پشاور: خيبرپختونخواه صوبي جي خانگي اسڪولن ۾ تعليم ڏيندڙ استادياڻيون پگھارن جي سلسلي ۾ اسڪول مالڪن پاران صنفي بنيادن تي ڪئي ويندڙ اڻ برابريءَ کي ڀوڳي رهيون آهن. اهي استادياڻيون جيڪي ايندڙ نسلن وچ مان صنفي امتياز جي خاتمي لاءِ پاڻ پتوڙي رهيون آهن اهي هن وقت ته پاڻ ئي صنفي بنيادن واري اڻ برابريءَ جو شڪار بڻيل آهن. خيبرپختونخواه جي پرائيويٽ اسڪولن ۾ پڙهائيندڙ مرد استادن جي ڀيٽ ۾ عورت استادن کي هڪجهڙو ڪم ڪرڻ باوجود گهٽ پگھارون ادا ڪيون پيون وڃن.
21 هين صديءَ ۾ به، پڙهائڻ جي هنر ۾ قابل هجڻ باوجود خانگي اسڪولن جي استادن کي گھٽ پگھار ادا ڪئي وڃي ٿي. گھٽ کان گھٽ پگھار متعلق خيبرپختونخواه صوبي جي 2013 واري قانون جي شق 09 مطابق، غيرهنرمند پورهيت جي ماهوار اجرت به 15 هزار روپيا مقرر ڪئي وئي آهي پر اهڙي قانون باوجود نجي اسڪولن جي استادن جي پگھارن ۾ بهتري اچڻ جي ڪا به پڪ ٿيندي نظر نه ٿي اچي ۽ نجي اسڪولن جي مالڪن پاران پنهنجي استادن لاءِ قانون مطابق مقرر ٿيل اجرت کان به گھڻي گھٽ پگھار مقرر ڪيل آهي.
نجي اسڪولن بابت نگرانيءَ جو ڪو نظام موجود نه هجڻ سبب استادن جي مجبورين جو فائدو وٺندي اسڪول مالڪ جهجهو منافعو ڪمائي رهيا آهن. هڪ عام اندازي مطابق، خانگي اسڪولن جي لڳ ڀڳ 70 سيڪڙو استادن کي 3 هزار روپين کان 15 هزار روپيا ماهوار پگھار ادا ڪئي وڃي ٿي ۽ ان کان علاوه کين ٻي ڪا به سهولت مهيا نه ٿي ڪئي وڃي. جڏهن ته وڏي رتبي وارا اسڪول پنهنجي استادن کي 15 هزارن کان 50 هزار روپين تائين موذون پگهار ادا ڪن ٿا. ٻئي طرف، انتهائي گھٽ اهڙا نيم سرڪاري اسڪول آهن جيڪي صبح توڙي شام واري ڊبل شفٽ نوڪري ڪندڙ استادن کي هڪ لک ويهه هزار روپين تائين معاوضو ادا ڪن ٿا.
خانگي اسڪولن جي ذريعن معلومات ڏني آهي ته، سمورا خانگي اسڪول هر سال شاگردن کان ورتي ويندڙ فيس ۾ اضافو ڪندا رهندا آهن پر ٽيچنگ اسٽاف جون پگھارون وڌائڻ جي سلسلي ۾ انهيءَ اصول جي پوئواري ناهي ڪئي ويندي. ان جي ڀيٽ ۾ سرڪاري اسڪولن لاءِ مقرر ٿيل استادن کي حڪومت پاران صنفي امتياز جو نشانو بڻائڻ کانسواءِ مناسب پگهار ۽ ٻيون مراعتون ڏنيون وينديون آهن. هڪ خانگي اسڪول جي مالڪ سان رابطو ڪيو ويو ته هن اها ڳالهه تسليم ڪندي چيو ته پشاور جي خانگي اسڪولن ۾ مقرر استادن جي پگھارن ۾ صنفي بنيادن تي فرق رکيو ويندو آهي.
