ورهاڱي سبب وڇڙيل خاندانن جو ملڻ خواب بڻيل

0
2075
: Photo By News Lens Pakistan / Amar Guriro
A woman in Ther Desert : Photo By News Lens Pakistan / Amar Guriro

عمرڪوٽ (الله بخش آريسر وٽان) ورهاڱي جي سانحي کي ورهين گذري ويا پر پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان حالتون ڇڪتاڻ جو شڪار رهيون آهن، پر اهي تلخيون ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٿر جي ريگستان ۾ ڊگهي سرحد جي چوڌاري رهندڙ ورهايل خاندانن وچ ۾ محبت ۽ خلوص کي ختم ڪرڻ ۾ ناڪام رهيون آهن. هو هڪ ٻئي سان ملاقات لاءِ بيچين هجن ٿا پر سخت قانونن ۽ ڀارتي حڪومت پاران سرحدي ضلعن ۾ وڃڻ تي پابندي ۽ غربت جي ڪري انهن جي ان خواهش جي پورو ٿيڻ جو ڪو امڪان باقي ناهي رهيو.

سنڌ ۽ راجستان جي صوبن ۾ رهندڙ ماڻهو هڪ ٻئي جا ويجها مائٽ آهن، ڪيترن جو ته پنهنجن پيارن کي هڪ ڀيرو ڏسڻ ۽ پاڻ ۾ مائٽيون ڪرڻ جو خواب ڄڻ ته خواب ئي رهجي ويو آهي، هو هڪ ٻئي جي شادي جي تقريبن ۽ آخري رسمن ۾ به شرڪت نٿا ڪري سگهن.

عمر ڪوٽ جي پورهيت جي گهر واري مان ٻائي موجب هن جي شادي صرف 15 ورهين جي عمر ۾ ڪرائي وئي هئي ۽ هاڻ هوءَ 51 سالن جي آهي. هوءَ شاديءَ بعد ترت ئي پاڪستان اچي وئي هئي، جنهن بعد هوءَ ٻيهر ڪڏهن به پنهنجي والدين سان ناهي ملي سگهي. هوءَ ٻارن جي پيدائش، پنهنجي پيارن جي وفات ۽ خوشين ۾ شريڪ به ناهي ٿي سگهي. هن وڌيڪ چيو ته 15 سال اڳ جڏهن به ڪو واگها بارڊر (لاهور) ذريعي ڀارت ويندو هو ته هوءَ آڊيو ڪيسٽ ۾ پنهنجو پيغام رڪارڊ ڪري سرحد جي هُنَ ڀر موڪلي ڇڏيندي هئي جنهن جي جواب ۾ ڪيترن مهينن بعد خط ملندو هو.

هن نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو ته مان سماجي ميڊيا جي ترقيءَ جي شڪر گذار آهيان ڇو ته هاڻ منهنجو پٽ مون کي مائٽن جون تصويرون ۽ ويڊيوز ڏيکاريندو آهي ۽ انهن سان واٽس ايپ تي ڳالهرائي سگهندو آهي پر مان انهن سان ملاقات ڪري نٿي سگهان ڇو ته منهنجو تعلق هڪ غريب خاندان سان آهي ۽ منهنجو مڙس پورهيت آهي.

جيئن ته کوکرا پار موڻا بائو ٽرين سروس شروع ڪئي وئي هئي پر ڀارت جي چئن سرحدي شهرن جن ۾ باڙمير، ڀوج، جيسلمير ۽ پالن پور شامل آهن، ۾ بيهڻ جي اجازت نه ڏني وئي هئي ۽ مان بائي جا مائٽ انهن ئي ضلعن ۾ رهندا آهن، هوءَ پنهنجن پيارن سان حياتيءَ ۾ هڪ ڀيرو ملاقات ڪرڻ جي خواهشمند آهي، جيڪي ويجهو هوندي به پري آهن.

عمرڪوٽ جي هڪ ٻئي رهواسي عورت آمنت جي ڪهاڻي به ڪا مختلف نه آهي، هن جي شادي 15 سالن جي عمر ۾ ٿي جنهن بعد سندس مڙس هن کي پاڪستان وٺي آيو. هن وقت هوءَ 60 ورهين جي آهي، هن جو مڙس 23 سال اڳ وفات ڪري چڪو آهي. هن چيو ته منهنجو والد عبدالڪريم به راجستان مان عمرڪوٽ هجرت ڪئي هئي، ان جي ڪيترن ئي سببن مان هڪ اهو به هو ته سندس ڌي سنڌ ۾ رهندي هئي. هن جي والد هن کي پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ٿيندڙ خوني جنگين جا داستان ٻڌايا هئا.

