ڪوئيٽا: بلوچستان ۾ آباد هزارين افغاني شاگردن پاران واپس پنهنجي ملڪ افغانستان وڃڻ سبب پناهه گيرن لاءِ قائم ڪيل ڪيترائي اسڪول ۽ ڪاليج بند ٿيڻ لڳا آهن.
صوبي جي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ تعليم پرائيندڙ افغاني شاگرد ڊگري مڪمل ڪرڻ کانسواءِ ئي واپس پنهنجي ملڪ روانا ٿيڻ لڳا آهن ۽ ڊگريءَ بجاءِ صرف پنهنجا سرٽيفڪيٽ واپس وٺڻ جو مطالبو ڪندا رهن ٿا. هو اهڙيون سندون پڻ حاصل ڪرڻ چاهين ٿا جيڪي اهو ثابت ڪن ته هو پاڪستان ۾ تعليم پرائيندا رهيا آهن ته جيئن افغانستان پهچي پنهنجو تعليمي سلسلو جاري رکي سگھن.
بلوچستان ۾ قائم ڪيل افعاني پرائيويٽ اسڪولن جي ايسوسيئيشن جي ميمبر ۽ ڪوئيٽا جي احمد شاهه بابا هاءِ اسڪول جي پرنسيپال قاري نقيب الله نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو آهي ته صوبي ۾ قائم ٿيل 98 اسڪولن ۽ 32 ڪاليجن ۾ 44 هزار افغاني شاگرد تعليم پرائي رهيا هئا. قاري نقيب الله پاران ڏنل اهي انگ اکر افغاني اسڪولن جي ايسوسيئيشن پاران ڪٺا ڪيا ويا آهن.
قاري نقيب الله وڌيڪ ٻڌايو ته بلوچستان ۾ قائم اهي افغاني اسڪول ۽ ڪاليج ڌڙا ڌڙ بند ٿي رهيا آهن ڇو ته انهن تعليمي اداران جا 50 سيڪڙو شاگرد پناهه گيرن خلاف قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران ڪيل ڪريڪ ڊائون سبب افعانستان روانا ٿي چڪا آهن.
هن جو چوڻ هو ته، حڪومت پاران پناهه گيرن جي چُرپر تي هاڻي سخت پابنديون لڳايون ويون آهن ۽ انهيءَ مقصد خاطر قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار سندن وسندين جي مسلسل جاچ ڪندا رهن ٿا، جنهن ڪري پناهه گير پوليس جي اهڙي سختيءَ سبب حراسجي ويا آهن ۽ اهڙي خوف واري صورتحال ۾ شاگرد اسڪولن ۽ ڪاليجن ڏانهن نه ٿا وڃي سگھن.
نقيب الله جو چوڻ هو ته، پاڪستاني ادارن جي اهڙي سختيءَ سبب ئي افغاني استادن ۽ شاگردن وڌيڪ هتي رهڻ بجاءِ اهو مناسب سمجهي ورتو آهي ته هتي پڙهڻ ۽ پڙهائڻ بجاءِ هو واپس پنهنجي ملڪ هليا وڃن. هن جي راءِ هئي ته، شاگردن لاءِ اهو ماحول مسئلن جو سبب بڻجي رهيو آهي تڙ تڪڙ ۾ وطن وڃڻ جي ڪري سندن هڪ تعليمي سال ضايع ٿي رهيو آهي. بلوچستان ۾ تعليمي سال مارچ کان شروع ٿيندو آهي جڏهن ته افغانستان ۾ تعليمي سال عام طور تي نومبر جي پڇاڙيءَ ۾ شروع ٿيندو آهي. ان جو سڌو مطلب اهو ئي نڪري ٿو ته هتي پڙهندڙ شاگرد يا ته نومبر کان اڳ تعليم ڇڏي رهيا آهن يا هڪ سال پوئتي ٿي رهيا آهن ۽ افغانستان ۾ نئون تعليمي سال شروع ٿيڻ کان اڳ کين داخلا به نه ملي سگھندي.
