پاڪستان ۾ اهم انتظامي خدمتون عورت آفيسرن لاءِ اڙانگو رستو بڻيل

0
1601
: Photo by News Lens Pakistan

لاهور (رپورٽ: دردانه نجم) پنجاب حڪومت پاران پهريون ڀيرو مختلف کاتن ۾ 5 عورتن کي سيڪريٽري سطح جي عهدن تي مقرر ڪرڻ جو فيصلو عمل ۾ آيو آهي، جنهن سان صوبي ۾ متوازن گورننس جي راهه هموار ٿي آهي، جتان سول سروس لاءِ ساليانو 50 سيڪڙو آفسير چونڊبا آهن. حڪومت عورتن کي اهم عهدن تي مقرر ڪرڻ جو ڪريڊٽ حاصل ڪري رهي آهي، جڏهن ته ڪجهه اهم عهدن تي مقرر عورتون ويجهڙائيءَ ۾ نمايان ٿيڻ لڳيون آهن. جن ۾ عائشه ممتاز به شامل آهي. جنهن فوڊ انڊسٽريءَ خلاف گراهڪن کي ناقص خوراڪ جي فراهميءَ تي ڪارروائي ڪئي.

اهي کاتا جن ۾ عورتن کي سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي انهن ۾ وومين ڊويلپمنٽ، آرڪائيو کاتو، گورنر هائوس، ڊپارٽمينٽ فار اسپيشل ايجوڪيشن ۽ هائير ايجوڪيشن پنجاب شامل آهن.

تنقيد ڪندڙ عورتن کي اهڙا کاتا ڏيڻ تي حيران آهن، جن کي عام طور تي سخت تصور ناهي ڪيو ويندو. حمايت ڪندڙ ان کي عورتن ۽ سماج جي جدوجهد جي عڪاسي قرار ڏين ٿا جنهن ڪري عام راءِ هڪ ڪمزور سمجهي ويندڙ صنف جي حامي ٿي وئي آهي.

آمنه امام، سيڪريٽري وومين ڊولپمينٽ پنجاب، عنبرين رضا سيڪريٽري اسپيشل ايجوڪيشن پنجاب، بشريٰ امام سيڪريٽري هيومن رائيٽس ۽ مائنارٽيز، ارم بخاري، جيڪا پنجاب جي سڀ کان پهرين عورت سيڪريٽري آهي، ۽ ڊائريڪٽر جنرل انڪم سپورٽ پروگرام ساره سعيد اهو يقين رکن ٿيون ته عورتن کي اعليٰ عهدن تائين پهچڻ لاءِ غيرمعمولي جدوجهد ڪرڻي پئي آهي.

مٿي ذڪر تمام عورت سيڪريٽرين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته اها حقيقت آهي ته توڙي جو انهن عورتن جو تعلق اثر و رسوخ رکندڙ خاندانن سان آهي ۽ سندن ذهانت به ان سطح جي آهي جو اهي مقابلي واري امتحان ۾ ڪاميابي حاصل ڪري وٺن ٿيون پر ان باوجود انهن لاءِ اهو هميشهه مشڪل رهيو آهي ته پاڪستان جي انتظامي سروسز ۾ پنهنجو ڪيريئر ٺاهي سگھن ۽ ترقي ڪري سگھن.

ارم بخاريءَ نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو ته عورتن کي هاڻي به ٻٽي محنت ڪرڻي پوندي آهي ۽ پنهنجين صلاحيتن کي مڃائڻ توڙي پروفيشنل ازم جو مظاهرو ڪرڻ لاءِ غيرمعمولي ڪوششون ڪرڻيون پونديون آهن.

هن چيو ته اها انتهائي اهميت واري ڳالهه آهي ته مرد عورتن کي پروفيشن ۾ پنهنجو برابر سمجهن. سماج ۾ عورتن کي روايتي ڪردارن ۾ پيش ڪرڻ واري روايت هٿي وٺي چڪي آهي جهڙوڪ اهو ته عورتون ڪجهه نه ٿيون ڪري سگهن ۽ صرف گھريلو ڪم ڪرڻ ئي انهن لاءِ مناسب آهي اهڙي سوچ کي رد ڪرڻ لاءِ عورتن کي پنهنجي ملازمت مڪمل سنجيدگيءَ ۽ پيشه ورانه رويي سان ڪرڻي پوي ٿي.

ارم بخاريءَ وڌيڪ چيو ته کين اعليٰ عهدا ناهن ڏنا ويندا ۽ اهو خيال ظاهر ڪيو ويندو آهي ته انهن ۾ فيصله سازيءَ ڪرڻ جي صلاحيت ناهي، اهي اسانجي معاشري ۾ زور وٺندڙ عام رويا آهن. توهان ڀلي ته سول سرونٽ هجو ۽ پي اي ايس آفيسر طور ڪم ڪندڙ هجو يا وري اسڪول ۾ استاد هجو عورتن سان روا رکيو ويندڙ سلوڪ لڳ ڀڳ هڪجهڙو ئي هوندو آهي.

