پشاور (اظهار الله وٽان) اڃان ليڪچر اڌ ۾ ئي هيو ته، 9 سالن جي هڪ ڇوڪري پنهنجي هم ڪلاسيءَ کي ٺوٺ هڻندي چيو ته ان ميڊم کي ته ڏس، ڪيڏيون نه گنديون ڳالهيون پئي ڪري. ڪنڌ هيٺ ڪري، وات تي هٿ ڏئي، هو آواز دبائي کِلندا رهيا.
ان ڪلاس ۾ لڳ ڀڳ 200 شاگرد هجڻ ڪري ڪمرو ڄڻ ته سٿيو پيو هيو. انهن سڀني کي ان مقصد خاطر ڪلاس روم ۾ گڏ ڪيو ويو هيو ته اهي هڪ ناٽڪ ڏسي سگھن ۽ اهي پاڻ ئي اداڪار به هئا ۽ کين بحث ۾ حصو به وٺڻو هيو ڇو ته اهو بحث مباحثي وارو ناٽڪ هيو.
ڪمري ۾ موجود ميڊم کي ناٽڪ ۾ ڊاڪٽر جو ڪردار ادا ڪرڻو هيو. هن هڪ چارٽ، جيڪو ڀت تي ٽنگيل هيو، ڏانهن اشارو ڪندي شاگردن کان پڇيو ته ڇا توهان کي خبر آهي ته توهان جي جسم جي ڪهڙن حصن کي ڳجهو تصور ڪيو ويندو آهي؟
هال ۾ ٻارن جي گڏيل جواب جو پڙاڏو گونجي ويو ”جي ميڊم“. چارٽ انساني جسم جي ڳجهن حصن جي نشاندهي واضح انداز سان ڪري رهيو هيو. اهڙا سڀ حصا چِٽا ٿيل هئا.
ٻارن ۾ 8 ڪلاس ۽ ان کان مٿي وارن درجن جا شاگرد، ڇوڪرا توڙي ڇوڪريون شامل هئا. اهي پشاور يونيورسٽيءَ جي آغا خان آڊيٽوريم ۾ ٻارن جي استحصال متعلق هڪ ناٽڪ ڏسڻ لاءِ گڏ ڪيا ويا هئا. شرميلي مسڪراهٽ ۽ ڦِڪائيءَ واري انداز ۾ نظرون چورائيندي هنن اداڪارن کي ڏٺو ۽ ٻڌو جيڪي کين سندن جسم جي ڳجهن حصن بابت سمجهاڻي ڏئي رهيا هئا.
پاڪستان اندر ٻارن جي استحصال وارن واقعن ۾ ڏينهون ڏينهن واڌارو ٿي رهيو آهي. ٻارن جي تحفظ لاءِ ڪم ڪندڙ هڪ تنظيم ساحل پاران ملڪ جي قومي توڙي علائقائي اخبارن جي مدد سان ٻارن جي استحصال بابت ترتيب ڏنل، جن کي هو ”ظالماڻه انگ اکر“ قرار ڏين ٿا، مطابق 2013 ۾ ٻارن سان جنسي ڏاڍائيءَ جا 3،002 واقعا ٿيا. انگن اکرن مان معلوم ٿئي ٿو ته 2014 ۾ انهن واقعن جو تعداد حيرت انگيز طور 3508 ٿي ويو، ان جو مطلب ته گذريل سال جي ڀيٽ ۾ انهن جي شرح 17 سيڪڙو وڌي وئي ۽ هر روز 10 ٻارن جو جنسي استحصال ڪيو پئي ويو.
ٻارن سان ٿيندڙ استحصال جي معلومات کي جيڪڏهن صوبن جي پسمنظر ۾ ڏسجي ته 2014 دوران پنجاب ۾ 2054، سنڌ ۾ 875، بلوچستان ۾ 297، خيبرپختونخواه ۾ 152، وفاقي گاديءَ واري شهر اسلام آباد ۾ 90، آزاد ڪشمير ۾ 38 ۽ فاٽا توڙي گلگت بلتستان ۾ هڪ هڪ واقعن جا اطلاع مليا. رپورٽ مان شهري ۽ ٻهراڙيءَ جي بنياد تي ورڇ ظاهر ڪري ٿي ته 67 سيڪڙو ڪيس ٻهراڙين ۾ ٿيڻ جا اطلاع مليا جڏهن ته شهرن ۾ 33 سيڪڙو واقعن ٿيڻ جا اطلاع مليا.