جيتوڻيڪ افغان پناهه گيرن لاءِ پاڪستان ۾ قيام ڪرڻ واري مدي جي تاريخ ۾ گذريل مهينن دوران ڪيترائي ڀيرا واڌ ڪئي وئي آهي پر ٻن پاڙيسري ملڪن جا لاڳاپا الزامن ۽ نون تڪرارن سبب بگڙجي وڃڻ کانپوءِ پاڪستاني حڪومت افغان پناهه گيرن لاءِ سختيون وڌائي ڇڏيون آهن. پاڪستان ۽ افغانستان هڪٻئي مٿان دهشتگردن جي مدد ڪرڻ ۽ هڪٻئي جي سرحدن اندر امن امان خراب ڪرڻ جا الزام هڻندا رهيا آهن.
پشاور جي آرمي پبلڪ اسڪول مٿان ڊسمبر 2014 ۾ ٿيل حملي ۾ 147 شاگردن جي شهادت واري واقعي کانپوءِ پاڪستاني حڪومت 20 نقطن واري قومي ايڪشن پلان تحت اهو فيصلو ڪري ورتو ته هاڻي افغان پناهه گيرن کي جيترو جلد ممڪن ٿي سگھندو واپس سندن ملڪ اماڻيو ويندو.
پاڪستان جي اختيارين کي اهو يقين آهي ته افغاني نسل جا دهشتگرد پاڪستان اندر آباد افعان پناهه گيرن جي وسندين ۾ پناهه وٺي دهشتگرداڻيون ڪارروايون ڪن ٿا. پشاور جي آرمي پبلڪ اسڪول واري حملي ۾ ملوث ماسٽر مائينڊ جو تعلق تحريڪ طالبان افغانستان سان ثابت ٿي وڃڻ کانپوءِ پاڪستان مٿان اهو الزام به لڳايو ويو ته افغان طالبان پاڪستان اندر موجود آهن جن جي مدد سان پاڪستان، افغانستان جون حالتون خراب ڪرائي رهيو آهي.
پاڪستان ۾ افغان پناهه گيرن جي آمد 80 واري ڏهاڪي ۾ سوويت فوجن جي افغانستان ۾ آمد کانپوءِ شروع ٿي. گذريل ٽن ڏهاڪن دوران پاڪستان جي خيبرپختونخواه ۽ بلوچستان صوبن ۽ بندرگاهه واري شهر ڪراچيءَ ۾ پاڪستان 40 لک کان وڌيڪ پناهه گيرن جي ميزبانيءَ جو بار برداشت ڪيو.
پناهه گيرن بابت گڏيل قومن جي اداري يو اين ايڇ سي آر پاران ترتيب ڏنل ”حقيقتن واري دستاويز“ مطابق پاڪستان دنيا جو اهو واحد ملڪ آهي جنهن سڀ کان گھڻن پناهه گيرن کي 27 سالن تي ڦهليل تمام ڊگھي وقت تائين پناهه ڏني. جيتوڻيڪ پاڪستان پناهه گيرن متعلق گڏيل قومن جي1951 واري عهدنامي يا 1967 وارن ضابطن جو پابند نه آهي پر پاڪستان پاران عام انداز سان عالمي اصولن جي پوئواري ڪندي پناهه گيرن کي پناهه ڏني وئي. انهيءَ دستاويز ۾ اهو پڻ چيل آهي ته مارچ 2002 کان لڳ ڀڳ 41 لک افغاني يو اين ايڇ سي آر جي سهڪار سان واپس پنهنجي ملڪ روانا ٿي چڪا آهن، ان باوجود 14 لک 50 هزار رجسٽرڊ افغاني پناهه گير اڃان به پاڪستان ۾ موجود آهن.
