بم ناڪاره بنائيندڙ بهادرن جي ڪهاڻي: پشاور جو بي ڊي يو بغير بجٽ جي هلڻ لڳو!

0
2074

پشاور (رپورٽ: سلمان خان) دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ اڳئين ماڳ تي رهندڙ صوبي خيبرپختونخواه ۾ گذريل ڏهاڪي دوران مختلف حملن ۾ هزارين عام ماڻهو ۽ اهلڪار مارجي چڪا آهن. جڏهن ته گهٽ اوزارن باوجود بم ڌماڪن کي منهن ڏيندي بم ڊسپوزل جا ڪيترائي بهادر اهلڪار ۽ ماهر جان جو نذرانو ڏئي چڪا آهن.

ان حوالي سان بم ڊسپوزل يونٽ (بي ڊي يو) جي ماهر عارف خان جو چوڻ آهي ته لاڳيتن بم ڌماڪن، پاليسي ٺاهيندڙن کي ان ڳالهه تي مجبور ڪيو ته اهڙو سينٽر هئڻ گهرجي جنهن ۾ بم ڌماڪن کي منهن ڏيڻ لاءِ تربيت ڏني وڃي.

هن نيوزلينز پاڪستان کي ٻڌايو ته ان ضرورت کي فيبروري 2015 ۾ نوشهره ۾ پوليس اسڪول آف ايڪسپلوسو هينڊلنگ (پي ايس اي ايڇ) وارو ادارو قائم ڪري پورو ڪيو ويو. ڪابل نديءَ جي ڪناري تي قائم ان عمارت تي انهن شهيدن جون تصويرون لڳل آهن جيڪي بمن ۽ امپرووائيزڊ ايڪسپلوسو ڊوائيسز (آئي اي ڊيزـ ڌماڪيدار مادن) کي ناڪاره بنائيندي مارجي ويا هئا.

انهن تصويرن ۾ ٻين تيرهن کانسواءِ انسپيڪٽر حڪم خان ۽ عبدالحق جون تصويرون به شامل آهن، جن پنهنجي ڪيترن ئي سالن جي نوڪريءَ دوران 2500 بم ناڪاره بنايا، جيڪو دنيا ۾ هڪ رڪارڊ آهي. جڏهن ته بي ڊي يو جي غير موجوجودگيءَ ۾ بمن کي ناڪاره بنائيندي ٻيا به ماڻهو مارجي چڪا آهن، ڇاڪاڻ وٽن اها اهليت نه هئي.

انسپيڪٽر شفيق خان نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته پي ايس اي ايڇ ۾ 44 اهلڪارن کي تربيت ڏني پئي وڃي، جڏهن ته 9 فيبروري 2015 کان هن وقت تائين 341 ڄڻن کي تربيت ملي چڪي آهي. واضح رهي ته تربيت جون مڪمل سهولتون نه هئڻ باوجود بي ڊي يو، خيبر پختونخواه ۾ 2009ع کان 6 هزار کان وڌيڪ بم ناڪاره بنايا آهن.

ڊي ايس پي وقار خان، نيوز لينز پاڪستان کي آئي اي ڊيز ۽ بم ناڪاره بنائڻ جا اوزار ڏيکاريندي ٻڌايو ته هو گذريل ڪجهه سالن ۾ پنهنجا 15 چوٽي جا ماهر وڃائي چڪا آهن.

بي ڊي يو جي سربراه اسسٽنٽ انسپيڪٽر جنرل شفقت ملڪ، نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته خيبرپختونخواه گذريل 10ـ15 سالن کان دهشتگرديءَ خلاف جنگ جو اثر برداشت ڪري رهيو آهي. دهشتگرد آئي اي ڊيز کي هٿيار طور استعمال ڪري رهيا آهن، جنهن سبب ٻين هٿيارن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ نقصان ٿئي ٿو. پي ايس اي ايڇ جي باني ۽ بي ڊي يو جي سربراه شفقت ملڪ جي نگرانيءَ ۾ خيبرپختونخواه اندر گذريل ست سالن دوران 6000 کان وڌيڪ آئي اي ڊيز، آپگهاتي بمبارن ۽ ڌماڪيدار مواد سان ڀريل گاڏين کي ناڪاره بنايو ويو آهي، جيڪا دنيا ۾ هڪ نئين تاريخ آهي.

