ڪوئيٽا (حزب الله خان وٽان) ملڪ جي ٻين حصن جيان، بلوچستان جي ”ترقي پسند“ يا کاٻي ڌر واري سياست ۽ رواجن ۾ به اهي خاصيتون موجود آهن جن آڌار دنيا سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي اڳتي وڌڻ، عالمگيريت ۽ سرمايه دارانه قدرن کي نه چاهيندي به پسي سگهجي ٿو.
اهي ڪيفي ۽ چانهن جا هوٽل جتي ڪڏهن کاٻي ڌر ڏانهن جهڪاءُ رکندڙ مقامي سياستدانن، سرگرم ڪارڪنن، دانشورن ۽ عام ماڻهن جو سماجي مسئلن تي ٿيندڙ بحث گونجندو رهندو هو اتي هاڻي سرمائيدارانه نظام جا ننڍا مرڪز جن ۾ بئنڪون، ڪاروباري مرڪز ۽ دڪان شامل آهن، کلي ويا آهن. کاٻي ڌر وارا جهڙيءَ ريت انقلاب جي تبليغ ڪندا رهندا هئا اهو هاڻي بس ترجمو ٿيل ادب جي صورت ۾ ادبي ڪتابن جي دڪانن تائين محدود رهجي ويو آهي.
ڊگري ڪاليج ڪوئيٽا ۾ پشتو ٻوليءَ جو مضمون پڙهائيندڙ حميد خان نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته محڪوميت جي ڦهلاوَ، قبائليت ازم، وسيلن جي اڻ برابريءَ واري ورهاست، بنيادي حقن جي خلاف ورزين ۽ ويڙهه واري ماحول جي ڪري بلوچستان ۾ انقلاب بابت ادبي مواد پڙهڻ جو رجحان عروج حاصل ڪندو رهيو آهي.
حميد خان جو چوڻ هو ته، انقلابي ادب ۽ سڌاري ڏانهن ماڻهن جو اجتماعي جهڪاءُ ان ڪري وڌي ويو ڇو ته ماڻهو جن تڪليفن کي منهن ڏيندا رهن ٿا، کين يقين ٿي چڪو آهي ته انهن تڪليفن جا ذميوار سرمائيدار ۽ وڏا سياستدان آهن ۽ ماڻهن جي خواهش آهي ته سماج کي انهن جي جڪڙ ۾ آزاد ڪرائڻ ضروري آهي. ان جي ڀيٽ ۾ پنجاب ۽ سنڌ جي انهن علائقن ۾ جتي ماڻهو ڪنهن قدر سٺي زندگي گذاري رهيا آهن ۽ کين ٿورن مسئلن کي برداشت ڪرڻو پوي ٿو اتان جا ماڻهو انقلابي ادب نه ٿا پڙهن.
سماجيات جي ماهرن جو چوڻ آهي ته، خوشحال معاشرن جي ڀيٽ ۾ جتي ماڻهن کي بنهه محدود مسئلن کي برداشت ڪرڻو پوندو آهي تن جي ڀيٽ ۾ انهن سماجن جا ماڻهو جيڪي سنگين مسئلن کي ڀوڳڻ تي مجبور هوندا آهن انهن ۾ پنهنجي حالتن کي سمجهڻ خاطر سياسي شعور ۽ آگاهي وڌي ويندي آهي.
حميد خان جي راءِ هئي ته، اِهو ئي اُهو نقطو آهي جنهن ڪري ملڪ جي ٻين علائقن جي ماڻهن جي ڀيٽ ۾ بلوچستان جي عوام ۾ سياسي شعور وڌيڪ ڦهلجي ويو آهي. هن جو چوڻ هو ته، اهي سياسي اڳواڻ جن جي وسيلن ۽ معلومات جي ذريعن مٿان هڪ هٽي قائم آهي اهي سياسي معاملن بابت کليل بحث هاڻي برداشت ئي نه ٿا ڪري سگھن. ڇاڪاڻ ته انقلابي ادب پڙهڻ وارن کي سياسي معاملن کان علاوه سماجي ۽ عالمي معاملن جي به ايتري ڄاڻ آهي جو اهي فرق به ڪري سگھن ٿا ته مقامي ۽ عالمي سياست ڪهڙيءَ ريت سندن زندگين تي اثرانداز ٿي رهي آهي.
حميد خان پنهنجو تجزيو جاري رکندي ٻڌايو ته سياسي اڳواڻ برداري ازم واري سياست جي سهاري اختيار حاصل ڪري يا خريد ڪري وٺن ٿا، اهي عوامي خدمت ڪرڻ واري سياست لاءِ گھربل وقت يا صبر کان عاري هجن ٿا. سياسي سماجي مسئلن متعلق کليل بحث ڪرڻ کان هو ان ڪري لنوائي رهيا آهن ڇو ته کين اهو خدشو هجي ٿو ته ان جي نتيجي ۾ هو پنهنجي رتبي ۽ اختيارن کان محروم نه ٿي وڃن.
