اسلام آباد (رحمت محسود وٽان) وفاقي حڪومت پاران 40 ارب جا نوان ٽيڪس لڳائي جيڪا مِني بجيٽ پيش ڪئي وئي آهي، ان جي عوامي سطح تي مذمت ڪئي پئي وڃي جڏهن ته اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريءَ پاران چتاءُ ڏنو ويو آهي ته نئون بجيٽ نه صرف ٽيڪسن جي ڍانچي کي غيرمستحڪم ڪندو پر ”غربت ۽ بيروزگاريءَ ۾ هيڪاندو اضافو ڪرڻ جو سبب بڻجندو“.
انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) پاران مالي سهڪار ڪرڻ جي ڏس ۾ اڳواٽ لڳايل شرطن تحت ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار پهرين ڊسمبر 2015 تي جيڪي ٽيڪس لاڳوڪرڻ جو اعلان ڪيو، انهن کي ”مِني بجيٽ“ طور ڏٺو پيو وڃي. ان اعلان تحت ملڪ اندر درآمد ٿيندڙ 61 شين تي لاڳو ٿيندڙ ڊيوٽيءَ ۾ 5 کان 10 سيڪڙو جڏهن ته 289 شين تي لاڳو ٿيندڙ ڊيوٽيءَ ۾ 5 سيڪڙو واڌ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
خزاني واري وفاقي وزير جي اعلان مطابق مٿين شين کان علاوه، هڪ هزار ٻين شين تي ڪسٽم ڊيوٽيءَ جي مد ۾ هڪ سيڪڙي جو اضافو ڪيو ويو آهي، پر اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (آءِ سي سي آءِ) جي صدر عاطف اِڪرام شيخ اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته ”اهڙي قسم جي مِني بجيٽ اچڻ سان دولت جي ورڇ ۾ اڻ برابري پيدا ٿيندي، جنهن جو نتيجو اهو نڪرندو ته غربت ۽ بيرزگاريءَ ۾ اضافو ٿي ويندو“.
عاطف اِڪرام شيخ جو چوڻ آهي ته ”حڪومت پاران کنيل هاڻوڪن قدمن سان حڪومت جو اڻ سڌن ٽيڪسن تي انحصار وڌي ويندو، جيڪي اڳواٽ ئي غلط رخ ڏانهن جهڪيل آهن“.
نيوز لينز سان ڳالهائيندي راولپنڊيءَ ۾ ڪاروبار ڪندڙ 45 سالن جي ڪپڙن جي واپاري اِظهار عباسيءَ شڪايت ڪندي چيو ته جنهن ڏينهن کان حڪومت نوان ٽيڪس لڳايا آهن، هن جي ڪاروبار تي ان جا منفي اثر پوڻ شروع ٿي ويا آهن. هن جو چوڻ هيو ته توهان ڄاڻو ٿا ته، ٽيڪسن جي اعلان ٿيڻ شرط ئي ٽرانسپورٽر پنهنجا ڀاڙا وڌائي ڇڏيندا آهن ۽ ان جو بار آخرڪار عوام تي ئي اچي پوندو آهي“. جڏهن ته ننڍا دڪاندار ۽ واپاري پنهنجي شين جي اگھن ۾ اضافو ڪري ڇڏيندا آهن ته جيئن نون ٽيڪسن سبب مٿن پوندڙ مالي دٻاوَ کي هو خريدارن ڏانهن منتقل ڪري ڇڏين. ان ڪري نون ٽيڪسن جو وزن خريدار ۽ عام ماڻهوءَ تي ئي پوندو آهي.
جڏهن قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد جي اسڪول آف اڪنامڪس جي اسسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر انور شاهه سان رابطو ڪيو ويو، جيڪو معاشي معاملن جو ماهر پڻ آهي، ته هن نيوز لينز کي ٻڌايو ته حڪومت کي گهرجي ته هاڻوڪي طريقي بجاءِ امير ماڻهن تي سڌا ٽيڪس لڳائي.
