لاهور ۾ ننڍي عمر جي نوڪراڻين مٿان تشدد ۾ واڌ

0
1292

لاهور: نيوزلينز پاڪستان وٽ موجود انگن اکرن مطابق سال 2015 جي ڀيٽ ۾ 2016 دوران ننڍي عمر (04 کان 16 سالن جي ڄمار) وارين گھريلو نوڪراڻين کي جسماني تشدد جو نشانو بنائڻ وارن واقعن جي شرح وڌي 62.2 سيڪڙو ٿي چڪي آهي.

ٻارن جي تحفظ لاءِ ڪم ڪندڙ سرڪاري اداري ”چائلڊ پروٽيڪشن بيورو“ (سي پي بي) وٽان هٿ ڪيل انگن اکرن مطابق سال 2015 دوران گھريلو ملازمائن تي تشدد جي 28 ڪيسن جي نشاندهي ڪئي وئي، جنهن جي ڀيٽ ۾ سال 2016 دوران 45 اضافي واقعن جي نشاندهي ٿي.

گھريلو نوڪراڻين مٿان تشدد جي واقعن مان هڪ ڪيس جو اطلاع اڪبري گيٽ پوليس ٿاڻي کي ڏيندي شڪايت ڪئي وئي ته 16 سالن جي نينگر اختر ۽ سندس 14 سالن جي ڀيڻ عطيه کي سندن بااثر مالڪياڻيءَ فوزيه پاران مبينه طور تي بيرحماڻي تشدد جو نشانو بڻايو ويو آهي. بعد ۾ اختر مناسب علاج ۽ پرگھور نه ٿيڻ سبب زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. جنهن ڪري سندن مالڪياڻيءَ فوزيه مٿان قتل جي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي. واضح رهي ته فوزيه حڪمران پارٽيءَ پاڪستان مسلم ليگ (ن) سان لاڳاپو رکندڙ ايم پي اي جي ڌيءُ آهي.

نيوز لينز پاڪستان کي، 09 سالن جي ڇوڪريءَ (ف) سان ملاقات جو موقعو به مليو جيڪا هاڻي چائلڊ پروٽيڪشن بيورو جي سار سنڀال هيٺ آهي ڇو ته سندس مالڪياڻيءَ مٿس چوريءَ جو الزام هڻي کيس سخت تشدد جو نشانو بڻايو هيو. جنهن گھر اندر ڇوڪريءَ مٿان تشدد ٿيو اتان جي هڪ پاڙيسريءَ پنهنجي سڃاڻپ راز ۾ رکندي مددگار نمبر 1121 تي اهڙو اطلاع ڏنو جنهن بعد چائلڊ پروٽيڪشن بيورو پاران کيس سهائتا مهيا ڪئي وئي. (ف) جا والدين سندس علاج تي ايندڙ خرچ برداشت ڪرڻ جي قابل نه آهن ان ڪري سي پي بيءَ پاران نه صرف ڇوڪريءَ جو طبي ۽ نفيسياتي علاج به ڪرايو پيو وڃي پر ان سان گڏ ئي سندس والدين کي مٿس تشدد ڪرڻ وارن جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ ۾ به مدد مهيا ڪئي پئي وڃي.

چائلڊ پروٽيڪشن بيورو جي چيئرپرسن صبا صادق ٻڌايو ته ”(ف) کي تشدد واري صدمي مان ٻاهر ڪڍڻ به سندن لاءِ اهميت وارو ڪم هيو ۽ سينٽر ۾ موجود نفسياتي معاملن جي ماهر جي مدد سان ئي سندس زندگيءَ کي معمول تي آڻي سگھيا آهيون“.

پاڻ سان پيش آيل وارتا کي ياد ڪندي (ف) نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته ”باجي (گھرمالڪياڻي) هر روز صبح سوير مونکي ننڊ مان جاڳائي وٺندي هئي ۽ مونکي پورو کاڌو به کائڻ لاءِ نه ڏيندي هئي. ٿوري ٿوري ڳالهه تي چماٽون هڻڻ ته سندس عادت هئي پر هڪ ڏينهن هُن هار چوري ڪرڻ جو الزام لڳائي مونکي ڏنڊي سان ايترو ته ماريو جو مان بيهوش ٿي ويس جنهن بعد هن مونکي اسٽور ۾ بند ڪري ڇڏيو ۽ نه کاڌو پئي ڏنائين نه ئي دوائون. ان بعد مونکي ڪا خبر نه آهي ته ڇا ٿيو پر پوءِ ڪو ماڻهو آيو ۽ مونکي اتان ڪڍي هتي پڄايائين“.