پشاور يونيورسٽيءَ جي آغا خان هال ۾، اهو موقعو مليو ته ٻارن کي اهو ٻڌائي سگھجي ته جيڪڏهن جنسي طور سندن استحصال ٿيڻ وارو هجي ته ان وقت هو ڪهڙو ردعمل ظاهر ڪن. ڊرامي ۾ ڊاڪٽر جو ڪردار ادا ڪرڻ واري اداڪار پاران کين جنهن وقت اها آگاهي ڏني پئي وئي ته، ڪير جيڪڏهن سندن ڳجهن عضون کي ڇهي ساڻن جنسي بدفعلي ڪرڻ يا جنسي تسڪين وٺڻ جي ڪوشش ڪندو هجي، ته ان موقعي تي ٻارن جي منهن جا تاثر بگڙي پئي ويا.
ٻارن لاءِ ان ناٽڪ جو اهتمام، سماجي مسئلن متعلق جاڳرتا ڦهلائڻ لاءِ ڪم ڪندڙ هڪ سماجي اداري اعتبار پاران ڪيو ويو هيو. اداري جي ناٽڪ واري پروگرام جي ڪوآرڊينيٽر عاطف افضل ٻڌايو ته جنسي معاملن سميت ٻين سڀني مسئلن بابت ناٽڪي ڊراما پيش ڪرڻ واري سندن ڪوشش کي ٻارن جا والدين ۽ تعليمي ادارا گھڻو ساراهي رهيا آهن. پنهنجي ڳالهه ٻارن کي سمجهائڻ، خاص ڪري کين جنسي استحصال کان بچڻ متعلق ڄاڻ ڏيڻ جي سلسلي ۾ ناٽڪ واري انداز ۾ ڊراما ڪرڻ بهترين وسيلو آهن.
يونيورسٽي پبلڪ اسڪول جي اٺين ڪلاس ۾ پڙهندڙ رباب به انهن ٻارن ۾ شامل آهي جيڪي ڊرامو ڏسڻ لاءِ آندا ويا هئا. رباب اهو سڄو ڊرامو ڏٺو جنهن ۾ جنسي تعليم وارو نقطو به شامل هيو. ان ڇوڪريءَ ٻڌايو ته ڊرامي جي هڪ سين ۾، هڪ ننڍي عمر وارو ڇوڪرو ڏيکاريو ويو، جيڪو گاڏين جي هڪ مستريءَ وٽ ڪم ڪري ٿو. هن جو استاد، جيڪو هڪ وڏي عمر وارو شخص آهي، سندس جسم جي ذاتي حصن تي هٿ گھمائي کيس لڀائڻ يا ورغلائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. رباب وڌيڪ ٻڌايو ته ان سين ۾ اها سمجهاڻي ڏني وئي آهي ته سماج اندر ٻارن جو جنسي استحصال ڪيو ويندو آهي، بعد ۾، جڏهن ڊرامو پورو ٿي ويو ته ٻارن کي اها سمجهاڻي پڻ ڏني وئي ته ڪير جيڪڏهن کين ورغلائڻ جي ڪوشش ڪري ته ان موقعي تي هو ڪهڙو ردعمل ظاهر ڪن.
ڊرامي جي آخري سين ۾ ٻارن کي رڙيون ڪندي چيو ويو ته، اهڙي صورتحال ۾ هو مدد لاءِ رڙيون ڪن ۽ پنهنجي والدين کي آگاهي ڏين. ٻارن کي سمجهاڻي ڏني وئي ته اهڙي قسم جي ڳالهه جيڪڏهن هو پنهنجي والدين سان نه ٿا ڪري سگھن ته اها ڳالهه پنهنجي وڏي ڀيڻ يا ڀاءُ کي ضرور ٻڌائين.