نقيب الله ٻڌايو ته، پاڪستان مان لڏپلاڻ ڪري وڃڻ بعد هزارين افغاني نوجوان افغانستان ۾ ويڙهه واري صورتحال ۽ ٻين مسئلن سبب وڏي وقت تائين اسڪولن ۾ تعليم پرائڻ کان محروم رهجي وڃن ٿا. اسڪول وڃڻ واري عمر جي هڪ نوجوان کي تعليم ڏيڻ مکيه مسئلو بڻيل آهي. پاڪستان ڪيترن ئي سالن تائين پناهه گير ٻارن کي اها اجازت ڏيندو رهيو ته اهي مقامي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ داخل ٿي تعليم پرائين. ان سان گڏ خيبرپختونخواه ۽ بلوچستان صوبن ۾ پناهه گير ٻارن لاءِ افغانين کي سون جي تعداد ۾ نجي اسڪول ۽ ڪاليج کولڻ جي اجازت به ڏني وئي.
مارچ 2017 ۾ پاڪستاني حڪومت افعان پناهه گيرن جي واپسيءَ متعلق حتمي ڊيڊ لائين جو اعلان ڪري چڪي آهي ۽ حڪومت پاران اهڙا قدم به کنيا ويا جن وسيلي سندن واپسيءَ واري عمل کي تيز ڪيو وڃي جنهن ڪري نوجوان شاگرد پنهنجي اباڻي وطن ۾ تعليمي مستقبل بابت فڪرمند ٿي پيا.
ڪوئيٽا جي احمد شاهه بابا اسڪول ۾ تعليم پرائيندڙ 14 سالن جي هڪ شاگرد ارسلان خان جو چوڻ هو ته ”پيدائشي اعتبار کان هو پاڪستاني آهي پر سندس والدين وٽ اهڙي شهريت جا ڪي به دستاويز نه هجڻ سبب هن جو پيءُ پوليس هٿان گرفتار ٿيڻ جي خوف کان پاڪستان ڇڏڻ جو فيصلو ڪري چڪو آهي. هو ته اهو ئي سمجهندو آهي ته پاڪستان سندس ملڪ آهي ۽ هن لاءِ ته اها ڳالهه ڏاڍي ڏک ڏيندڙ آهي ته کيس پنهنجو اسڪول، شهر ۽ ملڪ ڇڏڻو پوندو. افغانستان ۾ ويڙهه جاري هجڻ سبب کيس پنهنجو مستقبل اتي بهتر نظر نه ٿو اچي. هو سمجهي ٿو ته جيڪڏهن افغانستان ويو ته اتي سندس خواب بي موت مري ويندا.
بلوچستان يونيورسٽي آف انفارميشن ٽيڪنالاجي، انجنيئرنگ اينڊ مئنيجمينٽ سائنسز (بي يو آءِ ٽي اِي ايم ايس) جي شاگرد ميرواعظ افغان جو چوڻ هو ته، پناهه گيرن بابت عالمي قانون مطابق افغاني شاگردن کي به پاڪستاني شاگردن جهڙا ئي حق حاصل آهن، پر گذريل ٻن سالن دوران کين پنهنجي هم ڪلاسين ۽ اسڪولن جي استادن پاران به امتيازي سلوڪ جو نشانو بڻايو وڃي ٿو.
ميرواعظ جو چوڻ هو ته هاڻي مکيه سرڪاري ۽ نجي يونيورسٽين، ڪاليجن ۽ اسڪولن ۾ افغاني ٻارن جي داخلا تي سختيون ڪيون ويون آهن. افغاني شاگرد کي هي نقلي نالو ”ميرواعظ“ ان ڪري ڏنو ويو آهي ته جيئن هن پاران ڏنل معلومات سبب کيس ڪنهن به قسم جو ڪو ڇيهو نه رسي.
هڪ افغاني شاگرد جي پيءُ مقبول احمد 1985 واري وقت ۾ افغانستان مان لڏپلاڻ ڪري اچي ڪوئيٽا جا وڻ وسايا. هن هتي تعليم حاصل ڪئي ۽ پوءِ استادي پيشي سان لاڳاپجي ويو. ڪوئيٽا ۾ رهڻ دوران هن هڪ پاڪستاني عورت سان شادي ڪئي جنهن مان کيس اولاد پڻ ٿيو.