نيوز لينز پاڪستان سان پنهنجي تجربي متعلق ويچار ونڊيندي چائلڊ پروٽيڪشن بيورو ۾ ڪم ڪندڙ نفسياتي معاملن جي ماهر رَوا حيدر زيديءَ ٻڌايو ته تشدد جو شڪار ٿيندڙ ٻارن کي صدمي جي اثر مان ڪڍڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي پر مستقل طور تي سندن پرگھور لهندي کين مثبت ماحول مهيا ڪيو وڃي ته ان سان کين صدمي مان ڪڍڻ ۾ گھڻي مدد ملي ٿي. هڪ سوال جو جواب ڏيندي رَوا حيدر زيديءَ چيو ته ”جيڪي ماڻهو ٻارن مٿان تشدد ڪن ٿا اهي بذات خود نفسياتي مريض هوندا آهن ۽ انهن کي به نفيساتي علاج جي اشد ضرورت هوندي آهي“.

چائلڊ پروٽيڪشن بيورو دعويٰ ڪئي آهي ته کين جيئن ئي ڪنهن ٻار مٿان تشدد ٿيڻ جي خبر پوندي آهي ته هو ترت ان ٻار وٽ پهچڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ۽ پوءِ ترجيح ان ڳالهه کي ڏيندا آهن ته پهريان کيس طبي علاج مهيا ڪيو وڃي بعد ۾ کيس نفيساتي مدد مهيا ڪري انکانپوءِ کيس قانوني مدد فراهم ڪئي وڃي.

صبا صادق ٻڌايو ته ”صرف لاهور ۾ قائم چائلڊ پروٽيڪشن بيورو وٽ ننڍي عمر وارين گھريلو ملازمائن مٿان تشدد جا 11 ڪيس داخل ڪرايا ويا آهن، جن مان 09 ڪيس عدالتن ۾ ٻڌڻيءَ هيٺ آهن جڏهن ته ٻن ڪيسن جا چالان عدالتن ڏانهن اماڻجڻ خاطر تيار ٿي چڪا آهن“. صبا صادق اها دعويٰ به ڪئي آهي ته پوري پنجاب صوبي ۾ سال 2015 دوران اهڙي نوعيت جا 23 ۽ 2016 دوران 21 ڪيس سامهون آيا.

چائلڊ پروٽيڪشن بيورو پاران مهيا ڪيل انگن اکرن مٿان تنقيد ڪندي بيريسٽر ميان رحمان عزيز چيو ته ”گذريل ٻن سالن دوران ڪل 73 ڪيسن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي ۽ صرف 11 ڪيس ته لاهور ۾ داخل ٿيا آهن ۽ پوري پنجاب ۾ 44 ڪيس داخل ٿي چڪا آهن. چائلڊ پروٽيڪشن بيورو حڪومت کان جهجها مالي وسيلا حاصل ڪري رهيو آهي ۽ اها سندن ذميواري آهي ته هر هڪ ٻار کي محفوظ ماحول مهيا ڪن بيورو کي گھرجي ته پنهنجي ڪم ۾ وڌيڪ بهتري آڻي“.

هن اها دعويٰ پڻ ڪئي آهي ته اهڙي ڪا ڳالهه سندس ڄاڻ ۾ اڃان تائين ته ناهي آئي جنهن مطابق ننڍي عمر جي ڪنهن هڪ گھريلو ملازمه کي تشدد جو نشانو بڻائيندڙ جوابدار کي سزا ملي هجي. بيريسٽر رحمان عزيز گھريلو ملازمائن مٿان تشدد وارن ڪيسن ۾ جوابدارن کي سزا نه اچڻ جو ذميوار پوليس وارن پاران ڪئي ويندڙ نامناسب جاچ ۽ هن قسم جي ڪيسن ۾ پراسيڪيوشن کاتي جي عملدارن پاران ڏيکاري ويندڙ عدم دلچسپيءَ کي قرار ڏنو آهي.

پنجاب پوليس جي ڊي آءِ جي آپريشن عامر ذوالفقار ان حوالي سان وضاحت ڪندي چيو ته ”اڪثر واقعن کانپوءِ تشدد جو نشانو بڻجندڙ يا سندن وارث ڏوهارين خلاف قانوني ڪارروائي ڪرڻ جا خواهشمند ناهن هوندا ۽ ان حوالي کان ڪيس به داخل ناهن ڪرائڻ چاهيندا.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here