اسلام آباد: پاڪستان ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ميڊيا ۽ ميڊيا کي ضابطن مطابق ڪم ڪرڻ جو پابند بنائڻ وارن ادارن جو ڪردار ”فحاشي“ توڙي ”بيحيائي“ جي پسمنظر ۾ ٿيندڙ بحث جي گھيري ۾ آيل آهي. ميڊيا تي هلندڙ شوز ۽ اشتهارن دوران چينلن، پروگرامن جي ميزبانن توڙي مهمانن پاران ڪئي ويندڙ بيحيائيءَ جي نگرانيءَ خاطر ڪاميٽي قائم ڪئي وئي آهي ته جيئن اهڙي عمل ۾ ملوث فردن خلاف ڪارروائي ڪري سگھجي.
اهو معاملو ان وقت اوچتو ڌيان جو مرڪز بڻجي ويو جڏهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس شوڪت عزيز صديقيءَ پاران سينئر صحافيءَ سميت لاڳاپيل سرڪاري ادارن جي عملدارن تي ٻڌل هڪ ڪاميٽي جوڙيندي ٽي وي چينلن تي هلندڙ پروگرامن دوران فحاشيءَ جي سخت مذهبي ضابطن تحت نشاندهي ڪندي ان متعلق سفارشون ڏيڻ جو حڪم ڏنو ويو، عدالت جي جج پاران ڏنل انهيءَ حڪم تي ڪيترا ئي ماڻهو تعجب ۾ ورتل آهن ۽ اهڙا ماڻهو انهيءَ قدم کي انوکو ۽ عجيب تصور ڪري رهيا آهن.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج ”ٽي وي چينلن تان نشر ٿيندڙ پروگرامن ۽ فحش مواد جو جائزو وٺڻ“ بابت ڪاميٽي 17 مارچ واري ڏهاڙي قائم ڪئي. پيمرا ۽ سڌسماءَ واري وفاقي وزارت متعلق ٻن مختلف پٽيشنن جي گڏيل ٻڌڻي ڪندي جسٽس صديقيءَ پاران اها ڪاميٽي قائم ڪئي وئي. اهو حڪم سماجي رابطن واري ميڊيا ۾ توهين مذهب ۽ فحاشيءَ متعلق ڪيسن جي ٻڌڻيءَ دوران ڏنو ويو. سماجي رابطن واري ميڊيا تي ايندڙ توهين مذهب بابت مواد جي ٻڌڻي ڪندي عدالت هڪ شهريءَ پاران 2013 ۾ فحاشيءَ بابت داخل ڪرايل پٽيشن کي به ٻڌڻ جو فيصلو ڪيو اها پٽيشن ڪيتري وقت فائلن ۾ دٻيل پئي هئي. اها پٽيشن ٽي وي چينلن تي نشر ٿيندڙ فحش مواد متعلق هئي.
اطلاع مليا آهن ته ٻڌڻيءَ دوران هڪ موقعي تي اهي رمارڪس به ڏنا ويا ته ”فحش مواد ڀلي ته ڪٿان به ايندو هجي، چاهي اهو سعودي عرب مان ايندو هجي، ترڪيءَ يا ڀارت مان اسانکي ان جي ڪا به ضرورت نه آهي. ان حوالي سان هڪ سوچيل سمجهيل ارادي تحت ملڪ جي نوجوانن کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، غير سرڪاري ادارا پاڪستان اندر جنسي ڇڙواڳيءَ کي هٿي وٺرائڻ جي همت افزائي ڪري رهيا آهن“.
عدالت پاران جوڙيل ڪاميٽيءَ ۾ سڌ سماءَ واري وزارت جي سيڪريٽري، پيمرا چيئرمين، ڊائريڪٽر جنرل (ٽيڪنيڪل) پيمرا، هڪ ايڊيشنل اٽارني جنرل آف پاڪستان ۽ سينئر صحافي انصار عباسيءَ کي شامل ڪيو ويو. ڪاميٽي قائم ڪرڻ بابت جاري ٿيل نوٽيفڪيشن ٽرٿ ٽريڪر وٽ موجود آهي، جنهن ۾ لکيل آهي ته ”پيمرا (اليڪٽرانڪ ميڊيا مٿان ضابطو رکڻ وارو ادارو) ۾ ڪيترائي جوڳا قدم کنيا آهن پر فحاشيءَ ۽ اگھاڙپ جي سڀ کان وڏي تشويشناڪ معاملي متعلق تڪڙا قدم کڻڻ جي ضرورت آهي ڇاڪاڻ ته اهي برايون معاشري، خاص ڪري ملڪ جي نوجوانن جي تباهيءَ جو سبب بڻجي رهيون آهن“.