هن وڌيڪ چيو ته اهو ان طرح سان ٿي سگھي ٿو ته حڪومت کي ڪاروبار ڪندڙ ادارن جي نفعي تي ٽيڪس لڳائڻ گھرجي. اهڙن ٽيڪسن جو فائدو اهو ٿيندو ته ڪاروبار ڪندڙ ادارا ٽيڪسن جو بار خريدارن يا واهپيدارن ڏانهن منتقل نه ڪري سگھندا.
آءِ سي سي آءِ جي صدر عاطف اِڪرام جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ملڪ ۾ پهريان ئي ٽيڪس نظام بدتر انداز سان هلندڙ آهي حڪومت اڻ سڌن اوڳاڙين وسيلي 70 سيڪڙو ٽيڪس وصول ڪري ٿي، ان ڪري فيڊرل بورڊ آف ريونيو (ايف بي آر) کي گھرجي ته سڌن ٽيڪسن جو معقول نظام لاڳو ڪري امير ماڻهن کي ان دائري ۾ شامل ڪري ته جيئن اهي قومي ذميوارين نڀائڻ ۾ ڪردار ادا ڪن ۽ غريب طبقي کي ڪجهه رعايت ڏيڻ گھرجي”.
عاطف اِڪرام شيخ جو اهو پڻ چوڻ آهي ته موبائل فون استعمال ڪندڙ لڳ ڀڳ 140 ملين صارفين هر سال مجموعي ٽيڪسن ۾ 34.5 سيڪڙو ٽيڪس ادا ڪن ٿا، جيتوڻيڪ آمدنيءَ جي اعتبار کان انهن مان گھڻا ٽيڪس ڏيڻ واري زمري ۾ ئي نه ٿا اچن.
ڏهين ڪلاس جي هڪ شاگرد امجد حسين چيو ته حقيقت ۾ موبائل فون جا خرچ برداشت ڪرڻ ڏکيا آهن ڇو ته موبائل فون جي سروس ڏيندڙ ڪمپنيون هڪ سو روپئي جي ڪارڊ لوڊ ڪرڻ تي 25 روپيا پهريان ئي ڪٽي وٺن ٿيون.
عاطف اِڪرام شيخ ٽيڪسن جي ادائيگيءَ جي هڪ ٻئي رخ تي ڳالهائيندي چيو ته ملڪ جي هڪ ڪروڙ 50 لک ۽ اڍائي ڪروڙ اپر مڊل ڪلاس ماڻهن مان مشڪل سان 5 لک ماڻهو ٽيڪس ڏيڻ جا گوشوار جمع ڪرائين ٿا اهو ملڪ جي ٽيڪس نظام جي خراب هجڻ جو چٽو ثبوت آهي.
پاڪستان جي معاشي معاملن تي ڳُوڙهي نظر رکندڙ خودمختار بين الاقوامي اداري پاڪستان اڪانومي واچ (پي اِي سي) جي صدر ڊاڪٽر مرتضيٰ مغل جو چوڻ آهي ته اضافي ٽيڪس لڳائي ٽيڪس وصولين کي بهتر ڪري ڏيکارڻ قابل قبول عمل نه آهي. اهڙي ٽيڪس نظام سبب امير کي، غريب جي قرباني ڏئي، فائدو ڏيڻ سبب امير ۽ غريب جي آمدنيءَ ۾ وِٿي وڏي ٿي رهي آهي.
نيوز لينز پاران حاصل ڪيل دستاويزن مان اها معلومات ملي آهي ته، وفاقي حڪومت پاران مِني بجيٽ تحت 40 ارب روپيا حاصل ڪرڻ لاءِ 61 شين جي ملڪ اندر درآمد تي 5 کان 10 سيڪڙو امپورٽ ڊيوٽي لڳائي وئي آهي. ان کان علاوه حڪومت پاران 289 ٻين اسمن تي 5 سيڪڙو ڊيوٽي وڌائي وئي آهي.