ملڪ ٻڌايوته سندس يونٽ نه رڳو اربين روپين جو سامان تباه ٿيڻ کان بچايو آهي پر هزارين شهرين جون زندگيون پڻ محفوظ بنايون آهن، پر ان پٺيان سندن عملي جون قربانيون شامل آهن. هن وڌيڪ چيو ته اسان وٽ ايڪسپلوسو آرڊيننس ڊوائيس (اي او ڊي) جي تربيت موجود نه هئي ان ڪري اسانکي ٻاهرين ملڪن ۽ ان جي فوج تي ڀاڙڻو پوندو هو جنهن ۾ وقت به گهڻو لڳي ويندو هو، پر آئي جي پوليس ناصر دراني ان خيال کي حقيقت جو روپ ڏنو ۽ ڪي پي ڪي ۾ پي ايس اي ايڇ جو اداروقائم ٿي ويو.

اي آئي جي انڪشاف ڪيو ته بي ڊي يو جو بجٽ بلڪل ناهي ۽ اسان رڳو حڪومت کان پگهارون وٺون ٿا. هن جو چوڻ هو ته سڀ روبوٽ، بم سوٽس، ايڪسري يونٽس، اي او ڊي، گاڏيون ۽ ٻيو سڄو سامان عملدارن جي ذاتي ڪوشش سان مفت ۾ حاصل ڪيو ويو آهي.

پي ايس اي ايڇ ۾ ليڪچر ڏيندڙ پي ايڇ ڊي اسڪالر قاضي وقار جو چوڻ هو ته دهشتگرد بم ٺاهڻ ۽ آئي اي ڊيز ۾ سدائين نيون مهارتون استعمال ڪن ٿا، ان لاءِ تربيت وٺندڙن کي ان بابت ڄاڻ هئڻ ضروري آهي. دهشتگرد نئين ٽيڪنالاجي ذريعي بمن ۽ آئي اي ڊيز کي ناڪاره بنائڻ کي مشڪل بنائيندا رهن ٿا.

هوڏانهن تربيت وٺندڙ ضمير خان، نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته اڳ ۾ اسان رڳو آئي اي ڊيز جي تارن کي ڪٽي بمن کي ناڪاره بنائيندا هئاسين پر هاڻي اسان تارن کي سڃاڻي سگهون ٿا ۽ نئين قسم جي بمن کي به ناڪاره بنائي سگهون ٿا. واِضح رهي ته ضمير خان پشاور ۾ پوليس سان ڪم ڪندي گذريل پنجن سالن دوران 37 بم ناڪاره بنايا آهن.

هن ٻڌايو ته دهشتگرد وائبريشن سسٽم، پريشر سسٽم، موبائيل فون، ريڊيو رموٽس ۽ تارون استعمال ڪري رهيا آهن ۽ مون گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڊوائيس اهڙي ڏٺي آهي جنهن ۾ اهي سڀ طريقا استعمال ڪيا ويا هئا. هن وڌيڪ چيو ته اها ٽيڪنالاجي جي جنگ آهي ۽ اسان هن ريفريشر ۾ انهن سسٽمن کي هلائڻ سکي ورتو آهي.

هزاره ڊويزن ۾ ماهر محمد عارف ڪافي ڀيرا موت کي ويجهي کان ڏٺو آهي، ٿورگر واري علائقي کان واپس ايندي 10 مئي 2013 ۾ روڊ ڀرسان لڳل بم ڌماڪي ۾ هو سخت زخمي ٿي پيو هو. هن نيوزلينز پاڪستان کي ٻڌايو ته ٻيو نمبر حملا اصل ۾ بي ڊي يو عملدارن کي منجهائڻ ۽ کين ڊيڄارڻ لاءِ ڪيا ويندا آهن پر انهن ۾ بي ڊي يو اهلڪار شهيد به ٿيا آهن. هن چيو ته مون کي فخر آهي ته مان ماڻهن جون زندگيون بچائي رهيو آهيان ۽ اهو ڄاڻندي ته بم ناڪاره ڪندي منهنجي زندگي پڻ خطري ۾ هجي ٿي.

واضح رهي ته بي ڊي يو ۾ گهڻي ڀاڱي ڪانٽريڪٽ تي فوج جا اڳوڻا عملدار ڀرتي ڪيا ويا هئا، جڏهن ته عملدار ۽ اهلڪار اهڙي ڪم، جتي جان جو خطرو به هجي پر ڪو خاص فائدو نه هجي، ۾ اچڻ کان ڪيٻائين ٿا. خيبرپختونخواه جي هر ضلعي ۾ هڪ يا ٻه بي ڊي يو جا ماهر موجود آهن، جڏهن ته سڄي صوبي ۾ 450 بم ڊسپوزل جا اهلڪار  آهن، جيڪي اڳوڻا فوجي ملازم آهن.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here