مقبول جو چوڻ هو ته افعانستان ۾ نه سندس ڪو گھر آهي نه ئي روزگار جو ڪو وسيلو. کيس لڳي ٿو ته هو اتي به پناهه گير ئي ٿي رهندا. سندس ٻارن کي تعليم جي ضرورت آهي. گھرو جنگ سبب افغانين جو هڪ نسل ته تعليم حاصل ڪرڻ کان محروم رهيو، ٻيو نسل دهشگرديءَ خلاف جنگ جي ڪري مشڪلاتن ۾ آهي ۽ ٽئين نسل جي تعليم وطن واپسيءَ سبب خراب ٿي ويندي.
ڪوئيٽا ۾ آباد افعاني شاگردن جي يونين جي هڪ ميمبر بشير خان جو چوڻ هو ته قانوني بندشن جي سختيءَ ۽ خوف سبب پناهه گير افغاني شاگرد اهم سرڪاري ۽ نجي تعليمي ادارن ۾ تعليمي سرگرميون جاري نه پيا رکي سگھن. ٻئي طرف افعانستان جو تعليمي نظام ان قابل ئي ناهي ٿي سگھيو ته پناهه گير شاگردن جي هڪ تمام وڏي انگ خاطر تعليمي سهولتون مهيا ڪري سگھي. ان ڪري پاڪستاني حڪومت کي اهڙي اجازت ڏيڻ گھرجي ته افغاني شاگرد تعليم مڪمل ٿيڻ تائين هتي رهي سگھن.
بشير خان جو چوڻ هو ته جيڪي افعاني نوجوان هتي تعليم پوري ڪرڻ بعد واپس پنهنجي وطن ويا آهن انهن کي سرڪاري ادارن ۾ سٺن عهدن تي نوڪري حاصل ٿي رهي آهي ۽ افغانستان جي نئين سر تعمير واري ڪم ۾ اهي نوجوان اهميت وارو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن اهي نوجوان به تعليم اڌ ۾ ڇڏي وڃن ها ته انهن جي ڪري افغانستان جي مستقبل مٿان منفي اثر پون ها.
آڪٽوبر 2016 ۾ پاڪستان پاران افغانستان جي نئين سر تعمير ۾ مدد ڏيڻ خاطر وڌيڪ 500 ملين ڊالر ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو جڏهن ته ان کان اڳ به پاڪستان طرفان افغانستان جي تعليم، صحت ۽ بنيادي ڍانچي کي ترقي وٺرائڻ خاطر 5 سو ملين ڊالر ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو هيو. اهڙي امداد وسيلي ڪابل ۾ 4 سو بسترن واري اسپتال تعمير ٿيڻي هئي ۽ 2 هزار کان وڌيڪ افعاني شاگردن کي اعليٰ تعليم لاءِ اسڪالرشپ ڏيڻي ڪئي وئي.
انهيءَ هوندي به بلوچستان ۾ موجود افغاني شاگردن جو چوڻ آهي ته، ڊسمبر 2014 ۾ آرمي پبلڪ اسڪول پشاور مٿان ٿيل حملي کانپوءِ افعانين خلاف سوشل ميڊيا تي هلندڙ نفرت ۽ تعصب واري مهم سبب عدم برداشت ۽ متڀيد تي ٻڌل ماحول پيدا ٿي پيو آهي.
مير واعظ جو چوڻ هو ته سوشل ميڊيا استعمال ڪرڻ وارا افغاني پناهه گيرن کي آرمي پبلڪ اسڪول حملي ۽ دهشتگرديءَ جي ٻين واقعن جو ذميوار قرار ڏين ٿا. جنهن جي ڪري عام ماڻهن اڳيان سندن شبيهه ۽ تاثر منفي انداز سان سامهون اچڻ لڳو آهي. بلوچستان جا ماڻهو به هاڻي کين شڪ جي نظر سان ڏسڻ لڳا آهن ۽ هنن سان عدم برداشت وارو رويو اختيار ڪيو پيو وڃي.