انهيءَ نوٽيفڪيشن ۾ وڌيڪ لکيل آهي ته ”پيمرا پاران اڳواٽ ئي اها نشاندهي ڪئي وئي آهي ته هڪ ٽي وي چينل تي هلندڙ مارننگ شو جو مواد طئي ٿيل ضابطه اخلاق مطابق نه آهي، ان ڪري عدالت مناسب سمجهي ٿي ته مختلف ٽي وي شوز (خاص ڪري مارننگ شوز)، ڊرامن ۽ اشتهارن جي مواد جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪاميٽي قائم ڪئي وڃي ۽ اها ڪاميٽي ان حوالي سان رپورٽ پيش ڪندي ته ٽي وي پروگرامن جو مواد اسلامي جمهوريه پاڪستان جي آئين خاص ڪري شق نمبر 19، ٽي وي چينلن لاءِ تيار ڪيل ضابطه اخلاق ۽ ٽي وي چينلن کي جن شرطن تي لائسنس ڏنا وڃن ٿا انهن سان مطابقت رکندڙ آهي يا نه“. ڪاميٽي پنهنجي رپورٽ تيار ڪندي ٽي وي پروگرامن دوران ڄاڻايل ضابطن جي ڀڃڪڙين جي نشاندهي ڪندي ذميوار قرار ڏنل چينلن، ميزبانن، مهمانن ۽ وغيره لاءِ سزائن جي سفارش پڻ ڪندي. عدالت پاران اها هدايت به ڪئي وئي آهي ته ڪاميٽي جيڪا رپورٽ ڏيندي ان ۾ اهي انگ اکر به ضرور ڏنا ويندا ته ڄاڻايل سلسلي ۾ مختلف چينلن پاران ڪيترا ڀيرا ڀڃڪڙي ڪئي وئي ۽ پيمرا پاران ڪهڙن سببن جي ڪري انهن خلاف ڪارروائي نه ڪئي وئي.
1973 واري پاڪستاني آئين جي شق 19 ۾ چيل آهي ته ”هر هڪ شهريءَ کي تقرير توڙي راءِ جو اظهار ڪرڻ جي آزادي حاصل رهندي، ۽ پريس (ميڊيا) کي آزادي حاصل هوندي ان صورت ۾ ته اسلام جي عظمت يا بقا، پاڪستان جي دفاع ۽ تحفظ، يا ٻين ملڪن سان دوستاڻن لاڳاپن جي ڪنهن به معاملي تي اثر انداز ٿيڻ، عوامي نظم ۽ ضبط، شرافت ۽ اخلاقيات، يا توهين عدالت سان لاڳاپو رکندڙ يا ڪنهن ڏوهه تي ڀڙڪائڻ جي سلسلي ۾ قانون تحت ڪا پابندي لاڳو ٿيل نه هوندي“.
ويجهڙائيءَ ۾ ٿيل اڳڀراين تحت، صوبائي عدالت لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ٽي وي چينلن تان خبرون پڙهندڙ ۽ پروگرامن جي ميزباني ڪندڙ عورتن لاءِ رئي سان مٿو ڍڪڻ کي لازمي قرار ڏيارڻ متعلق هڪ پٽيشن پڻ داخل ٿي آهي. عدالت پيمرا کي هدايت ڪئي آهي ته شهريءَ جي انهيءَ نجي مطالبي کي مناسب انداز سان ٻڌو وڃي. ان کان اڳ، فوجي آمر جنرل ضياءُ الحق جي حڪمرانيءَ وارن وقتن دوران 1980 ڌاري پي ٽي ويءَ تان خبرون پڙهندڙ، ڳالهه ٻولهه جا پروگرام ڪندڙ ۽ پروگرامن ۾ شرڪت ڪندڙ اداڪار عورتن لاءِ رئي سان مٿو ڍڪي رکڻ لازمي قرار ڏنل هيو.
