عوامي ڀلائيءَ ۽ سٺي انتظامي عملداريءَ جي راهه ۾ ايندڙ سمورين رڪاوٽن جي خاتمي لاءِ شهباز شريف جي سربراهيءَ ۾ قائم ٿيڻ واري پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي پنجاب صوبي ۾ حڪومت پاران اعلان ڪيو ويو هيو ته عوامي معاملن کي اڪلائڻ لاءِ سٺي انتظامي عملداريءَ کي هٿي وٺرائيندي ان تي سختيءَ سان عمل ڪيو ويندو.
پاڪستان مسلم ليگ (ن) پنجاب صوبي ۾ اقتدار حاصل ڪندي ئي ان عزم جو اظهار ڪيو هو ته سٺي انتظامي عملداريءَ تي عمل ڪندي قابليت جي بنياد تي آفيسرن جون بدليون ۽ مقرريون ڪيون وينديون، انتظامي معاملن ۾ شفافيت آندي ويندي، ترقياتي فنڊن جي ورڇ منصفاڻي انداز سان ڪئي ويندي، سرڪاري آفيسن تائين عوام کي آسان پهچ مهيا ڪئي ويندي، سرڪاري خرچن جو اجايو استعمال روڪيو ويندو ۽ شڪايتن جو ازالو بغير ڪنهن دير جي ڪيو ويندو.
بدقسمتيءَ سان جيئن جيئن وقت گذرڻ لڳو حڪومت پاران جيڪي قدم ان سلسلي ۾ کنيا ويا اهي سمورا هڪ هڪ ٿي ناڪاميءَ جي وَرِ چڙهندا رهيا ۽ عوام سمورن معاملن ۾ ماضيءَ جي روايتي انتظامي عملداريءَ کي ئي هڪ ڀيرو ٻيهر منهن ڏيڻ تي مجبور ٿي پيو.
ٽرٿ ٽريڪر پاران سِول سيڪريٽريٽ مان حاصل ڪيل دستاويزن مان ڄاڻ حاصل ٿي آهي ته، اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ پهرين ڏهاڙي ئي پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صوبائي حڪومت آفيسرن جون بدليون ۽ مقرريون ڪندي 18 گريڊ جي جونيئر آفيسر کي هڪ کاتي جو انتظامي سيڪريٽري ۽ 17 گريڊ جي هڪ آفيسر کي ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن آفيسر (ڊي سي او) مقرر ڪندي سٺي انتظامي عملداريءَ جي پنهنجين دعوائن جي ئي ڀڃڪڙي ڪئي.
لاڳاپيل ڌرين جي خدشن ۽ اعتراضن باوجود سينئر گريڊ جي عهدن تي جونيئر آفيسرن کي مقرر ڪرڻ واري پاليسيءَ تي هاڻي به عمل ٿيندو رهي پيو. اهو ئي سبب آهي ته، پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس (انهيءَ گروپ کي پهريان ڊسٽرڪٽ مئنيجمينٽ گروپ-ڊي ايم جي طور ڄاتو سڃاتو ويندو هيو) سينيئر گريڊ جا ڪيترائي آفيسر تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پاڻ کان گھٽ گريڊ وارن جونيئر آفيسرن جي ماتحتيءَ ۾ ڪم ڪري رهيا آهن.
ترقياتي فنڊ شفاف ۽ برابريءَ واري انداز سان مقرر ڪرڻ ۽ استعمال ڪرڻ واري نقطي متعلق ڏکڻ پنجاب سان تعلق رکندڙ چونڊيل نمائندا صوبائي اسيمبليءَ ۾ مستقل طور تي سوال اٿاريندا رهن ٿا ۽ اهو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪندا رهن ٿا ته شهرن کي ترقي وٺائڻ جي سلسلي طور صرف لاهور کي ئي اهميت ڇو پئي ڏني وڃي. ٽرٿ ٽريڪر پاران حاصل ڪيل دستاويزن مان معلوم ٿيو آهي ته، پنجاب حڪومت پاران خاص ڪري ڏاکڻين ضلعن جي صحت ۽ تعليم وارن شعبن جي ترقياتي رٿائن جا فنڊ اتي خرچ ڪرڻ بجاءِ اورنج لائين ميٽرو ٽرين واري منصوبي کي مڪمل ڪرڻ لاءِ منتقل ڪيا ويا آهن.