هن يادن جا ورق ورائيندي ٻڌايو ته 1965ع جي پاڪ ڀارت جنگ دوران ڪپرائو، ڪنرو، بوٿ، گهيڙ جو تڙ، ڊيڊوهڙ ۽ ٻيا ڪيترائي سرحدي ڳوٺ خالي ڪرايا ويا هئا، هڪ سرحدي ڳوٺ ڪپڙائو ۾ ڀارتي فوج چئن ماڻهن کي ان الزام تي قتل ڪري ڇڏيو هو ته هو ڳجهي نموني پاڪستان جي مدد ڪري رهيا آهن.

ناليواري ليکڪ ارباب نيڪ محمد نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو ته 24 آڪٽوبر 2013ع تي ضلعي باڙمير جي ڳوٺ امياني جو رهواسي 50 سالن جو هڪ ڀارتي شهري ابوبڪر سرحد ٽپي ويجهي ڳوٺ گڌرو آيو. هن کان جڏهن پڇيو ويو ته هن گرفتاري يا زخمي ٿيڻ جي خوف باوجود ڪيئن ڪنڊيدار تارن تان ٽُپيو ته هن جواب ڏنو ته هن جي پنهنجي مائٽن سان ملاقات واري خواهش تي ضابطو نه رهيو هو جيڪي ان جي ڳوٺ کان ڪجهه ئي فاصلي تي رهندا آهن ۽ هن وٽ اهو سفر ڪرڻ لاءِ ڪرائي جيتري رقم نه هئي، جنهن ڪري هو ائين ڪرڻ تي مجبور ٿيو.

مان ٻائي جي والد محمد سليم موجب (جنهن جي ڌيءَ عمر ڪوٽ ۾ رهندي آهي) هو ڀارتي ڳوٺ مٽي ڪاٽلها ضلعي باڙمير جا رهواسي آهن. هن نيوز لينز پاڪستان سان فون تي پنهنجي ڪهاڻي بيان ڪندي چيو ته جڏهن خاندان جو ڪو فرد گذاري ويندو آهي ته هو پنهنجي دماغ کي اها تسلي ڏيندو آهي ته هاڻ هو هن دنيا ۾ ناهي رهيو پر پنهنجي اولاد کي وسارڻ آسان نه آهي جيڪو زنده ۽ صحتمند هجي پر جنهن کي سرحدن تي لڳل ڪنڊيدار تارن ۽ مفاصلن هڪٻئي کان الڳ ڪري رکيو هجي.

غير سرڪاري تنظيم رائٽس آف ايڪسپريشن، اسيمبلي، ايسوسيئيشن اينڊ ٿاٽ (ريٽ) جي سربراهه ڪرشن شرما نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو ته ورهاڱي جي ڪيترن سالن بعد پاڪستان ۽ انڊيا وچ ۾ ڇڪتاڻ ٻنهي ملڪن وچ ۾ موجود ٿر جي ريگستان واري سرحد جي چوطرف رهندڙ خاندانن کي الڳ ناهي ڪري سگهي.

هن چيو ته اها انساني تاريخ جي هڪ تمام وڏي هجرت هئي جڏهن لکين هندو (واپارين)، سکن ۽ جين مت جي پيروڪارن انڊيا ڏانهن هجرت ڪئي، سنڌ ۽ راجستان وچ ۾ سرحد انهن خاندانن کي ورهائي ڇڏيو، جنهن ڪري انهن کي سماجي، ثقافتي ۽ تاريخي جبر جو شڪار ٿيڻو پيو.

ڪرشن شرما وڌيڪ چيو ته اهو ڳالهه حيران ڪندڙ ۽ ڳڻتي جو سبب به آهي ته انهن ماڻهن لاءِ ٻه ڪلوميٽرن جو مفاصلو پنهنجي مائٽن سان ملاقات لاءِ ٻه سئو ڪلوميٽر ڊگهو ٿي ويندو آهي ڇو ته سرحد تي ڪنڊيدار تارون لڳل آهن. مشرف حڪومت کوکرا پار ٽرين روٽ کوليو هو ۽ ائين هزارين خاندان پنهنجن مائٽن سان ملاقات ڪرڻ لائق ٿيا. پاڪستاني هندن جي مقدس ماڳ (تيرٿ ياترا) ڀارت ۾ آهي جنهن ڪري انهن کي پنهنجي مذهبي رسمن جي ادائگي ۾ ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو.