هڪ ٻي اڳڀرائيءَ تحت، پيمرا پاران موسيقيءَ جي هڪ نجي ٽي وي چينل کي ”انتهائي اعتراض جوڳو“ ”بيهودو“ ۽ غيراخلاقي“ وڊيو گانو نشر ڪرڻ سبب نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي. ڄاڻايل ٽيليويزن چينل پاران لڳ ڀڳ مڪمل اگھاڙپ وارو اهو گانو 02 اپريل واري ڏهاڙي نشر ڪيو ويو، جنهن متعلق بعد ۾ پيمرا پاران سرڪاري سطح تي پڌرائي جاري ڪندي انهيءَ گاني کي معاشرتي، ثقافتي ۽ سماجي قدرن جي ابتڙ قرار ڏنو ويو. جڏهن ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران جوڙيل ڪاميٽيءَ جي ميمبر صحافي انصار عباسيءَ پاران انهيءَ وڊيو گاني بابت لکيل ڪالم جو نوٽيس وٺندي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان طرفان به پيمرا کي هدايت ڪئي وئي ته انهيءَ معاملي جو سنجيدگيءَ سان جائزو ورتو وڃي. ان بعد چينل کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو.
صحافي انصار عباسيءَ ٽرٿ ٽريڪر سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته ”سياسي معاملن بابت مختلف ٽاڪ شوز دوران نفرت انگيز مواد بابت ته اسان کي قدم کڄندي نظر اچي رهيا آهن پر ٽي وي چينلن جي ڊرامن ۽ اشتهارن وسيلي ڏيکاري ويندڙ بيحيائي ۽ فحاشيءَ خلاف نه هجڻ جيترا قدم کنيا پيا وڃن. ان حوالي سان حدون اورانگهڻ وارو عمل اڃان به جاري آهي ۽ سماج لاءِ اهو وڏي ڳڻتيءَ جو سبب بڻيل آهي“. هن اهو پڻ چيو ته ”ٽي وي چينلن تان نشر ٿيندڙ مواد ۾ اهڙيون ڪيتريون ڳالهيون شامل آهن جيڪي اسان جي مذهبي روايتن توڙي سماجي قدرن مٿان سڌو حملو هونديون آهن پر پيمرا اهڙين ڳالهين خلاف ڪارروائي ڪرڻ ۾ ناڪام ثابت ٿيندو رهيو آهي“.
انصار عباسيءَ جو چوڻ هو ته کيس جنهن ڪاميٽيءَ جو ميمبر بڻايو ويو آهي اها ڪا انتهائي سگھاري نه آهي کين ته صرف هڪ رپورٽ تيار ڪري جمع ڪرائڻي آهي جنهن ۾ اهي صلاحون ڏنل هونديون ته هن صورتحال کي ڪهڙيءَ ريت ضابطي هيٺ آڻي سگھجي ٿو“. انصار عباسي اهو به محسوس ڪري ٿو ته جيتوڻيڪ ابتدائي حڪم تحت عدالت نگراني ڪرڻ تي زور ڏنو آهي پر ان ننڍڙي ڪاميٽيءَ لاءِ هڪ سو کان وڌيڪ چينلن جي نگراني ڪرڻ لڳ ڀڳ ناممڪن ڪم آهي. قانوني طور تي اهڙو ڪم سرانجام ڏيڻ جي ذميواري پيمرا مٿان آهي.
هڪ چينل تان لڳ ڀڳ مڪمل اگھاڙپ وارو وڊيو گانو نشر ٿيڻ، لزبين ڪردارن واري هڪ ڊرامي، اڌ اگھاڙي ڊانس ڪندڙ ڇوڪريءَ وارو موبائل فون بابت اشتهار ۽ ويجهڙائيءَ ۾ هلندڙ هڪ اشتهار جنهن ۾ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون گڏجي ڪرڪيٽ کيڏي رهيا آهن ۽ هڪ ڇوڪري بال کي ڌڪ هڻي ٿي ته اهو فيلڊنگ ڪندڙ هڪ ڇوڪري جي نازڪ عضوي تي اچي لڳي ٿو، اهڙي ٽي وي مواد جا حوالا ڏيندي انصار عباسيءَ چيو ته ”پاڪستان جا قانون ۽ ٽي وي نشريات کي ضابطي ۾ رکندڙ ادارن جا اصول فحاشيءَ بابت واضح آهن ۽ انهن جي وڌيڪ وضاحت ڪرڻ متعلق پارليامينٽ سڀني کان بالادست ادارو آهي ۽ انهيءَ اداري کي ئي وڌيڪ ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي“.
