ڪراچي آپريشن: پختونن خلاف طالبان جي ڪاررواين ۾ گهٽتائي

0
1962
: Photo By News Lens Pakistan /
Activists of the Awami National Party at a political rally in Sohrab Goth area of Karachi. Pashtun liberal political parties, civil society organizations and traders in the city have expressed satisfaction over the ongoing law enforcement agencies’ crackdown. Photo: Ziaur Rehman/News Lens Pakistan

ڪراچي(ضياءَ الرحمان وٽان) ڪراچي ۾ ويڙهاڪن ۽ ڏوهارين خلاف جاري رينجرز جي ڪارروائين، جن تي تنقيد به ٿيندي رهي آهي، کي هاڻ ٻه سال مڪمل ٿي چڪا آهن. پختون روشن خيال سياسي پارٽين، سول سوسائٽي تنظيمن ۽ شهر جي واپارين پاران رينجرز آپريشن کي هڪ بهتر قدم قرار ڏنو پيو وڃي.

پوليس ۽ رينجرز عملدار ڊگهي عرصي کان اها دعويٰ ڪندا رهيا آهن ته رينجرز جي ڪاررواين سبب شهر ۾ بظاهر امن واپس موٽي آيو آهي پر ان تي ڪجهه مخصوص سياسي پارٽين جي ڪارڪنن ۽ ڏوهارين خلاف ڪارروائين ڪرڻ تي تنقيد به ٿيندي رهي آهي.

هوڏانهن پختون سياسي ڪارڪن ۽ واپاري واضح طور تي هن آپريشن جي نتيجن تي خوش نظر اچي رهيا آهن، جيڪي طالبان ويڙهاڪن جو بنيادي هدف رهيا آهن. هو چون ٿا ته شهر ۾ رينجرز جي آپريشن تحريڪ طالبان جي نيٽ ورڪ کي مڪمل طور تي پوئتي ٿيڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي.

دهشتگردي جي انت واري کاتي سان لاڳاپيل سينئر پوليس آفيسر مظهر مشواني چيو ته طالبان جو بنيادي هدف پختون روشن خيال سياسي اڳواڻ ۽ خاص ڪري پختون سياسي پارٽي عوامي نيشنل پارٽي سان تعلق رکندڙ ليڊر، پوليو جا ڦڙا پياريندڙ ڪارڪن، سول سوسائٽي جا ميمبر ۽ پوليس آفيسر ۽ اهلڪار رهيا آهن، ان کان علاوه ويڙهاڪ تنظيمن جا ڪارڪن پشتون واپارين کي ڀتي جي ادائگي لاءِ خوفزده ڪرڻ سميت سڄي ملڪ ۾ دهشتگردي جون ڪاروايون ڪندا رهيا آهن.

عوامي نيشنل پارٽي 2009ع کان تحريڪ طالبان پاڪستان جو هدف رهي آهي ڇو ته هوءَ اتر صوبي خيبرپختونخواه ۾ اقتدار ۾ هئي ته ان طالبان خلاف بي لچڪ رويو اختيار ڪيو هو جنهن جي ظالماڻه ۽ پرتشدد ڪاررواين اترين ضلعن ۽ خاص طور تي قدرتي منظرن سان ڀرپور سوات ۽ قبائلي علائقن ۾ حڪومتي رٽ کي چيلينج ڪيو ويو هو.

2009ع ۾ سوات، ڏکڻ وزيرستان ۽ مهمند ايجنسي مان طالبان، آءِ ڊي پيز جو ويس اختيار ڪري ڪراچي طرف لڏپلاڻ شروع ڪري ڇڏي.

مهمند ايجنسي سان تعلق رکندڙ هڪ ڪاروباري شخصيت سيڪيورٽي سببن ڪري نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو ته سڀ کان پهرين ته انهن (ويڙهاڪن) محنت مزدوري ڪئي، ڇو ته اهي شهر ۾ پنهنجو نيٽ ورڪ نئين سر جوڙڻ لاءِ صحيح وقت جي انتظار ۾ هئا. هن چيو ته 2011ع ۾ انهن پنهنجي حڪمت عملي تبديل ڪئي، ويڙهاڪن پنهنجن گروپن کي ڪراچي ۾ منظم ڪيو ۽ دهشتگردي جي ٻين ڪارروائين ڪرڻ کان علاوه پشتون ڪميونٽي انهن جو بنيادي هدف رهي جتي انهن پناهه حاصل ڪئي هئي.

ڪراچي ۾ تحريڪ طالبان پاڪستان ٽن ڌڙن ۾ فعال آهي جن ۾ سوات، محسود ۽ مهمند طالبان شامل آهن جيڪي شهر جي مختلف پشتون علائقن ۾ فعال آهن ۽ پنهنجو نيٽ ورڪ هلائي رهيا آهن.