حميد خان ٻڌايو ته، انقلابي مواد وارا ڪتاب اسڪولن، ڪاليجن توڙي يونيورسٽين جي لائبريرين ۾ موجود نه آهن صرف ۽ صرف ڪتابن جي دڪانن تان ئي ملي سگھن ٿا، لائبريرين ۾ ڪتاب رکڻ جي اجازت سياسي پارٽين جي قيادت ڏئي ٿي. ان صورت ۾ اهڙا ڪتاب جيڪي مقامي، قومي يا عالمي معاملن متعلق سندن ڪردار متعلق سوالن کي جنم ڏيڻ جو سبب بڻجي سگھن ٿا اهڙن ڪتابن کي تعليمي ادارن جي لائبريرين ۾ رکڻ جي اجازت هو ڪيئن ڏيندا.
جنهن نوعيت جو انقلابي ادب پڙهيو پيو وڃي اهڙي مواد تائين پهچ مشڪل هجڻ باوجود بلوچستان جي يونيورسٽين جا ڪيترائي شاگرد پنهنجي ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي وارين ڊگرين تحت تحقيق ڪرڻ لاءِ انقلابي موضوعن جي چونڊ ڪري رهيا آهن.
حميد خان جو چوڻ هو ته ٻئي پاسي صورتحال اها آهي ته سماجيات جا ڪارڪن ۽ کاٻي ڌر وارا ڪتاب لکي انهن وسيلي جديد دنيا جي قدرن ۽ ترقي پسند ادب جي تشريح نئين سِر ڪري رهيا آهن. اهڙي قسم جا رهنما ۽ مفڪر پنهنجا مخزن به جاري ڪري رهيا آهن جن ۾ مضمون لکي هو سماج ۽ ماڻهن کي شعور ڏيڻ ۽ سماجي سڌارا آڻڻ وارو ڪم ڪري رهيا آهن.
انٽرنيشنل مارڪسسٽ ٽينڊينسي بلوچستان جي نوجوانن واري ونگ جي سيڪريٽري ولي ناصَر جو چوڻ هو ته ماڻهن جي انهن طبقن جن جو استحصال اوچي رتبي وارن سياستدانن ۽ صنعتڪارن پاران ڪيو ويندو آهي اهي ئي انقلابي ادب وارا ڪتاب پڙهندا آهن، محروميت ۽ استحصالي عنصرن جي خاتمي لاءِ انهيءَ قسم جا ڪتاب ئي اهميت وارو ڪردار ادا ڪندا آهن ڇاڪاڻ ته انقلابي نظريا ئي ماڻهن جي مسئلن جو سائنسي انداز وارو حل مهيا ڪري سگھندا آهن.
ولي ناصر وڌيڪ چيو ته، بلوچستان جهڙي صوبي، جتي قومپرستاڻي سياست زور پڪڙي وئي آهي، اتان جي سياسي ڪارڪنن، شاگردن ۽ کاٻي ڌر وارين تنظيمن جي ڪارڪنن ۾ انقلابي ادب پڙهڻ جو رجحان تمام گھڻو آهي. انهن تنظيم جا ڪارڪن يونيورسٽين، ڪاليجن ۽ پنهنجي تنظيمن جي آفيسن ۾ اسٽڊي سرڪلز جو بندوبست ڪن ٿا ته جيئن اهڙي ادب کي بحث هيٺ آڻيندي پنهنجي محڪوم ماڻهن جي مسئلن جو حل ڳولي سگھجن.
هڪ اهڙي ئي سياسي ڪارڪن جنهن جو تعلق بلوچستان جي هڪ قومپرست پارٽيءَ سان آهي، جو چوڻ هو ته مجموعي طور تي قوم کي اهڙي ادب مان ڪو به فائدو هن مهل تائين ناهي رسيو. قومون پنهنجي ادبي پياس پنهنجي ضرورتن ۽ ماحول آڌار سماجي ترقيءَ جي خواهش مطابق اُجهائينديون آهن.
انهيءَ سياسي ڪارڪن جو چوڻ هو ته، پاڪستان ۾ اهڙي انقلابي ادب وسيلي فائدا ماڻي نه سگھڻ جو سبب اهو آهي ڇو ته ٻيا معاشرا جڏهن اهڙي ادب کي پنهنجو ڪندا آهن ته اهي پنهنجي اندروني صورتحال، ثقافت، رواجن ۽ عقيدن ۾ به انقلاب آڻي وجهندا آهن، اسان پنهنجي سماج اندر اهڙي ڪا به تبديلي آڻڻ جي ڪوشش ئي ناهي ڪئي.
وڏا وڏا نظريا بس ڪاغذن تي سٺا لڳي رهيا آهن پر جڏهن انهن تي عمل ڪرڻ جي ڳالهه اچي ٿي ته عمل ناممڪن بڻجي پوي ٿو ڇو ته هڪ فرد کي انهيءَ سلسلي ۾ ڪيترين ئي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي وڃي ٿو ۽ حالتون انقلابي تبديليءَ لاءِ سازگار نه ٿيون رهن.
