توهين رسالت واري قانون جو غلط استعمال جاري، مذهبي اقليتون غيرمحفوظ

0
2000

لاهور (رپورٽ: دردانه نجم) جهلم جي چپ بورڊ واري ڪارخاني تي هلندڙ سال جي پهرئين مهيني جي ويهين تاريخ تي ماڻهن جي هڪ هجوم حملو ڪري فيڪٽري کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو.

ان ڪارخاني جي گارڊ تي الزام هو ته هن قرآن شريف جي مبينه طور تي بيحرمتي ڪئي هئي. اهو پاڪستان ۾ پنهنجي نوعيت جو پهريون واقعو نه هيو جنهن ۾ مذهبي اقليتن مٿان تشدد ٿيو هجي پر هن کان اڳ به توهين رسالت جي نالي تي اهڙا حملا ٿيندا رهيا آهن. واضح رهي ته 1987ع کان هن وقت تائين توهين رسالت جا سڀ کان وڌيڪ 633 الزام مسلمانن مٿان ئي لڳا آهن. نيشنل ڪميشن فار جسٽس اينڊ پيس جي انگن اکرن موجب توهين رسالت واري قانون جي مختلف شقن هيٺ 494 احمدين، 187 عيسائين ۽ 21 هندن مٿان ڪيس داخل ٿيا آهن.

پاڪستان جي تاريخ مذهب جي نالي تي تشدد سان ڀري پئي آهي، جنهن ۾ مذهب ۽ فرقي جي بنياد تي شيعن، احمدين ۽ هندن کي نشانو بنايو ويندو رهيو آهي.

سينٽر فار پبلڪ پاليسي اينڊ گورننس (سي پي پي جي)، فورمين ڪرسچين يونيورسٽي جي پروفيسر ۽ ڊائريڪٽر ڊاڪٽر سعيد شفقت جو خيال آهي ته سخت غير ملن ملڪيتن ۽ عبادت گاهن جي تباهيءَ کي پنهنجو حق سمجهي ورتو آهي. هن چيو ته ڪيترن ئي موقعن تي هٿ وٺي سندن خلاف مذهبي جذبا ڀڙڪايا وڃن ٿا.

ڊاڪٽر سعيد وڌيڪ چيو ته توهين رسالت واري قانون کي ضياءُالحق ۽ نواز شريف جي دور حڪومت ۾ اينگهائي ان ۾ عمر قيد ۽ موت جي سزا شامل ڪئي وئي ۽ اهو قانون ذاتي رنجشون پاڙڻ ۾ استعمال ٿئي ٿو.

هوڏانهن احمدين جو خيال آهي ته جهلم واقعو سندن خلاف نفرت ڦهلائڻ لاءِ ڪيو ويو. احمديه ٽائيمس جي چيف ايڊيٽر عمران جٽالا پنهنجي ٽويٽس ۾ الزام هنيوته احمدين خلاف ڪارروائين پٺيان پاڪستان علماء ڪائونسل جي چيئرمين مولانا طاهر اشرفي ۽ سندس ڀاءُ حسن معايه جون توهين رسالت جي نالي تي تقريرون آهن.

جٽالا پنهنجي 23 نومبر واري ٽويٽ ۾ لکيو ته جهلم واقعو مولانا طاهر اشرفي جي احمدين خلاف بيانن جو نتيجو آهي.

طاهر اشرفي نيوزلينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو ته احمدين پاران پنهنجي پاڻ کي مسلمان چورائڻ جو ڪو به جواز ناهي ڇاڪاڻ ته آئين ۾ سندن مذهب جو تعين ٿي چڪو آهي، هو اسلام خلاف نفرت ڀريو مواد ڦهلائي رهيا آهن.

جٽالا جو چوڻ هو ته سيد احمد شهيد بريلوي، علامه اقبال، مولانا مودودي ۽ ٻين ناليوارن عالمن ڪڏهن به احمدين کي الله جي نبين خلاف نه ڏٺو پر اڄ ڪالهه جا طاهر اشرفي جهڙا ”عالم“ پنهنجي مرضي موجب لفظ کڻي انهن جو پنهنجو مطلب ڪڍي نفرت ڦهلائين ٿا.