ڊرامي مڪمل ٿيڻ بعد، ڊرامي جو اهتمام ڪندڙن پاران ٻارن کي موقعو ڏنو ويو ته اهي اسٽيج تي اچي، اداڪارن جي نقل ڪندي جهڙيءَ ريت ڊرامي ۾ ٻار جو جنسي استحصال ڪرڻ جي ڪوشش جي امڪانن کي پيش ڪيو، ان متعلق اداڪاري ڪن ۽ جيڪڏهن ان موضوع متعلق سندن ذهن ۾ ڪو نئون خيال آيو هجي ته ان کي به ڊرامي جو حصو بڻائي سگھن ٿا. ان موقعي تي رباب جو چوڻ هيو ته جيڪڏهن ڪير به مونکي ڇهڻ جي ڪوشش ڪندو ته مان ان متعلق پنهنجي والدين کي ضرور ڄاڻ ڏيندس.
پاڪستان ۾ جنسي مسئلن متعلق تعليم ڏيڻ تي اڻ اعلانيل پابندي آهي. 2014 ۾ آل پاڪستان پرائيويٽ اسڪول فيڊريشن، جيڪا ملڪ جي 1 لک 52 هزار نجي اسڪولن جي نمائنده تنظيم آهي، حڪومت پاران جڏهن کين جنسي نصاب پڙهائڻ جي هدايت ڪئي وئي ته ان تنظيم پاران نجي اسڪولن ۾ جنسي آگاهي ڏيڻ واري نصاب پڙهائڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي. نجي اسڪولن جي فيڊريشن جي صدر پاران 2014 ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ويو هيو ته جنسي تعليم ڏيڻ اسانجي آئين ۽ مذهب جي خلاف آهي.
پشاور ۾ واقع خيبر ٽيچنگ اسپتال جي نفسيات واري شعبي جي ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر اعزاز جمال، نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو ته جنسي مسئلن متعلق ڄاڻ نه هجڻ جي ڪري ئي ٻارن ۾ نفسياتي دٻاءُ ۽ ذهني پريشانيءَ جا مسئلا پيدا ٿيندا آهن، اهي مسئلا خاص ڪري تڏهن پيدا ٿيندا آهن جڏهن اهي بلوغت جي عمر ۾ قدم رکندا آهن ۽ سندن جسم جي عضون ۾ تبديلي اچڻ شروع ٿيندي آهي. هن وڌيڪ تبصرو ڪندي چيو ته بلوغت جي عمر وارن ٻارن ۾ نفسياتي مسئلن جو هجڻ هڪ عام ڳالهه آهي.
ڊاڪٽر جمال اهڙن ڪيترن ئي ٻارن جو علاج ڪيو آهي جيڪي پنهنجي جسماني تبديلين جي ڪري نفسياتي مونجهارن جو شڪار ٿيندا آهن. ڊاڪٽر جمال ٻڌايو ته ٻار اهو سمجهندا آهن ته سندن عضون ۾ تبديلي ڪنهن بيماريءَ يا مرض جي ڪري ٿي آهي.
جنسي تعليم جي باري ۾ هن جو خيال آهي ته ان جي جيتري ضرورت ٻارن کي آهي اوتري ئي وڏن کي به آهي. هن هڪ مريض، جنهن جو هن علاج ڪيو ان متعلق ٻڌايو ته اهو وقت کان اڳ ئي بلوغت (پاڻي نڪرڻ) جو شڪار ٿي پيو هو. مريض شديد طور تي پريشانيءَ ۾ مبتلا هيو ڇو ته هن پنهنجي اهڙي حالت کي جنسي زندگيءَ جي زوال طور محسوس ڪيو پئي ۽ هن کي محسوس ٿي رهيو هو ته اهو زوال هن پاران گھڻي مُشت زني ڪرڻ سبب ٿيو آهي. جڏهن ته اها هڪ عام جنسي صورتحال آهي ۽ ان جو علاج آسانيءَ سان ڪري سگھجي ٿو.