صوبائي حڪومت پاران عوامي شڪايتن جي ٻڌڻي ڪرڻ توڙي مسئلن کي ترت حل ڪرڻ جي مقصد سان کليل ڪچهريون يا عوامي عدالتون لڳائڻ واري روايت به شروع ڪئي وئي. عام ماڻهن جي شڪايتن ۽ سندن مسئلن کي ٿڏي تي حل ڪرڻ خاطر اهي کليل ڪچهريون صوبي جي وڏي وزير کان وٺي گريڊ 17 جي آفيسرن کي منعقد ڪرڻيون هيون. دستاويزن مان پتو پيو آهي ته، حڪومت جي انهيءَ قدم تي عمل ستت ئي اڳتي وڌي نه سگھيو ڇو ته سيڪيورٽي خدشن کي نظر ۾ رکندي وزيراعليٰ پاران کليل ڪچهريون منعقد ڪرڻ مٿان پابندي لڳائي وئي.
حڪومت پاران اهو واعدو به ڪيو ويو هيو ته صوبائي حڪومت جي سمورن مالياتي معاملن ۾ سخت ضابطا به لاڳو ڪيا ويندا، پر حقيقت ان جي ابتڙ ئي آهي. ان جي چٽائي پنجاب حڪومت پاران بجيٽ خرچن متعلق جاري ڪيل اڇي چٺي مان ان ريت ٿي رهي آهي ته، مالي سال 2015-16 دوران واڌو گرانٽ جي مد ۾ لڳ ڀڳ 150 ارب روپيا رکيا ويا جڏهن ته مالي سال 2014-15 ۾ سپليمينٽري گرانٽ جو ڪاٿو 42.9 ارب روپيا هيو.
ماهرن پاران سپليمينٽري گرانٽس ۾ اضافي مٿان تنقيد ڪندي چيو ويو آهي ته اهڙن خرچن ۾ واڌ خراب رٿابندي، مالياتي ضابطن جي ڪمزور هجڻ، بجيٽ جي تياريءَ وقت خراب انتظامي عملداريءَ جي هجڻ ۽ ترجيحن کي درست انداز سان طئي نه ڪري سگھڻ جي نتيجي ۾ ٿي آهي. ٽرٿ ٽريڪر وٽ موجود پنجاب بورڊ آف انويسٽمينٽ اينڊ ٽريڊ (پي آءِ بي ٽي) جي مالي سال 2013-14 واري آڊٽ رپورٽ جي هڪ پيرا جيڪا صوبائي اسيمبليءَ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽيءَ کي اماڻي وئي آهي ان ۾ ڄاڻايل اداري جي فنڊن ۾ 12.4 ملين روپين جي بيقاعدگيءَ کي سڌارڻ جي نشاندهي ڪئي وئي آهي.
انهيءَ آڊٽ اعتراض ۾ چيو ويو آهي ته، پنجاب جي وزيراعليٰ پاران چين جي دوري خاطر بورڊ جي انهيءَ رقم کي غيرقانوني انداز سان استعمال ڪيو ويو. احتساب ۽ شفافيت قائم رکڻ جي اصولن کان بي خوف ٿي ڪهڙيءَ ريت عوامي وسيلا استعمال ڪيا پيا وڃن ۽ حڪومت پاران مالياتي ضابطو قائم ڪرڻ جي دعوائن ۾ ڪيتري صداقت آهي انهيءَ پسمنظر ۾ اهو هڪڙو مثال ئي ڪافي آهي.
خزاني واري کاتي پاران جاري ڪيل هڪ نوٽيفڪيش مطابق، حڪومت پاران جاري خرچن توڙي ترقياتي خرچن واري بجيٽ مان نيون ۽ ٻاهرين ملڪن مان ايندڙ گاڏيون وٺڻ تي پابندي مڙهڻ سان گڏ غيرملڪي دورن دوران سرڪاري وفدن جي هوٽلن ۾ رهائش تي به پابندي وڌي وئي. ان فيصلي تحت صوبائي سرڪار جا صرف اهي عملدار هوٽل ۾ رهائش اختيار ڪري سگھن ٿا جن لاءِ اهڙو بندوبست اڻٽر هجي ۽ ان جي منظوري وزيراعليٰ پاران ڏني وئي هجي. ان کان علاوه آفيسن جي اندروني آرائش، نيون آفيسون قائم ڪرڻ، آفيسن لاءِ فرنيچر ۽ ٻئي سامان توڙي مشينري ۽ اوزارن جي خريداريءَ کي به روڪيو ويو.
