خوشيءَ جو ڏهاڙو هجي يا مذهبي ڏڻ، مردن لاءِ چارسده جي جُتي پائڻ رواج بڻجي ويو

0
3293

پشاور (رپورٽ: وصال يوسفزئي) چارسده جي جُتي جيڪا پشاوري جُتي جي نالي سان مشهور آهي، سا ماڻهو شوق سان پائين ٿا ڄڻ ته اها پاڪستان ۾ فيشن جو لازمي حصو بڻجي وئي آهي. ڪي پي ڪي سميت پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ خوشيءَ جو موقعو هجي يا ڪا مذهبي تقريب، پشاوري جُتي پائڻ کانسواءِ اڻپوري تصور ڪئي ويندي آهي. حالانڪه انهن جُتين جو استعمال اَڇِي شلوار قميص سان گڏ عيد ۽ ٻين ڏهاڙن تي به عام آهي.

چارسده ۾ 1978ع ۾ قائم ڪيل غفور مارڪيٽ ۾ جُتيون ٺاهڻ جا تقريبن ڇهه سئو يونٽ آهن، هر يونٽ تي مختلف ڊزائين جون جُتيون تيار ڪيون وينديون آهن ۽ هڪ اندازي موجب ڪاروبار ۾ تقريبن 10 هزار ماڻهو روزگار سان لڳل آهن.

چارسده چپل ايسوسيئيشن جي اڳوڻي صدر شاهه حسين نيوز لينز سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۾ روزانو 10 هزار جُتيون تيار ڪيون وينديون آهن ۽ انهن جي ٺاهڻ  ۾ به فرق هوندو آهي، ڪجهه جوتن جي هڪ دفعو، ڪن جي ٻه ڀيرا جڏهن ته ڪجهه جوتن جي ٽي ڀيرا به سلائي ڪئي ويندي آهي، جيڪڏهن هڪ جُتي جي ٽي ڀيرا سلائي ڪئي وئي هجي ته اها اڳ ذڪر ڪيل جُتين کان وڌيڪ پائيدار هوندي آهي.

ڪجهه به هجي پر گراهڪن ۾ چارسده جي جُتين جون مختلف ڊزائنون به مقبول آهن.

ڪيپٽن چپل مارڪيٽ ۾ هڪ نئون واڌارو آهي، خاص طور تي پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه ۽ اڳوڻي ڪرڪيٽر عمران خان پاران خريد ڪرڻ کان پوءِ ان جُتيءَ جي وڪري ۾ اضافي کان پوءِ جُتي جي صنعتڪارن متاثر ٿي ڪيپٽن چپل (ڪپتان) رکيو ويو آهي، اهو برانڊ خيبرپختونخواه ۾ تمام گهڻو مقبول ٿي چڪو آهي.

شاهه حسين چيو ته مقامي طور تي اها ڪپتان چپل سڏي ٿي وڃي، جيڪا چپل جي ٻين قسمن کان مهانگي آهي، هن جُتي جي تيار ٿيڻ تي پنج کان ڏهه هزار تائين لڳي وڃن ٿا، تنهن ڪري سياستدان ۽ خوشحال گهراڻي جا فرد ئي گهڻي ڀاڱي هن جُتي جي ٺهرائڻ جو آرڊر ڏيندا آهن.

تاريخدانن موجب چارسده جي انهن مشهور جُتين جو استعمال سڪندر اعظم جي دور ۾ شروع ٿيو. شاهه حسين کي جُتين جو ڪاروبار ورثي ۾ مليو آهي، هن جا وڏا گذريل  هڪ سئو سالن کان جُتين ٺاهڻ واري هنر ۽ ڪاروبار سان جڙيل آهي. هن موجب پشاوري جُتي وچ اوڀر، يورپ ۽ آمريڪا ۾ به موڪلي ويندي آهي.

برطانوي شوز ڊزائنر پال سمٿ چارسده جي انهن روايتي جُتين جو نقل تيار ڪري انهن کي رابرٽ سينڊلز جي نالي سان متعارف ڪرايو آهي، هو جوتن جو هڪ جوڙو ٽي سئو پائونڊن ۾ وڪرو ڪندو آهي.

چارسده جي هِن روايتي جُتين ۾ مقامي ۽ ٻاهران آندل هر طرح جو چمڙو استعمال ٿيندو آهي. چمڙي جي صنعت جو مرڪز جيئن ته لاهور آهي، تنهن ڪري اڪثر ڪري جوتن جي جوڙن جي قيمت ۾ واڌارو ٿي ويندو آهي.

خيبرپختونخواه جي ڊائريڪٽر ليبر عرفان خان چيو ته خيبرپختونخواه ۾ دهشتگردي ۽ ويڙهه سبب چمڙا سازي جا يونٽ بند ٿي چڪا آهن. هن چيو ته حڪومت صنعت جي بحاليءَ لاءِ ڪوشان آهي پر فنڊن جي کوٽ سبب ڄاڻايل منصوبا شروع ڪرڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي رهي آهي.

چارسده چپل ايسوسيئيشن جي صدر حاجي مقصود نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو ته حڪومت 2003ع ۾ بوٽ ٺاهڻ جي تربيت لاءِ ٽريڊ ڊويلپمنٽ اٿارٽي آف پاڪستان، ناڻي وزارت ۽ چارسده چپل ميڪرز ايسوسيئيشن جي ڀائيچاري سان فٽ ويئر ٽريننگ انسٽيٽيوٽ قائم ڪيو هو. هن وڌيڪ چيو ته چارسده ۾ ايڪسپورٽ پروموشن بيورو جي تعاون سان ان حوالي سان چار ايڪڙ ايراضي خريد ڪئي، پر 12 سال گذرڻ باوجود اهو ادارو اڃا به ڪرائي جي هڪ گهر ۾ ڪم ڪري رهيو آهي.

فٽ ويئر ٽريننگ انسٽيٽيوٽ ۾ استاد فضلي امين نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو ته هن وقت اداري ۾ پنج سئو عورتون ۽ پنج سئو مرد تربيت حاصل ڪري رهيا آهن. عورتن کي چمڙي جا پرس ۽ ٻٽون ٺاهڻ جي تربيت فراهم ڪئي پئي وڃي. مردن کي بوٽ ٺاهڻ جو فن سيکاريو پيو وڃي. شاگردن جو وڏو انگ هينڊ بيگ ۽ جوتن جو ڪاروبار شروع ڪري چڪو آهي.

خيبرپختونخواه چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز جي صدر فواد اسحاق  چيو ته هنن بوٽ ٺاهڻ جو تربيتي ادارو قائم ڪرڻ لاءِ ناڻي واري وفاقي وزير خرم دستگير سان ڳالهايو آهي. فواد اسحاق جيئن ته ايڪسپورٽس ڊويلپمينٽ فنڊن جو ميمبر به آهي، انهيءَ ڪري هن تي اها ذميواري رکي وئي آهي ته هو هڪ سروي رپورٽ تيار ڪري جنهن بعد هو اهو يقين رکن ٿا ته ان اداري جي تعمير لاءِ جلد فنڊ جاري ڪيا ويندا.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here