هن افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ان حوالي کان قانون کي لاڳو نه ٿو ڪيو وڃي. هن اهو پڻ چيو ته، اليڪٽرانڪ ميڊيا مٿان ايڊيٽوريل نگرانيءَ جو ڪو به انتظام ٿيل نه آهي جڏهن ته اليڪٽرانڪ مواد جي جي نگرانيءَ ۽ شڪايتن جي ازالي متعلق محتسب جي انداز سان عمل ڪرڻ جي ڪا به روايت قائم نه ٿي سگھي آهي.
انصار عباسيءَ جو خيال آهي ته ”مٿي تان رئو هٽائڻ کي هو فحاشي نه ٿو سمجهي. جنهن مواد کي توهان گھرڀاتين سان گڏ ويهي ڏسي نه سگھو اهو فحاشي آهي. اسان کي گھرجي ته ڪجهه حدون مقرر ڪري وٺئون ڇاڪاڻ ته هي اسانجو معاشرو آهي ۽ ان ۾ اسانجا ٻارڙا به شامل آهن. سماجن ۾ لبرل ازم ۽ سيڪيولرازم جون به ڪي حدون آهن ۽ اسانجا معاشرتي قدر اوڀر جي ڀيٽ ۾ گھڻا مختلف آهن. هن آئين جي شق نمبر 31 تي زور ڀريندي چيو ته ”انهيءَ شق ۾”زندگي اسلامي طريقي مطابق گذارڻ“ لاءِ پاڪستان جي مسلمانن کي انفرادي توڙي اجتماعي سطح تي ان لائق بڻائڻ وارا قدم کڻڻ جي هدايت ٿيل آهي جن وسيلي هو پنهنجي حياتي گذارڻ واري انداز کي اسلام جي ابتدائي تصور ۽ بنيادي تعليمات واري مطابقت ڏئي سگھن“.
جڏهن ته هن بحث جي ٻي ڌر ”فحاشيءَ“ بابت مهم مٿان تنقيد ڪندي ان کي ”اخلاقي پوليسنگ“ قرار ڏئي ٿي ۽ اصرار ڪري رهي آهي ته فحاشيءَ کي سمجهدار نقطه نظر سان پرکيو ويندو ته اهو هر ماڻهوءَ جو انفرادي مسئلو آهي. تعليمي ماهر، ميڊيائي تاريخ جي ڄاڻوءَ ۽ سڀ کان وڏي صوبي پنجاب ۾ پيمرا جي شڪايتن واري سيل جي چيئرمين ڊاڪٽر مهدي حسن جي راءِ آهي ته ”سماجن اندر فحاشيءَ جي تشريح ڪرڻ 03 سو سال پراڻو معاملو آهي. سندس راءِ مطابق فحاشيءَ جي ڪا به واضح وصف نه آهي ڇاڪاڻ ته اهو هر ماڻهوءَ جو انفرادي مسئلو آهي. ڪجهه ڳالهيون ڪجهه ماڻهن لاءِ فحش ٿي سگھن ٿيون پر اهي ساڳيون ڳالهيون ٻين لاءِ فحش ناهن هونديون“.
تازو ئي هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان جي چيئرمين طور چونڊجي آيل ڊاڪٽر مهدي حسن جو چوڻ هو ته ”قانونن ۽ ضابطن ۾ ان معاملي جي وضاحت ٿيل آهي پر حقيقت ۾ اهو معاملو ايڊيٽوريل بورڊن ۽ ميڊيا هائوسز اندر محافظ وارو ڪردار ادا ڪرڻ وارن جو آهي ۽ هو سمجهي ٿو ته اهڙو ڪردار ادا نه پيو ٿئي. اها ٽي وي چينلن جي ذميواري آهي ته اخلاقي اعتبار واري پوليسنگ جو نشانو بڻجڻ بجاءِ اهي مواد جي محافظن ۽ ايڊيٽوريل بورڊن جي ڪردار کي قائم ڪن“.