تحريڪ طالبان پاڪستان ڏکڻ وزيرستان جي ڌڙي جي قيادت خان سعيد عرف سجنا ڪري رهيو آهي جنهن ۾ محسود ويڙهاڪن جي اڪثريت شامل آهي، هي گروپ گذريل سال مئي ۾ تحريڪ طالبان پاڪستان کان الڳ ٿيڻ بعد آزادانه طور ڪم ڪري رهيو آهي.

ڪراچي ۾ گروپ جي قيادت خان زمان عرف گونگو ڪري رهيو آهي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا دعويٰ ڪن ٿا ته انهن شهر ۾ جاري ڪريڪ ڊائون دوران ڄاڻايل ڌڙي جي ڪيترن ئي اڳواڻن ۽ ويڙهاڪن کي ماريو آهي جنهن ڪري هو پنهنجي ساٿين تي انڊر گرائونڊ يا وري ملڪ جي ٻين علائقن ۾ وڃڻ تي زور ڀريندا رهيا.

انهن دعوائن جي تصديق گروپ جا ميمبر پاڻ به ڪن ٿا، تحريڪ طالبان پاڪستان ڏکڻ وزيرستان شاخ سان لاڳاپيل هڪ ذريعي نيوز لينز پاڪستان سان نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ڳالهائيندي چيو ته هلندڙ مهينن دوران قانون لاڳو ڪندڙ ادارن طالبان جي ڏکڻ وزيرستان ڌڙي جي اهم اڳواڻن کي ماريو آهي جن ۾ عابد مڇڙ، عابد ڇوٽا، ذڪريا محسود، مفتي جاويد، خاضان گل، زاهد الله، عبيدالله، عامر زاد ۽ خواجلاڪ شامل آهن. هن چيو ته هاڻي خان زمان ۽ زيول ئي ڌڙي جا ٻه اهم اڳواڻ زنده بچيا آهن.

تحريڪ طالبان پاڪستان، سوات شاخ جي مرڪزي اڳواڻ مولانا فضل الله جي زير اثر آهي، جنهن 2009ع ۾ سوات ۾ پرتشدد ڪاررواين جي اڳواڻي ڪئي هئي، ڪراچي ۾ هن گروپ جو تنظيمي ڍانچو انتهائي ڳجهو رکيو ويو آهي ۽ اهو بنيادي طور تي اي اين پي جي اڳواڻن ۽ ڪراچي ضلعي اولهه جي پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي نشانو بڻائي قتل جي وارداتن ۾ ملوث آهي.

تحريڪ طالبان پاڪستان محسود گروپ تحريڪ طالبان پاڪستان کان الڳ ٿيڻ بعد پنهنجو نالو تبديل ڪري جماعت الاحرار (جي اي) رکيو آهي، جنهن جي اڳواڻ عبدالولي عرف عمر خالد خراساني ڪري رهيو آهي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران اهم اڳواڻن ۽ جماعت جي ويجهن ساٿين کي مارڻ سبب ڄاڻايل ڌڙو ڪمزور ٿي چڪو آهي.

اي اين پي جا اڳواڻ ۽ پختون قبائلي اڳواڻ، طالبان جو بنيادي هدف رهيا آهن. اي اين پي سنڌ جو صدر شاهي سيد چوي ٿو ته گذريل ٻن سالن دوران طالبان ويڙهاڪن، پارٽي جي هڪ سئو کان وڌيڪ ڪارڪنن کي ماريو آهي جن ۾ ضلعي صدر به شامل آهن. شاهي سيد دعويٰ ڪئي ته اي اين پي کي ڪراچي جي ضلعي اولهه ۾ نشانو بڻايو پيو وڃي جيڪو پشتون اڪثريتي پاڙو آهي ۽ پارٽي جو ڳڙهه به آهي.

هن نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو ته اهي بنيادي سبب آهن جن جي ڪري سياسي سرگرميون ماٺار جو شڪار ٿي ويون آهن ۽ اڳواڻن جو وڏو تعداد سيڪيورٽي سبب جي ڪري شهر ڇڏي وڃي چڪو آهي.

ڪراچي سان تعلق رکندڙ محقق ابوبڪر يوسفزئي چيو ته خطي ۾ ويڙهاڪن ۽ دهشتگردي جي خلاف سڌو موقف اختيار ڪرڻ سبب اي اين پي خيبرپختونخواه ۽ قبائلي علائقن ۾ ئي نه پر ڪراچي ۾ به ويڙهاڪن جو بنيادي هدف رهي آهي. شهر ۾ اي اين پي جي ڪارڪنن جي هڪ تسلسل سان مارجڻ جي ڪري پارٽي جا ڪيترائي ميمبر پنهنجي جانين جي تحفظ لاءِ ساڄي ڌر جي سياسي پارٽين پاڪستان مسلم ليگ نواز، پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ جماعت اسلامي ۾ شموليت اختيار ڪئي آهي.