معاشي معاملن جي ماهر ڊاڪٽر انور شاهه ان معاملي تي پنهنجي راءِ ڏيندي وڌيڪ چيو آهي ته ٽيڪس نظام جي شفافيت کي جاچڻ جو هڪ معيار اهو به آهي سڌن ۽ اڻ سڌن ٽيڪسن جي شرح جو تفاوت ڪڍي ڏسجي. هُن جو خيال آهي ته پاڪستان ۾ اها شرح 25 ۽ 75 سيڪڙو تي بيٺل آهي. هن پنهنجي راءِ ۾ اضافو ڪندي چيو ته ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته جيڪي ٽيڪس سڌيءَ ريت وصول ڪيا وڃن ٿا اهي 25 سيڪڙو آهن ان جو مطلب ته ملڪ جا خوشحال ماڻهو ٽيڪس نه ٿا ڏين. جڏهن ته باقي سڀني ماڻهن تي اڻ سڌن ٽيڪسن وسيلي اوڳاڙين جو ڳروبار وڌو وڃي ٿو.
ناڻي واري وزارت جي هڪ سينيئر عملدار، ڇاڪاڻ ته هو پنهنجو موقف ميڊيا کي ڏيڻ لاءِ بااختيار نه آهي، پنهنجي سڃاڻپ ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته آءِ ايم ايف پاران مالي سهڪار ڪرڻ کان اڳ لڳايل شرطن جي ڪري حڪومت کي نوان ٽيڪس لڳائڻا پيا آهن. پر اهو سينيئر عملدار آءِ ايم ايف جي اڳواٽ وڌل شرطن جي سمجهاڻي نه ڏئي سگھيو.
مِني بجيٽ متعلق حاصل ڪيل دستاويزن مان معلوم ٿي رهيو آهي ته اضافي محصول لاڳو ڪرڻ وارو قدم ان ڪري کڻڻو پئجي رهيو آهي ته جيئن هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽه ماهيءَ دوران ٽيڪس وصولين جي مد ۾ 39.8 ارب روپين جو جيڪو خسارو ٿي رهيو هيو ان کي ختم ڪري سگھجي.
حڪومت پاران ڪڻڪ جي امدادي قيمت في مڻ 1300 روپيا ته برقرار رکي وئي آهي پر مڪئي جي درآمد تي لڳندڙ امپورٽ ڊيوٽيءَ ۾ 30 سيڪڙو واڌ ڪئي آهي.
راولپنڊيءَ جي رهائشي بشريٰ بيگم جو چوڻ آهي ته نون ٽيڪسن جا عام ماڻهوءَ جي گھريلو بجيٽ تي سڌا اثر پيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته هر بجيٽ کانپوءِ مان مجبور هوندي آهيان ته سيڌي سامان ۽ ٻارن جي ڪپڙي لٽي جي خريداريءَ لاءِ دڪاندارن کي بجيٽ کان اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ پيسا ڏيان.
مِني بجيٽ بابت دستاويزن مان معلوم ٿئي ٿو ته 61 اسمن تي 10 سيڪڙو ڊيوٽي لڳائڻ سان 4.5 ارب روپيا حاصل ٿيندا. جڏهن ته 289 اسمن تي 5 سيڪڙو ڊيوٽي لاڳو ڪرڻ سان 4.5 ارب روپيا وصول ٿي سگھندا، پر 54 سالن جي ڄمار وارو اسلام آباد جو هڪ دڪاندار محمد رضوان چئي ٿو ته حڪومت کي لگزري گاڏين يا انهن شين تي ٽيڪس لڳائڻ گھرجي ها جيڪي امير ماڻهو استعمال ڪن ٿا. نون ٽيڪسن پگھاردار طبقي، گھٽ آمدني ۽ غريب ماڻهن جي ڏکيائين ۾ وڌيڪ واڌ ڪري ڇڏي آهي.