ٽرٿ ٽريڪر پاران حاصل ڪيل دستاويز مان معلوم ٿيو آهي ته، سرڪاري خرچن بابت سخت ڪفايت شعاريءَ واري پاليسي لاڳو هجڻ باوجود پنجاب حڪومت صوبائي اسيمبليءَ جي نئين تعمير ٿيل اجلاس واري هال جي اندروني سجاوٽ لاءِ برما مان 14 هزار في اسڪوائر فوٽ جي حساب سان ساڳوان جو قيمتي ڪاٺ امپورٽ ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. ساڳين ئي دستاويزن مان اهو پتو پڻ پئجي رهيو آهي ته، خزاني واري کاتي پاران مقرر ڪيل اگھن مطابق ساڳوان جي ڪاٺ جو في چورس فوٽ خريدڻ جو اگھ 5200 روپيا مقرر ٿيل آهي، انهيءَ اگھ تحت ڪاٺ جي خريداري ممڪن نه هئي، پر فيصلا سازن ڪاٺ جي خريداريءَ لاءِ نئين اگھ جي منظوري ڏيڻ به مناسب نه سمجهيو.
دستاويزن وسيلي معلوم ٿيو آهي ته، پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله جي سربراهيءَ ۾ قائم ڪاميٽيءَ پاران نون اگھن تحت ٺيڪيدار کي ساڳوان جو ڪاٺ امپورٽ ڪرڻ جي اجازت ڏيندي اها راءِ پڻ ڏني ته معيار تي سودي بازي ڪرڻ کانسواءِ هال جي اندروني سجاوٽ خاطر محدود وسيلا خرچ ڪيا ويندا.
ٻئي طرف صورتحال اها آهي ته قصور ضلعي سان تعلق رکندڙ 60 سالن جي ٻڍڙي عورت زهريٰ بيبي جناح اسپتال لاهور جي فرش تي ليٽيل حالت ۾ فوت ٿي وئي ڇو ته اسپتال جي انتظاميا پاران کيس علاج لاءِ بستري جي سهولت به مهيا نه ٿي سگھي. 14 هزار في اسڪوائر فوٽ جي حساب سان برما کان ساڳوان جو قيمتي ڪاٺ خريدڻ ۽ علاج خاطر اسپتال ۾ بسترو ميسر نه ٿي سگھڻ واري حالت ۾ هڪ ٻڍڙيءَ جو فوت ٿي وڃڻ ٻه اهڙا واقعا آهن جيڪي پنجاب صوبي ۾ بهترين انتظامي عملداريءَ جي حقيقي تصوير پيش ڪن ٿا.
پنجاب يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل پروفيسر منور صابر جو چوڻ هو ته ”عام ماڻهن کي اسپتالن اندر بسترو به ميسر نه هجڻ جو مطلب اهو آهي ته ڪا به انتظامي عملداري آهي ئي ڪو نه“. پروفيسر منور صابر وڌيڪ چيو ته ”سٺي انتظامي عملداريءَ ۾ وڌ کان وڌ فائدا (سماجي ۽ معاشي) گھڻن ماڻهن تائين ڦهلايا ويندا آهن، پر پنجاب ۾ حڪومت جا انتظام ته کِل جوڳا آهن، سٺي عملداريءَ جو فائدو ته بااثرن جا دوست ۽ مٽ مائٽ ئي ماڻي رهيا آهن.
فوتي عورت جي وارثن کي صوبائي حڪومت پاران امدادي رقم جو چيڪ ڏيڻ سان ڪنهن به ريت بهترين انتظامي عملداري قائم ڪري نه ٿي سگھجي، بجاءِ ايئن ڪرڻ جي جيڪڏهن سهولتن جي اڻ هوند سبب ماڻهن جي مرڻ واري عمل کي روڪڻ جو بندوبست ڪيو وڃي ته سٺي انتظامي عملداري قائم ٿي سگھي ٿي“.
هڪ ٻئي دستاويز جي مدد سان مليل تفصيلن مطابق، پنجاب حڪومت پاران صوبائي اسيمبليءَ جي نئين عمارت جي پيڙهه وارو پٿر جنوري 2005 ۾ رکيو ويو ۽ رٿابندي تحت ان جو اڏاوتي ڪم 2.52 ارب روپين جي لاڳت سان سيپٽمبر 2007 ۾ مڪمل ٿيڻو هيو. عمارت جي اڏاوتي ڪم کي مڪمل ٿيڻ ۾ 09 سالن جي دير ٿي وئي جنهن ڪري منصوبي جي لاڳت وڌي 3.5 ارب روپيا ٿي وئي. هاڻي طئي ڪيو ويو آهي ته نئين عمارت هن سال جون مهيني ۾ کولي ويندي. جڏهن ته حڪومت اها رٿابندي ڪري رهي آهي ته نئين مالي سال 2017-18 (ايندڙ چونڊن جي تياريءَ وارو سال) جي بجيٽ وارو اجلاس انهيءَ نئين عمارت ۾ منعقد ڪيو وڃي.