تجزيه نگار اهو يقين رکن ٿا ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ پيدا ٿيندڙ غلط فهمين جي ڪري سرحدن جي چوڌاري رهندڙ لکين ماڻهو مونجهارن ۽ خوف جو شڪار رهن ٿا. ورهاڱي ٿر، عمر ڪوٽ، بدين، سانگهڙ، رحيم يار خان ۽ بهاولپور جي عوام کي ٻن مختلف ملڪن جو شهري بڻائي ڇڏيو. واپار ۽ عوام لاءِ اچ وڃ تي پابندي ختم ڪرڻ سان نه صرف راجستان ۽ گجرات بلڪه ٻين علائقن تي به ان جا مثبت اثر پئجي سگهن ٿا، پر انهيءَ سان گڏوگڏ ان مان ٿر (سنڌ) ۽ راجستان (ڀارت) جي عوام لاءِ معاشي موقعن جا دروازا به کلي سگهن ٿا.

سماجي ڪارڪن عبدالحڪيم سومرو موجب سرحد جي چوطرف مختلف ميلا ملاکڙا لڳندا آهن، اهي مذهبي ڏهاڙا ڏياري ۽ عيد ملهائيندا آهن ۽ خوشي جي موقعا شاديون ۽ سالگره جي تقريبن کان علاوه ڏک ۽ رنج جا لمحا فوتگي وغيره جون رسمون ادا ڪندا آهن. 1971ع جي جنگ دوران ميرپورخاص ڊويزن جا ماڻهو انڊيا ڏانهن هجرت ڪري ويا هئا هو پنهنجي ملڪيت ڇڏي ويا جيڪا هاڻ دشمن جي ملڪيت جي طور تي ڄاتي سڃاتي ويندي آهي.

عبدالحڪيم سومرو جو چوڻ هو ته ٿر جا ماڻهو ڀٽن تي رهندا آهن جتي سرحدن انهن کي نه صرف طبعي طور تي بلڪه ثقافتي ۽ سماجي طور تي به ورهائي ڇڏيو آهي، ڪا سرحد به انهن خاندان کي الڳ نٿي ڪري سگهي. هو دهل جي ڌن ته محسوس ڪري سگهن ٿا ۽ شادي ۾ ڳائجندڙ گيت ٻڌي سگهن ٿا پر تقريب ۾ شريڪ نٿا ٿي سگهن. هو مسجدن ۾ لائوڊ اسپيڪر ذريعي فوتگي جو اعلان ڪندا آهن ته جيئن پنهنجي مائٽن کي آگاهه ڪري سگهن، ڇو ته سرحد جي ڪري هو بظاهر هڪٻئي کان الڳ ٿي چڪا آهن.

امن کي هٿي ڏيڻ لاءِ سرگرم ڪارڪن بينا سرور نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو ته ممڪن آهي ته ڪجهه ماڻهن، حڪومتن ۽ اقتداري سياست سبب ڪجهه خدشا هجن پر ان باوجود هو سرحد جي هُن ڀرَ جي حوالي سان وڌيڪ پرجوش آهن ۽ خاص طور تي نوجوان ڀارت وڃڻ چاهين ٿا ته جيئن اتان جي کاڌن، ثقافت ۽ موسيقي کان واقف ٿي سگهن.

هن چيو ته ٻنهي ملڪن اهڙي ويزا پاليسي جوڙي رکي آهي ته ماڻهن لاءِ سرحد جي ٻئي پار وڃڻ ممڪن ناهي رهيو. هن موجب اهو تصور به نٿو ڪري سگهجي ته دنيا جي ٻين پاڙيسري ملڪن ۾ به اهڙي طرح جو رويو اختيار ڪيو ويندو آهي، جيئن ته مختلف شهرن جي سفر تي پابنديون، هڪ ٻئي جي ملڪ ۾ داخل ٿيڻ ۽ واپس اچڻ جي مخصوص هنڌن، پوليس ۾ رپورٽ داخل ڪرائڻ وغيره شامل آهن ۽ اهي قدم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اچ وڃ کي روڪڻ جي لاءِ ڪيا ويا آهن.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here