياڻي شبانه جو چوڻ آهي ته ”ٻنهي قسمن جي، سرڪاري توڙي نجي، اسڪولن ۾ پڙهائيءَ جو معيار ان ڪري ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهيو آهي ڇو ته شاگردن ۾ ٽيوشن جو رجحان وڌي رهيو آهي ۽ ڪو به اسڪول ۾ پڙهائيءَ جي معيار کي بهتر ڪرڻ لاءِ ڪوشش نه ٿو ڪري. اسڪول صرف پيسا ڪمائڻ ۽ ڊگري ڏيڻ وارا ادارا بڻجي پيا آهن ان ڪري نجي سطح تي ٽيوشن ڏيڻ وارن سينٽرن هڪ صنعت جي شڪل اختيار ڪري ورتي آهي“. شبانه وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن اسڪولن جا استاد پنهنجو ڪم ايمانداري ۽ ذميواريءَ سان پورو ڪرڻ شروع ڪن ته ٽيوشن واري اها سڄي صنعت پنهنجو موت پاڻ مري ويندي“.