صوبائي اسيمبليءَ جي موجوده عمارت 1935 ۾ جڙي راس ٿي هئي جنهن ۾ 58 ميمبرن جي ويهڻ جي گنجائش هئي، پر انهيءَ عمارت ۾ 1999 تائين 240 ميمبرن جي ويهڻ واري گنجائش پيدا ڪئي وئي. 2002 ۾ سياسي عمل بحال ٿيڻ کانپوءِ جڏهن پنجاب اسيمبليءَ جي تڪن جو انگ وڌي 371 ٿي ويو ته ان بعد ئي صوبائي حڪومت پاران 500 سيٽن جي گنجائش واري نئين عمارت اڏڻ جو فيصلو ڪيو ويو، انهيءَ عمارت ۾ مهمانن جي ويهڻ لاءِ 600 سيٽن واريون گيلريون ۽ اسيمبليءَ جي ڪارروائيءَ بابت خبرون ڏيندڙ 300 صحافين جي ويهڻ جي به گنجائش رکي وئي آهي. اسيمبليءَ جي پراڻي عمارت کي 1974 واري اسلامي سربراهي ڪانفرنس منعقد ٿيڻ واري تاريخي پسمنظر تحت قومي ورثي طور محفوظ رکيو ويندو.
پاڻمرادي بهترين انتطامي عملداريءَ وارين دعوائن جي موجودگيءَ ۾ عوامي وسيلن کي لگزري اسمن تي خرچ ڪرڻ صوبي جي غريب عوام جي حقن جي توهين ڪرڻ ۽ سندن آواز کي دٻائڻ جي برابر آهي.
سماجي سائنس جي هڪ شاگرد محمد عرفان جو چوڻ هو ته، موجوده حڪمرانن لاءِ سٺي انتظامي عملداري اولين ترجيح نه آهي ڇاڪاڻ ته حڪمران صوبي تي اهڙيءَ ريت حڪومت ڪري رهيا آهن ڄڻ ته هو ڪا نجي ڪمپني هلائي رهيا آهن. سٺي انتظام ڪاريءَ لاءِ ڏاهپ جي ضرورت هوندي آهي جيڪا هنن حڪمران وٽ نه آهي.
تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران جي سياسي صلاحڪار اعجاز چوڌريءَ چيو ته، پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي حڪومت پاران ترجيحن جي جيڪا فهرست جوڙي وئي آهي عام ماڻهو ان ۾ شامل نه آهي اهو ئي سبب آهي ته عام ماڻهن جي ڀلائيءَ خاطر تعليم، صحت، گندگيءَ جي خاتمي، روزگار ڏيڻ وارن منصوبن متعلق ڪي به قدم نه پيا کنيا وڃن. جيڪڏهن توهان ميگا ترقياتي منصوبن ميٽرو ٽرين منصوبي کي ڏسندئو ته اهي گھٽ خرچ وارا منصوبا نه آهن جڏهن ته انهن جو فائدو صوبي جي تمام ٿورن ماڻهن کي پهچندو.
اعجاز چوڌريءَ اهو پڻ چيو ته ”سرڪاري شعبي اندر ڪرپشن ۾ اضافو ٿيو آهي ڇو ته شاگردن کي ليپ ٽاپ ڏيڻ واري اسڪيم، آشيانه هائوسنگ اسڪيم، سستي روٽي ۽ ميٽرو بس جهڙن وڏن منصوبن ۾ ڪرپشن به ميگا سطح جي ٿي آهي ۽ عوام پاران انهن منصوبن تي سخت تنقيد ڪئي وئي آهي. جونيئر آفيسرن کي سينيئر عهدن تي مقرر ڪرڻ سان به سرڪاري نظام کي برباد ڪيو ويو آهي، ڏوهن جي شرح تمام گھڻي وڌي وئي آهي ڇاڪاڻ ته پوليس کي سياسي ڪمن لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي“.
ٽرٿ ٽريڪر پاران پنجاب حڪومت جي ترجمان ملڪ محمد احمد ۽ صوبائي وزير زعيم قادريءَ سان ڪيترائي ڀيرا رابطو ڪري سندن موقف حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر هو رابطي ۾ اچڻ کان پاسو ڪندا رهيا.