خانگي اسڪولن پاران شاگردن کان گرمين جي موڪل وارن مهينن جي به فيس اوڳاڙي ويندي آهي پر ڪجهه خانگي اسڪول ڪوشش ڪندا آهن ته پنهنجي استادن کي ويڪيشن وارن مهينن جي پگھار ادا نه ڪن ۽ ذريعن ان ڳالهه جي به تصديق ڪئي آهي ته گرمين جون موڪلون اچڻ کان اڳ ڪجهه اسڪول پنهنجي استادن کي نوڪرين کان جواب پڻ ڏئي ڇڏيندا آهن. جيئن ئي، جون مهيني کان شروع ٿيندڙ ويڪيشن ويجهي اچڻ واري هوندي آهي ته ڄاڻايل مسئلي جي حل خاطر مقامي حڪومتن کي انهيءَ معاملي جي ڳوڙهي نگراني ڪرڻ گھرجي. اهڙي نوعيت جي معاملن کي ختم ڪرڻ لاءِ خانگي ادارن بابت تعليم ۽ ليبر وارين پاليسين ۾ ضروري ترميمون ڪرڻ جي ضرورت موجود آهي ته جيئن خيبرپختونخواه صوبي اندر خانگي اسڪولن کي رڳو منافعي بخش ڌنڌي طور هلائڻ بجاءِ اخلاقي ذميوارين تي پورو لهڻ جو پابند به ڪري سگھجي.
2010 دوران خيبرپختونخواه اندر قائم اي اين پيءَ جي صوبائي حڪومت وارن ڏينهن ۾ تعليم واري کاتي پاران خانگي اسڪولن کي ريگيولرائيز ڪرڻ بابت پاليسيءَ جو مسودو تيار ڪيو ويو هيو. ان باوجود ڄاڻايل پاليسيءَ مطابق خانگي اسڪولن جو احتساب ڪرڻ متعلق ڪي به قدم کڄي نه سگھيا. انتقامي ڪارروائيءَ جي ڊپ کان پنهنجي شناخت ظاهر نه ڪندڙ استادن جي ذريعن پاران الزام لڳايو ويو آهي ته قانونسازن پاران انهيءَ پاليسيءَ تي ان ڪري عمل نه ڪرايو ويو ڇو ته خانگي اسڪولن ۾ انهن جي به حصيداري ٿيل آهي.
خيبرپختونخواه صوبي جي ايليمينٽري اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن کاتي پاران سال 2014-15 بابت جاري ڪيل هڪ سالياني رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته صوبي ۾ خانگي اسڪولن جو ڪل تعداد 6 هزار 743 آهي جيڪي صوبي جي مختلف ضلعن ۾ ڦهليل آهن جڏهن ته سڀ کان گھڻا خانگي اسڪول پشاور ضلعي ۾ قائم ٿيل آهن. ان کان علاوه سرڪاري کاتي پاران ڪٺي ڪيل معلومات مان اها ڄاڻ به ملي رهي آهي ته، انهن خانگي اسڪولن ۾ ڪل 18 لک ٻار تعليم داخل ٿيل آهن. انهن اسڪولن جي استادن جو ڪل تعداد 85 هزار 325 آهي جن مان 44 هزار 466 عورت استادياڻيون آهن ۽ مرد استادن جو انگ 40 هزار 859 آهي. انهن جي ڀيٽ ۾ خيبرپختونخواه ۾ سرڪاري اسڪولن جو تعداد 27 هزار 506 آهي ۽ انهن ۾ مجموعي طور تي 42 لک ٻار داخل ٿيل آهن. جڏهن ته انهن سرڪاري اسڪولن ۾ هڪ لک، 43 هزار 399 استاد مقرر ٿيل آهن جن مان 92 هزار 243 مرد ۽ 51 هزار 156 عورتون آهن.