خزاني واري وزارت جي عملدارن پاران هڪ ڀيرو ٻيهر ان ڳالهه جي پڪ ڏني وئي آهي ته عام ماڻهوءَ جي بجيٽ سان لاڳاپيل شين جي 9 ڪيٽيگرين کي هڪ سيڪڙو اضافي امپورٽ ڊيوٽيءَ کان آجو رکيو ويو آهي. ان لسٽ مطابق زرعي اوزار، ڪچو مال، شهري هوابازي، زراعت ۽ دوائن جا شعبا، ڪجهه سبزيون، صنعتي اسم ۽ ڪوئلي جي کاڻين جي صنعت سان لاڳاپيل ڪجهه اسم ان ۾ شامل آهن.
عملدارن پاران اهو پڻ چيو ويو آهي ته جن ٻين اسمن تي هڪ سيڪڙو امپورٽ ڊيوٽي ناهي لڳائي وئي انهن ۾ ٻج، ڀاڻ، سامان ٺاهيندڙ مشينريءَ جا پرزا، خام جا 25 اسم جهڙوڪ جيت مار دوائون، چمڙي، ٽيليڪام شعبن جا اسم ۽ بجليءَ جون موٽرون توڙي شگر ملن جا اوزار شامل آهن.
خزاني واري وزارت جي عملدار اهو پڻ ٻڌايو ته 6.5 ارب روپيا ملڪ اندر تيار ٿيندڙ سگريٽن واري صنعت کان فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽيءَ جي مد ۾ اوڳاڙيا ويندا. ذريعي وڌيڪ ٻڌايو ته حڪومت اضافي 2.5 ارب روپيا ملڪ اندر امپورٽ ٿيندڙ هڪ هزار سي سي گاڏين تي لڳل ڊيوٽيءَ ۾ 10 سيڪڙو اضافو ڪري وصول ڪندي پر 1000 سي سي تي 6000 ڊالر ۽ 800 سي سيءَ جي گاڏين تي ڊيوٽي ساڳي 4800 ڊالر برقرار رهندي.
مِني بجيٽ متعلق حاصل ڪيل دستاويزن مان اهو پڻ معلوم ٿئي ٿو ته انهن 61 اسمن جن مٿان ٽيڪس ۾ تازو 5 کان 10 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي انهن ۾ ناريل، بادام، برازيلي کاڄا ۽ ڪاجو، زنده ڪڪڙيون، چيري، انناس، محفوظ ڪيل گوشت، پيڪ ٿيل مڇي يا ان جو گوشت، موسميون، چانهن ۽ ڪافي، چاڪليٽ ٺاهڻ ۾ ڪتب ايندڙ ڪوڪا ۽ ان جي مکڻ، اسٽرابيري، آڙو، پيتيون ۽ بريف ڪيس، چمڙي مان ٺهيل ڪپڙا، پردا، بوٽ، ڊائپر، ٽايون، خيما، ٽوال، واچون ۽ ٻيا اسم شامل آهن.
انهن کان علاوه 289 اسم جن مٿان 10 کان 15 سيڪڙو اضافي ريگيوليٽري ڊيوٽي لڳائي وئي آهي انهن ۾ پنير، پيٺل پنير جا سمورا قسم، مکڻ، قدرتي ماکي، ڏهي، صوف، انب، انناس، نارنگيون، هنداڻا، چيري، اسٽرابيري، انب جي ڳرُ، آڙو، چيونگم، سفيد چاڪليٽ، ٽماٽا، مڪس سبزيون ۽ ٻيا اسم شامل آهن.
روڊ ڪناري شيون وڪڻندڙ هڪ دڪاندار شير حسن جو چوڻ آهي ته توڙي جو بيدن ۽ ڏهيءَ جي قيمتن ۾ وڏو بُل آيو آهي ۽ اسان هاڻي ان قابل به ناهيون رهيا ته پنهنجي اسڪول ويندڙ ٻارڙن کي معقول ناشتو ڏئي سگھئون.
هوڏانهن ڊاڪٽر انور شاهه چيو ته نون ٽيڪسن جي ڪري شيون خريد ڪرڻ عام ماڻهوءَ جي وس ۾ ناهن رهيون ۽ ماڻهن جي قوت خريد وڌيڪ گھٽجي وئي آهي.