هن چيو ته حراسان ڪيو وڃڻ ته هڪ روايت بڻجي چڪي آهي جنهن کي هاڻي ملازمت جو حصو تصور ڪيو وڃڻ لڳو آهي. اها هڪ افسوسناڪ حقيقت آهي پر ان باوجود ان جو هڪ مثبت رخ اهو آهي ته هاڻي عورتن لاءِ هر پيشه ورانه محاذ تي ڪامياب ٿيڻ جا امڪان مردن جيترا ئي روشن آهن پر ان لاءِ ضروري آهي ته هنن پاران ڪيون ويندڙ ڪوششون صحيح رخ ۾ هجڻ گھرجن ۽ انهن جو مقصد واضح هجڻ گھرجي، کين پرعزم ۽ باهمت هجڻ گھرجي.

جڏهن عورتن جي ترقيءَ واري کاتي جي سيڪريٽري آمنه امام کان اهو سوال ڪيو ويو ته هڪ عورت مرد کان ڏهه ڀيرا وڌيڪ محنت ڇو ڪري ۽ اسلام دنيا جي هن پرڳڻي ۾ مردن جي سوچ تبديل ڪرڻ ۾ ڇو ناڪام ويو آهي؟

آمنه امام نيوز لينز پاڪستان کي تاريخي حوالو ڏيندي ٻڌايو ته اسان پاڪستان ۾ سماجي جي سطح تي عورتن جي مقام کي مقرر ڪرڻ لاءِ سيتا جي چوگرد جنم وٺندڙ ڳالهين جي پيروي ڪري رهيا آهيون ( جيڪا هڪ ديوي هئي) راوڻ پاران سيتا کي ان وقت قيدخاني ۾ وڌو ويو هيو جڏهن هن پنهنجي گھر کان ٻاهر قدم رکيو هيو.

توڙي جو هن جي مڙس رام هن کي آزادي ڏياري پر هن ان وقت تائين سيتا کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو جيستائين عام عوام جي هن متعلق راءِ تبديل نه ٿيندي. ان عمل ۾ لڳ ڀڳ 14 سالن جو وقت لڳي ويو ۽ ان عرصي دوران سيتا اڪيلي رهي.

جڏهن ڪا عورت باشعور ٿيڻ چاهيندي آهي ۽ گھر کان ٻاهر نڪرڻ چاهيندي آهي ته اها عوامي جاگير بڻجي ويندي آهي. ان رويي عورت کي ڪمزور ڪيو آهي ۽ اڪثر ڪري اها مرد جو آسان حدف ٿي ويندي آهي جڏهن ته حقيقت ته اها آهي ته عورتون جرئتمند هونديون آهن ۽ غلط عوامي راءِ آڏو شڪست ناهن مڃي وٺنديون.

آمنه امام وڌيڪ چيو ته “اسان حضرت ابراهيم جي شريڪ حيات بيبي هاجره کي ياد ڪندا آهيون ۽ نه ئي ان جي ڏسيل واٽ تي عمل ڪندا آهيون جيڪا مڪي جي غيرآباد ۽ ويران شهر ۾ تازي ڄاول ٻار سميت اڪيلي رهي پئي. هن نه صرف پورو شهر آباد ڪيو پر پنهنجي پٽ حضرت اسماعيل وسيلي پوري هڪ نسل کي اڳتي وڌايو.

1973 ۾ ٿيل سڌارن جي ڪري سول سروسز ۾ عورتن لاءِ ڊي ايم جي گروپ ۽ پرڏيهي معاملن واري سروس ۾ شامل ٿيڻ جا دروازا کليا. عالمگيريت ۽ عالمي سطح تي صنفي مسئلن متعلق شروع ٿيل بحث جي ڪري عورتن کي نظرانداز ڪرڻ ۽ کين سندن حقن کان محروم ڪرڻ مشڪل ٿي پيو آهي.

پاڪستان سول سروسز اڪيڊميءَ جي اڳوڻي چيف انسٽرڪٽر ۽ وارڊن ڊاڪٽر سعيد شفقت مطابق 1990 جي ڏهاڪي ۾ عورتن جي حق ۾ رجحان مڪمل طور تي تبديل ٿيڻ شروع ٿيو هيو. جڏهن صنفي سطح تي برابري ۽ انساني حقن وارا معاملا عالمي سطح تي بنيادي مسئلي طور اڀري آيا هئا ۽ عام طور تي اهو سمجهيو ويو پئي ته پوئتي پيل ملڪن ۾ عورتن کي برابريءَ وارا حق نه پيا ڏنا وڃن.

