ڪلاسيڪل راڳ خطرن ۾ گهيريل

0
4651

لاهور (رپورٽ: شهرياروڙائچ) ڪلاسيڪل راڳ ۾ پنهنجو پاڻ مڃرائيندڙ 11 خاندان،پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ 5 وڃي بچيا آهن جڏهن ته ننڍي کنڊ جي ثقافتي تاريخ جا100 سال پڄاڻي تي پهچي رهيا آهن.

استاد، ليکڪ ۽ ڪلاسيڪل راڳي استاد بدرالزمان، نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو ته ننڍي کنڊ ۾ جڏهن هڪ خاندان جا ٽي نسل ڪلاسيڪل راڳ ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪن ته اهو موسيقي جو هڪ گهراڻو سڏائڻ لائق ٿي ويندو آهي. هن چيو ته 1947ع ۾ موسيقي سان واڳيل اڪثر گهراڻن پنهنجي شاندار تاريخ ۽ راڳي روايتن سان گڏ پاڪستان جو رخ ڪيو، پر ڪلاسيڪي راڳ جي تلونڊي، آگره، ڪرانه، هريانه، ڪپور ٿلا ۽ دهلي جا گهراڻا ملڪ ڇڏي ويا.استاد بدرالزمان وڌيڪ چيو ته رڳو منهنجو ڀاءُ استاد قمرالزمان انهيءَ گهراڻي جي شاگرد هجڻ ڪري ان روايت کي هٿي ڏياري رهيو آهي. پنجن صدين تي ٻڌل تهذيبي ورثو خطري ۾ آهي،ڇاڪاڻ ته انهيءَ جي حقيقي وارث مالي ڏکيائين ۽ موسيقي جي حوالي سان سماجي روين سبب ڪناره ڪشي اختيار ڪري ورتي آهي.

آل پاڪستان ميوزڪ ڪانفرنس جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر غزالا عرفان، نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو ته ڪلاسيڪي راڳ سُرن جو حسين ميلاپ آهي، ڪلاسيڪي موسيقي ۾ جذبن جو اظهار مختلف راڳن ذريعي ڪيو ويندو آهي جنهن بعد ئي سُر تخليق ٿيندا آهن. هن وڌيڪ چيو ته راڳي گهراڻن جا گلوڪار ٻن تالُن وچ ۾ موجود خال کي ڀرڻ جا به واقف هوندا آهن جيڪو عام طور تي ٻين ڳائڻن لاءِ ممڪن ناهي هوندو.گائيڪي جو هي انداز دراصل آواز جي لاهن چاڙهن تي عبور جو اظهار به هوندو آهي.انهن خاندانن جا ٻار به وجد تاري ڪرڻ واري تال تخليق ڪرڻ جا ماهر هوندا آهن. هن وڌيڪ چيو ته حيات احمد خان 1959ع ۾ ڪلاسيڪل راڳ جي فروغ ۽ ڳائڻن کي معاشي موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ آل پاڪستان موسيقي ڪانفرنس جو بنياد وڌو. جڏهن ته اولھ جي موسيقي جي عروج هن خطي ۾ ڪلاسيڪل راڳ کي پٺتي ڌڪي ڇڏيو. ڊاڪٽر غزالا عرفان جو چوڻ هو ته ان حوالي سان سماجي رويه ڳائڻن جي حوصلا افزائي نٿا ڪن، جڏهن ته انهيءَ موسيقي جي ٻڌندڙن ۾ به اضافو نه ٿي سگهيو آهي. ٻئي پاسي اولھ جي موسيقي عالمي سطح تي مقبوليت ماڻي ورتي آهي. واضح رهي ته باقي رهيل ڪلاسيڪل گهراڻن جا نوجوان پاپ موسيقي طرف متوجه ٿي رهيا آهن ڇاڪاڻ ته اها نه صرف وڌيڪ پئسو ڪمائڻ پر شهرت حاصل ڪرڻ جو به بهترين ذريعو آهي.

گلوڪار ۽ ڪتاب ”برصغير ڪي ميلوڊي ميڪرز“ جي ليکڪ ڊاڪٽر امجد پرويز نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو ته خيالِ گائيڪي ۾ شهرت ماڻيندڙ آگره خاندان 1975ع ۾ استاد اسد علي خان جي وفات بعد ختم ٿي ويو. هن وڌيڪ چيو ته روشن آرا بيگم ملڪ ۾ ڪرانه گهراڻي جي خيال ۽ ٺمري واري راڳ کي متعارف ڪرايو. هن غزل ۽ نئين طرز جا فلمي گيت پڻ ڳايا. هريانه گهراڻي جي نمائندگي صرف بابا محمد بخش ڪئي پر ان جا پٽ ان تاريخي روايت کي اڳتي نه وڌائي سگهيا.

پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف آرٽس جي اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل توقير ناصر ٻڌايو ته ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت ختم ٿيڻ بعد ڪلاسيڪي موسيقي جو به زوال شروع ٿي ويو. هن وڌيڪ چيو ته فوجي آمر جنرل ضياءَ الحق جي ثقافت مخالف سرگرمين سبب ملڪ ۾ فن زوال جو شڪار ٿيڻ شروع ٿيو، جيڪو اڄ تائين جاري آهي. مغل شهنشاھ اورنگزيب عالمگير ۽ جنرل ضياء الحق جو فن کي تباھ ڪرڻ جي حوالي سان ڪردار ساڳيو آهي. هن وقت ڪلاسيڪي گائيڪي سان واڳيل رڳو چار گهراڻا اهڙا آهن جيڪي پنهنجي تاريخي ثقافتي ورثي کي اڳتي وڌائي رهيا آهن جن ۾ شام چراسي، پٽيالا، گواليار ۽ قصور شامل آهن، جڏهن ته دهلي گهراڻي جا گلوڪار خيال طرز گائيڪيختم ڪري قوالي کي پنهنجي فن جي اظهار لاءِ اختيار ڪري ورتو آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here