ڪوئيٽا ۾ ڪتابن جي هڪ دڪان جي مالڪ ۽ پبلشر ضعيم بخاريءَ جو چوڻ هو ته افغانستان ۾ جڏهن انقلاب آيو ته ان جي بدلي هتي انقلابي ادب جي ڪتابن پڙهڻ واري رجحان ۾ به اضافو آيو. افغان انقلاب جي خاتمي بعد اهو رجحان به آخرڪار گھٽجي ختم ٿي ويو. ان بعد جيئن ئي هن خطي ۾ ويڙهه ۽ بغاوتن جو ماحول پيدا ٿيو آهي ته انقلابي ادب وارو رجحان ٻيهر موٽي آيو آهي.
انقلابي ادب تي ٻڌل ترجمو ٿيل ڪتاب پڙهڻ واري رجحان جو انحصار سياسي ۽ سماجي حالتن تي هوندو آهي. اهي حالتون جڏهن پرسڪون هونديون آهن ته هي رجحان به هوريان هوريان گھٽجي ويندو آهي پر صورتحال جڏهن به ڀڙڪو کائيندي آهي ته انهيءَ رجحان ۾ به اضافو اچي ويندو آهي.
هن ٻڌايو ته پنجاب جي ڀيٽ ۾ بلوچستان اندر انقلابي مواد وارا ڪتاب پڙهڻ جو رجحان تمام گھڻو آهي پر اسان وٽ سٺا ترجمي نگار موجود نه آهن.
ضعيم بخاريءَ ٻڌايو ته، بلوچستان جي دانشور ڊاڪٽر شاهه محمد مريءَ مائوزي تنگ جي ”سرخ ڪتاب“ جو بلوچيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي، جڏهن ته ٻين ليکڪن ولاديميئر لينن جي ڪتابن کي به ترجمو ڪيو آهي. مفڪر ۽ ليکڪ ڪتابن جو مقامي ٻولين ۾ ترجمو انهن جي اصلوڪي ٻوليءَ مان ڪرڻ بجاءِ گھڻو ڪري اردوءَ مان ڪن ٿا ۽ اردو ترجمو گھڻي ڀاڱي پنجاب ۾ ٿئي ٿو.
ڪوئيٽا ۾ ڪتابن جي هڪ وڏي دڪان ”گوشه ادب“ ۾ ملي ويل يوسف خان چيو ته ترجمو ٿيل ڪتابن جو وڪرو ٻين ڪتابن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ٿئي ٿو ڇاڪاڻ ته تمام گھڻا پڙهندڙ ترجمو ٿيل انقلابي مواد کي پسند ڪن ٿا.
هن اهو پڻ چيو ته، اسان هڪ مهيني ۾ اهڙا ترجمو ٿيل 6 کان 7 سو ڪتاب وڪرو ڪيون ٿا. ڪتاب خريد ڪري پڙهڻ وارن جي هڪ وڏي اڪثريت ۾ شاگردن ۽ قومپرست سياسي پارٽين جو تناسب وڌيڪ آهي.
ايم فل جي هڪ شاگرد ۽ ترجمو ٿيل ڪتاب پڙهڻ جي هڪ شوقين عطاءُ الرحمان جي راءِ هئي ته، شاگرد انهيءَ قسم جا ڪتاب پڙهڻ کي ڇو پسند ڪن ٿا، انهيءَ جو هڪ سبب اهو به آهي ته اهي اڪثر ڪري اردو ميڊيم اسڪولن ۾ پڙهندڙ هجن ٿا ۽ انهن مان تمام گھٽ شاگردن کي انگريزي زبان تي مهارت حاصل هجي ٿي. ترجمو ٿيل ڪتابن جو هڪڙو وڏو فائدو اهو به ٿئي ٿو ته مختلف لساني گروهن جي ماڻهن کي ڄاڻ سندن مادري زبان ۾ ملي وڃي ٿي.
جيتوڻيڪ لسانيات جا ماهر مادري زبان ۾ ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي حمايت ڪندا رهيا آهن ڇو ته انهيءَ طريقي سان شاگرد معلومات کي آسانيءَ سان سمجهي ۽ ڄاڻي سگھندا آهن. جيڪي ماڻهو ڌارين ٻولين ۾ لکيل ڪتاب پڙهن ٿا اهي معلومات جو بنهه ننڍڙو حصو ئي سمجهي سگھندا آهن.
جڏهن ته سماجيات جي ماهر ۽ ليکڪ اسلم ترين جو چوڻ هو ته، انقلابي ادب مقامي نوعيت جي ثقافت ۽ نفسيات سان تضاد به پيدا ڪري وجهي ٿو. هو جيئن ته هڪ مذهبي سماج ۾ زندگي گذاري رهيا آهن ۽ انقلابي ادب وري سيڪيولرازم کي به هٿي وٺرائڻ جو درس ڏيندو رهندو آهي. ان ڪري ٽڪراءَ جو خطرو رهي ٿو.