ڊاڪٽر مهدي حسن پيمرا ۽ ان جهڙن ادارن کي ٽي وي چينلن کي ضابطي هيٺ آڻي ڀڃڪڙيون ڪندڙن مٿان ڏنڊ وجهڻ توڙي سزائون ڏيڻ وارا اختيار ڏيڻ متعلق بحث ڪندي پنهنجي راءِ ڏني آهي ته ”ايڊيٽوريل بورڊن جي سربراهن ۽ مواد تي نظر رکندڙ ٽي وي چينلن جي ذميوار فردن جي ئي اها ذميواري هجڻ گھرجي ته اهي اعتراض جوڳي مواد تي ڪرڙي نظر رکن ۽ ان کي روڪين“. ڊاڪٽر مهدي حسن زور ڀريندي چيو ته ٽي وي چينل تان ڪهڙو پروگرام نشر ڪرڻ گھرجي سماج اندر تعليم جي سطح جي مطابقت سان اها ڪٿ ڪرڻ هڪٻئي کان مختلف به ٿي سگھي ٿي. هن جو موقف آهي ته هڪ ڊرامي ۾ لزبين معاملي کي اجاگر ڪرڻ ڪنهن به ريت فحاشي نه آهي پر اها معاشري جي سڌريل هجڻ جي سطح متعلق ڳالهه آهي.
ڪالم نگار ۽ انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ ماروي سرمد پاران پنهنجي تازي ڪالم ۾ لکيو ويو آهي ته ”قانونساز پاران فحش مواد جي نشاندهي ڪرڻ ۽ ان جي وضاحت ڪرڻ متعلق ”فحاشيءَ“ جي مناسب وضاحت ڪرڻ کانسواءِ هڪ ڪاميٽي قائم ڪرڻ اهڙو عمل آهي جنهن جهڙو مثال اڳ ڪڏهن به ڏسڻ ۾ ناهي آيو. ڪاميٽيءَ ۾ ڪجهه نجي ماڻهو به شامل آهن، جيڪي عورتن ۽ سندن نمايان رهڻ واري حوالي کان پنهنجي سخت گير سوچ جي مناسبت کان پهريان ئي مشهور آهن.
ميڊيا براڊ ڪاسٽرز يا ڪيبل ٽيليويزن آپريٽرز لاءِ 2010 ۽ 2015 ۾ ترتيب ڏنل ضابطه اخلاق ان حوالي کان انتهائي واضح آهي ته ڄاڻايل چينل اهڙو ڪو به اشتهار نشر نه ڪندا جيڪو ڪنهن به ريت ملڪ جي قانون سان ٽڪراءَ ۾ ايندڙ هجي ۽ اهو اشتهار اخلاقيات، شرافت ۽ پاڪستان جي مذهبي نظرين جي برخلاف هجي.
اليڪٽرانڪ مواد بابت ضابطه اخلاق مطابق ٽي وي چينل اهڙو ڪو به ڊرامو يا شو نشر نه ڪري سگھندا جن ۾ اگھاڙپ، فحاشي يا غيرمهذب يا ايئن کڻي چئجي عوامي اخلاق ۾ بگاڙ، بدعنواني يا خرابي آڻڻ وارا عنصر يا پاڪستان جي اسلامي تشخص توڙي اسلامي قدرن جي منافي مواد شامل هوندو. اهڙي قسم جو پهريون ضابطه اخلاق 2002 دوران ئي لاڳو ٿي چڪو هيو.
آگسٽ 2012 ۾ سپريم ڪورٽ جي حڪم تحت پيمرا پاران فحاشيءَ جي وصف مقرر ڪرڻ بابت صلاحون وٺڻ وارو ڪم شروع ڪيو هيو. انهيءَ قدم کي هڪ اهڙو تڪراري ضابطه اخلاق ۽ عملداريءَ جو پروانو سمجهيو پيو وڃي جيڪو لکين ماڻهن مٿان لاڳو ٿيل آهي.