واضح رهي ته جهلم ۾ فيڪٽري کي ساڙڻ وارو معاملو اتي ئي نه رڪيو پر سني مذهبي اڳواڻن اتي احمدين جي ٻن عبادتگاهن تي قبضو ڪري انهن کي مسجد الله والي جو نالو ڏئي ختم نبوت جو نعرو لکي ڇڏيو.

جڏهن ان حوالي سان ڊسٽرڪٽ پوليس آفيسر (ڊي پي او) جهلم مجاهد اڪبر سان رابطو ڪيو ويو ته هن ان ڳالهه کي رد ڪري ڇڏيو ته ڪنهن مسجد تي قبضو ڪيو ويو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته توهين رسالت وارو مامرو ڪافي حساس آهي ان ڪري اسان مئجسٽريٽ سان گڏجي ترت ئي الزام هيٺ آيل گارڊ قمر احمد طاهر کي حفاظتي تحويل ۾ ورتو. ضلعي پوليس عملدار ان خيال کي به رد ڪيو ته ڪو پوليس جي روايتي سستيءَ سبب واقعو پيش آيو، سندس چوڻ هو ته واقعي واري ڏينهن وٽس عملو گهٽ هيو ڇاڪاڻ پوليس عملو چڪوال ۾ ٿيندڙ چونڊن ۾ ڊيوٽي تي هو.

ڪراچي ۽ لاهور ۾ پلاسٽڪ فيڪٽري هلائيندڙ واپاري ٽيپو (تحفظ خاطر اصل نالو ڳجهو رکيو ويو آهي) جو چوڻ هو ته هو ڊنل آهي ته جيڪڏهن حالتون ائين رهيون ته سڀاڻي سندس وارو به اچي ويندو. هن ٻڌايو ته جهلم چپ فيڪٽري جي مالڪ کي ڪافي وقت کان هڪ بزنس ٽائيڪون وٽان ڌمڪيون ملي رهيون هيون ۽ هو سندس فيڪٽري خريد ڪري اتي هائوسنگ اسڪيم اڏڻ چاهي ٿو.

انساني حقن جي پاڪستان ڪميشن جي ميمبر ۽ وڪيل سروپ اعجاز جو چوڻ هو ته اهو پهريون ڀيرو ناهي جو توهين رسالت جي نالي تي ماڻهن ۽ ملڪيتن کي نقصان پهچايو ويو ۽ نه ئي اهو ته ڪنهن مذهبي اڳواڻ ماڻهن جا جذبا ڀڙڪايا هجن.

هن چيو ته جڏهن رياست ئي متڀيد ڪري ته پوءِ ماڻهن لاءِ آسان ٿي وڃي ٿو ته هو ماڻهن ۽ ملڪيتن تي حملا ڪن. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان پينل ڪوڊ (پي پي سي) مذهبي اقليتن خاص ڪري احمدين سان متڀيد ڪري ٿو. سروپ چيو ته اسانجي رياست پنهنجن ماڻهن خلاف بيهي ٿي ته اهو آسان آهي ته ماڻهن جو هجوم ڪنهن اقليت تي حملو ڪري. هن چيو ته جيڪڏهن احمدي نفرت ڀريو مواد ڇاپين ٿا ته ان کي عدالت ۾ آندو وڃي. هن چيو ته مذهب جي نالي تي ڪنهن مٿان جنگ مڙهڻ سان اڻ سهپ وڌندي.

سپريم ڪورٽ جو واضح حڪم آهي ته ڪنهن به معصوم ماڻهوءَ کي زبردستي ڏوهه مڃائڻ درست ناهي. سروپ چيو ته رياست وٽ انهن عدالتي حڪمن جي روشنيءَ ۾ موقعو آهي ته اها توهين رسالت واري قانون ۾ ترميمون ڪري.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here