تحريڪ طالبان پاڪستان ڪراچي ۾ پوليو جا ڦڙا پياريندڙ ٽيمن کي به نشانو بڻايو، جنهن ڪري پوليو مهم متاثر ٿي، مختلف ميڊيا رپورٽن موجب جولاءِ 2012ع کان هيستائين پوليو جي خاتمي جي مهم سان لاڳاپيل ڪيترائي ڪارڪن مارجي چڪا آهن. ٽي ٽي پي ۽ جند الله، هڪ سني ويڙهاڪ گروپ آهن، جنهن جا القاعده سان رابطا آهن ۽ هنن پوليو جا ڦڙا پياريندڙ ڪارڪنن کي نشانو بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي. ڪراچي ۾ پوليو ٽيمن جي سيڪيورٽي تي پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن.

تحريڪ طالبان پاڪستان ڪيترن ئي پوليس اهلڪارن کي به قتل ڪيو آهي ۽ خاص ڪري اهي پوليس اهلڪار جيڪي ڪراچي جي ضلعي اولهه جي پشتون علائقن ۾ مقرر هئا.

پوليس رپورٽن موجب شهر ۾ جاري آپريشن جي ڪري ٽي ٽي پي جا ٽئي ڌڙا مشڪلاتن جو شڪار ٿي چڪا آهن، هڪ پوليس ذريعي موجب، جنهن کي ميڊيا سان ڳالهائڻ جي اجازت نه هئي، چيو ته 2015ع جي شروعاتي نون مهينن دوران پوليس شهر ۾ 644 اشتهارين کي قتل ڪيو، جن مان 167 تحريڪ طالبان پاڪستان ۽ القاعده جا سرگرم ميمبر هئا.

ڪراچي ۾ رهائش پذير هڪ محسود قبائلي جيڪو شهر ۾ طالبان جي ڌڙن جي فعال هجڻ کان آگاهه آهي، دعويٰ ڪئي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ خاص ڪري رينجرز ڊسمبر 2014ع ۾ آرمي پبلڪ اسڪول تي ٿيندڙ دهشتگرد حملي بعد ڪيترن ئي طالبان ڪمانڊرن ۽ انهن جي سهولتڪارن کي قتل ڪيو آهي.

هن سيڪيورٽي سبب جي ڪري نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي نيوز لينز سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل ٻن مهينن دوران تحريڪ طالبان پاڪستان ڀتا خوري ۽ قتل جي واقعن ۾ ملوث ناهي رهي. هن وڌيڪ چيو ته تحريڪ طالبان پاڪستان جا ويڙهاڪ پناهه گاهن ۾ لڪي ويا آهن ۽ پشتون علائقن جا مقامي رهواسي هاڻ پاڻ کي اڳ جي ڀيٽ ۾ محفوظ تصور ڪرڻ لڳا آهن.

سيڪيورٽي تجزيه ڪار اهو يقين رکن ٿا ته جون 2014ع ۾ اتر وزيرستان ۾ ضرب عضب جي نالي سان شروع ڪيل فوجي آپريشن بعد تحريڪ طالبان پاڪستان جو ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سسٽم متاثر ٿيو آهي جنهن جا ان جي ڪراچي ۾ سرگرم ڌڙي تي به اثر پيا آهن.

اتر وزيرستان سان تعلق رکندڙ اسلام آباد ۾ رهندڙ خودمختيار سيڪيورٽي تجزيه نگار عصمت خان وزير چيو ته آپريشن کان اڳ ڪراچي جي طالبان جا اتر وزيرستان جي تحصيل ميرانشاه ۾ دفتر قائم هئا جتان مقامي قيادت کي هدايتون جاري ڪيون وينديون هيون ۽ شهر جي پشتون سياستدانن ۽ ڪاروباري برادري کي ڊيڄاريو ويندو هو.

هن وڌيڪ چيو ته رينجرز جي ڪريڪ ڊائون کان پوءِ ويڙهاڪ انڊر گرائونڊ هليا ويا آهن يا وري انهن ملڪ جي ٻين علائقن جو رخ ڪيو آهي.

سيپٽمبر 2013ع ۾ شروع ٿيندڙ رينجرز جي آپريشن جو مقصد شهر جي مختلف ڏوهارين ۽ ويڙهاڪ گروهن جو خاتمو ڪرڻ هو جنهن ۾ طالبان به شامل هئا. جڏهن ته فرقيوارانه ويڙهه، لساني ۽ سياسي انتهاپسند گروه يا ڏوهاري به ان جي نشاني تي هئا.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here