ڊاڪٽر سعيد شفقت چيو ته “فوجي حڪومت کي اهو مشورو ڏنو ويو ته قانوني جواز حاصل ڪرڻ جو هڪ طريقو اهو آهي ته صنف جي بنياد تي حساسيت ۽ برابريءَ کي مرڪزي ڌارا ۾ شامل ڪيو وڃي.

اسپيشل ايجوڪيشن جي صوبائي سيڪريٽري امبر رضا جو چوڻ آهي ته عورتن کي هاڻي هر شعبي ۾ جاکوڙ ڪندي ڏسي سگھجي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته سڀ کان دلچسپ رخ اهو آهي ته عورتون پنهنجي ڪيريئر ۾ اڳتي وڌڻ سان گڏوگڏ خاندان وڌائڻ واري معالي تي ٻڏتر جو شڪار نه آهن. 1970 جي ڏهاڪي ۾ جڏهن ڊي ايم جي ۽ فارين سروسز (هاڻي پي ايس اي چيو ويندو آهي) جا دروازا عورتن لاءِ کليل آهن ته اسان ڏٺو آهي ته گھڻين عورتن شاديءَ کانپوءِ ملازمت ڇڏي ڏني ڇو ته هنن لاءِ هڪ ئي وقت ٻن محاذن تي سرگرم ٿيڻ هڪ چيلينج هيو.

امبرين رضا جو چوڻ هيو ته “عورتن پاران نون شعبن جو رخ ڪرڻ سبب هاڻي ڪم جو ماحول هنن جي ضرورتن مطابق ٺهي ويو آهي جنهن ڪري هنن لاءِ هاڻي معاملا آسان ٿي پيا آهن. هڪ عورت کي هاڻي ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ شادي نه ڪرائڻ يا وري پنهنجي خاندان کي نظرانداز ڪرڻ جي ضرورت ناهي رهي.

هن وڌيڪ چيو ته عورتن جي پيشه ورانه ساٿين جي گھڻائي جيئن ته مردن تي مشتمل هوندي آهي جنهن ڪري هنن لاءِ مردن سان غيررسمي ڳالهه ٻولهه به ممڪن ناهي هوندو، اهڙا رابطا ڪيريئر کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ گھڻا ضروري هوندا آهن. آفيس جي ٽائيم کانپوءِ عورتون اگر مردن سان ڳالهه ٻولهه ڪنديون ته کين مسئلن کي منهن ڏيڻو پوندو ۽ اگر ڪا عورت اهڙي جرئت ڪري به ٿي ته کيس تنقيد برداشت ڪرڻي پوي ٿي ۽ گھڻو ڪري ته ان جي ساک ئي داوَ تي لڳي ويندي آهي.

بشريٰ امام چيو ته عورتن جي خوشقسمتي آهي ته کين ملازمت ڪندڙ مردن جيڏي دٻاوَ کي منهن نه ٿو ڏيڻو پوي نه ئي هنن کان اهڙا مطالبا ڪيا وڃن ٿا جهڙا مردن کان ڪيا ويندا آهن. هن وڌيڪ چيو ته عورتون مردن کان هڪ فاصلي تي ضرور رهنديون آهن جيڪو سندن لاءِ گھڻو ڪري فائديمند ثابت ناهي ٿيندو پر ان کانسواءِ وٽن ٻيو ڪو رستو به ناهي هوندو.

ڊائريڪٽرجنرل بينظيرانڪم سپورٽ پروگرام پنجاب ساره سعيد جو چوڻ آهي ته حڪومت جيڪڏهن عورتن لاءِ ملازمت جا وڌيڪ موقعا پيدا ڪرڻ چاهي ٿي ته حڪومت کي ان مقصد لاءِ قانونن ۽ ضابطن ۾ تبديلي آڻڻي پوندي. هن ملڪ کان ٻاهر نوڪريءَ جي پنهنجي تجربي جي بنياد تي چيو ته فيلڊ ۾ مقرر هڪ آفيسرياڻيءَ کي ڳورهاري هجڻ وارين موڪلن دوران به گھر مان ويهي ڪم ڪرڻ لاءِ چئي سگھجي ٿو پر ان لاءِ ضروري آهي ته اسان ملازمت جو وقت لچڪدار بڻايون. هن چيو ته هالينڊ ۾ عورتن کي ڳورهاري هجڻ جي وقت ۾ 6 مهينن تائين موڪل ڏني ويندي آهي ڇو ته اتي عورتون گھر ۾ هوندي به ڪم ڪري سگھن ٿيون.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here