هڪ خانگي اسڪول جي پرنسپال پاران نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٽرٿ ٽريڪر کي ٻڌايو ويو ته جيتوڻيڪ مرد توڙي عورت استاد بنان ڪنهن فرق جي ساڳي محنت سان ٻارن کي پڙهائڻ واري ذميواري ادا ڪندا رهن ٿا پر خانگي اسڪولن جي شعبي ۾ استادن کي برابريءَ واري اصول تحت پگهارن جي ادائگي ڪرڻ واري ريت قائم ڪرڻ هڪ ڏکيو معاملو بڻيل آهي. پگھارن کان علاوه ڪيترا ئي استاد نوڪرين تان برطرف ڪرڻ واري طريقي کي به غير مناسب سمجهن ٿا.
استادن جي راءِ آهي ته نوڪريءَ تان برطرف ڪرڻ اسڪول انتظاميا جو صوابديدي حق نه هجڻ گھرجي ۽ ان متعلق ٽياڪڙيءَ واري انداز سان عمل ٿيڻ گھرجي، جڏهن ته پگھارن ۾ اضافي سميت ٻيا حق به ملڻ گھرجن ڇو ته اڪثر ڪري پگھار ۾ اضافي جو مطالبو ڪندڙ استادن کي ئي برطرف ڪيو ويندو آهي. استاد چاهن ٿا ته هڪ نجي اسڪول ۾ سندن مقرريءَ جو ڪانٽريڪٽ سڄي تعليمي سال تي ٻڌل هجي. جڏهن ته کين نوڪريءَ مان صرف هڪ نوٽيس ڏيڻ جي بنياد تي برطرف ڪرڻ واري شق به ختم ٿيڻ گھرجي. خانگي اسڪولن جا اڪثر مالڪ پنهنجي استادن کي ان ڳالهه تي راضي ڪري وٺندا آهن ته تڪرار جي صورت ۾ اهي ليبر کاتي وٽ ڪا به شڪايت جمع نه ڪرائيندا.
خيبرپختونخواه ۾ اهڙن اسڪولن جي شرح بنهه گھٽ آهي جيڪي استادن کي هڪ تعليمي سال جي مدي تائين مقرر رکڻ جي پاليسيءَ تي عمل ڪندا آهن، اهڙي پاليسيءَ جي پوئواري ڪرڻ وارا اسڪول به ان باوجود پگهارن ۾ اضافو ڪرڻ کان بچڻ خاطر استادن کي وقت کان اڳ برطرف ڪري سندن جاءِ تي نوان ماڻهو ڀرتي ڪري ڇڏيندا آهن. نالو ظاهر نه ڪرڻ واري شرط تحت هڪ خانگي اسڪول جي استاد ٻڌايو ته هن جڏهن هڪ سنگين مسئلي بابت پرنسپل سان ڳالهايو ته ان جي جواب ۾ پرنسپل مختصر جواب اهو ڏنو ته توهان سڀاڻي کان اسڪول نه اچجو. ان کان به اڳتي، عورت استادن جي ذريعن ٻڌايو آهي ته ”ڪجهه خانگي اسڪولن جا پرنسپل شاگردن جي سامهون کلئي عام سگريٽ نوشي ڪندا رهندا آهن جڏهن ته پرنسپل شاگردن کي خوفزده ڪرڻ لاءِ اڪثر ڪري سخت ۽ نامناسب ٻوليءَ ۾ ڳالهائيندا رهندا آهن ته جيئن ٻار خوفزده ٿي اسڪول جي ڪا ڳالهه پنهنجي والدين کي به نه ٻڌائين“.
قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي آفيسرن سامهون جڏهن هي معاملا پيش ڪيا ويا ته هڪ آفيسر شناخت ظاهر نه ڪرڻ جي بنياد تي جواب ڏيندي چيو ته ”اهڙي قسم جي مسئلن بابت پڪيون ثابتيون ناهن ملنديون ۽ تحفظ بابت خدشن جي ڪري پوليس اسڪولن مٿان ڇاپا هڻڻ کان به لنوائي ويندي آهي ڇو ته اهڙي ڪارروائيءَ جي صورت ۾ شاگرد خوف ۾ وٺجي ويندا“.