سماج ۾ ٻارن سان جنسي ڏاڍائيءَ جي واقعن ۾ اضافي ٿيڻ کي جنسي تعليم جي اڻهوند سان جوڙيندي ڊاڪٽر جمال چيو ته ٻالڪپڻ ۾ جنسي استحصال جو شڪار بڻجندڙ، اهڙي واقعي جي ڪري اڻ مِٽ داغ لڳي وڃڻ ڪري نه ته پنهنجي والدين ۽ نه ئي سماج جي ڪنهن ٻئي فرد کي ڄاڻ ڏيندا آهن جنهن جي ڪري اهو سلسلو جاري رهندو آهي.
جڏهن هن کان اهو معلوم ڪيو ويو ته اها ڪهڙي عمر آهي، جنهن ۾ ٻار کي جنسي تعليم ڏيڻ گھرجي؟ ته ڊاڪٽر صلاح ڏني ته ٻار کي 10 سالن جي عمر کانپوءِ جنسي مسئلن بابت آگاهي ڏيڻ گھرجي، جڏهن انساني جسم ۾ تبديليون اچڻ شروع ٿينديون آهن.
ان سان گڏ ئي، معاشري جي ڪجهه حصا مذهبي سبب جي بنياد تي جنسي مسئلن جي تعليم ڏيڻ واري عمل جي مزاحمت ڪندا آهن ته ٻيا واري ثقافتي قدرن جي بنياد تي اهڙي تعليم کي ممنوع قرار ڏئي ڇڏيندا آهن، جهڙوڪ پاڪستان ۽ افغانستان جي سرحد سان لڳو لڳ وسندڙ پختون آبادي ان کي سٺو عمل ناهي سمجهندي. تنهن هوندي به اعتبار جو عاطف افضل ان ڳالهه کي رد ڪري ٿو ته خيبرپختونخواه صوبي جا ماڻهو تنگ نظر ۽ پنهنجي ٻارن کي جنسي تعليم ڏيڻ جي حق ۾ نه آهن.
عاطف افضل ٻڌايو ته ڪيترن ئي نجي اسڪولن پاران اعتبار سان ان مقصد لاءِ رابطو ڪيو ويو آهي ته اسان انهن اسڪولن ۾ وڃئون ۽ اتي پڙهندڙ ٻارن کي جنسي مسئلن بابت آگاهي ڏيندڙ ناٽڪ پيش ڪيون.
پشاور يونيورسٽيءَ ۾ اينٿرا پالاجي پڙهائيندڙ پروفيسر جميل احمد چترالي ٻارن کي سماجي مسئلن خاص ڪري جنسي مسئلن بابت ڄاڻ مهيا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته ان مقصد لاءِ ناٽڪ ۽ ٿيٽر وسيلي آگاهي ڦهلائڻ وقت جي اهم ضرروت آهي. پروفيسر جميل احمد جو چوڻ آهي ته افغان جهاد ۽ دهشتگرديءَ خلاف ويڙهه، توڙي ٻين سببن جي ڪري خيبرپختونخواه صوبي جي حيثيت جنگ جي ميدان واري آهي ۽ ان جي ڪري ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پختون ماڻهن کي تعليم ۽ جاڳرتا کان محروم رکيو ويو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته اسان لاءِ ضروري آهي ته اهڙو ماحول پيدا ڪيون، جنهن تحت هر هڪ شهريءَ جي بنيادي انساني حقن کي تحفظ حاصل ٿي وڃي ۽ سڀ ڪنهن کي اها ڄاڻ هجي ته حقن جي خلاف ورزي ٿيڻ جي صورت ۾ ڪهڙيءَ ريت رد عمل ظاهر ڪجي.
اٺين ڪلاس جي هڪ شاگرد ارباب سعد، جيڪو پشاور يونيورسٽيءَ ۾ ناٽڪ ڏسڻ آيو هيو، نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته ڊرامي ڏسڻ بعد هو هاڻي پُراعتماد آهي ته جنسي استحصال واري صورتحال مان پاڻ کي ڪيئن بچائي سگھي ٿو. هن چيو ته مان ڪڏهن به ڪنهن کي اهڙي اجازت نه ڏيندس ته اهو منهنجي جسم جي عضون کي ڇُهي سگھي ۽ هن کان پهريان مان جنسي تعليم جي اصطلاح بابت به اڻ ڄاڻ هيس