سڀني کي پتو آهي ته گھٽ پگھارن متعلق عوامي شڪايتن جي ازالي بابت ليبر کاتو ئي اها ڌر آهي جيڪو متحرڪ ڪردار ادا ڪري سگھي ٿو. انهيءَ کاتي کي اهي اختيار به حاصل آهن ته ڪاروباري مرڪزن توڙي واپار جي مارڪيٽن مٿان ڇاپا هڻي ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته ڪاروبار ۾ مدد ڪندڙ عملي کي گھٽ کان گھٽ سطح واري اجرت ادا ڪئي پئي وڃي، پر خانگي اسڪولن جي معاملي ۾ اهو کاتو چوندو آهي ته ٻين جي ڀيٽ ۾ اسڪولن مٿان ساڳيا اصول لاڳو نه ٿا ٿين.
ٽرٿ ٽريڪر پاران ڪيل وڌيڪ تحقيق جي نتيجي ۾ اها حيرت ڀري حقيقت به سامهون آئي آهي ته، ليبر کاتي کي خانگي اسڪولن جي معاملن مٿان نظر رکڻ جو قانوني اختيار ڏنو ويو هيو. اهو قانون ابتدائي طور تي اي اين پيءَ جي حڪومت واري دور ۾ لاڳو ڪيو ويو پر اهو اهڙو وقت هيو جو نئين حڪومت اقتدار کي سنڀالڻ لاءِ اچي وئي ۽ ان بعد جيڪو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو ان مان خانگي اسڪولن ۾ گھٽ کان گھٽ اجرت وارن بنيادن تحت پگھار جي ادائيگيءَ واري شق ختم ٿيل هئي. نئون نوٽيفڪيشن صوبائي اسيمبليءَ کي نظر انداز ڪندي جاري ڪيو ويو. قانوني طور تي صوبائي اسيمبليءَ جي منظوري وٺڻ کانسواءِ ليبر کاتي جي قانونن توڙي پاليسين ۾ ڪا به تبديلي نه ٿي ڪري سگھجي نه ئي ان تبديليءَ کي عمل خاطر لاڳو ڪري سگھجي ٿو.
ٽرٿ ٽريڪر پاران ليبر کاتي ۾ موجود پنهنجي ذريعن جي مدد سان اها تصديق به ڪئي وئي آهي ته، ليبر کاتي سان لاڳاپو رکندڙ ڪجهه ڌرين پاران ئي نين ترميمن خلاف پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ هڪ پٽيشن داخل ڪئي وئي آهي ته جيئن خانگي اسڪولن مٿان عملداريءَ جا اختيار برقرار رکي سگھجن. اهو ڪيس اڃان به عدالت جي سماعت هيٺ آهي.
خيبرپختونخواه حڪومت جي ايليمينٽري اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن کاتي جي وزير محمد عاطف جو چوڻ هو ته اها سندن ترجيح آهي ته خانگي اسڪولن کي جلد کان جلد تعليم کاتي جي ماتحتيءَ وارن ضابطن هيٺ آندو وڃي، پر جيستائين عدالتن اندر قانوني ڪارروائي هلندي رهندي تيستائين حڪومت پاران خانگي اسڪولن کي ريگيولرائيز ڪرڻ جي سلسلي ۾ عملي قدم کڻڻ جو ڪو به ارادو نظر نه ٿو اچي جڏهن ته حڪومت خانگي اسڪولن پاران شاگردن کان اوڳاڙي ويندڙ فيس ۽ استادن کي اڻ برابريءَ واري اصول تحت پگھارون ڏيڻ وارن مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ به ناڪام نظر اچي رهي آهي.