پشاور (شيراز اڪبر وٽان) پشاور جي ڊاڪٽرن ۽ ٿانوَ ٺاهيندڙ ڪاريگرن جو چوڻ آهي ته ”ميلامائن“ نالي پلاسٽڪ جي مختلف قسمن مان تيار ٿيندڙ اهي ٿانوَ جيڪي بورچيخاني ۾ استعمال ڪيا ويندا آهن اهي گردي جي پٿريءَ جو سبب بڻجن ٿا جڏهن ته انهن جو لاڳاپو ڪينسر جهڙي موذي مرض سان به جڙي وڃي ٿو.
خيبر ٽيچنگ اسپتال پشاور جي نيفرالاجي شعبي جي رجسٽرار ڊاڪٽر آصف اظهار جو چوڻ آهي ته يوريا فارمل ڊي هائيڊ جي ملاوٽ واري ميلامائن پلاسٽڪ گردن ۾ جمع ٿيڻ جي ڪري گردن جي عارضي جو سبب بڻجندي آهي ۽ ان جي استعمال جي ڪري گردن ۾ پٿري ٿي پوندي آهي.
ميلامائن پلاسٽڪ مان تيار ٿيندڙ ٿانوَ وڪرو ڪندڙ دڪاندارن ٻڌايو ته، ٿانوَ ٺاهيندڙ اڪثر ڪاريگر اها دعويٰ ڪندا آهن ته هنن پنهنجا ٿانوَ خالص ميلامائن مان تيار ڪيا آهن. جڏهن ته مارڪيٽ ۾ گھڻي ڀاڱي اهي ٿانوَ ئي وڪري لاءِ دستياب آهن جيڪي ملاوٽي ميلامائن مان تيار ٿيل آهن، جنهن ۾ مختلف ڌاتن جن ۾ ٽاڪسڪ شامل آهي، جي ملاوٽ ٿيل آهي يا اهي ٿانو ڪن ٻين ڌاتن مان تيار ٿيل آهن ۽ انهن مٿان ميلامائن جو سنهو تهه چڙهيل هجي ٿو.
ميلامائن پلاسٽڪ مان ٿانوَ تيار ڪندڙ ڪارخاني جي مالڪ سعد خان نيوزلينز پاڪستان کي ٻڌايو ته جعلي قسم جي ميلامائن کي يوريا فارمل ڊي هائيڊ (CH2O) ۽ ميلامائن جي مرڪبن کي گڏائي تيار ڪيو ويندو آهي، جيڪا صحت لاءِ موذون نه آهي.
آمريڪا ۾ قائم نيشنل ڪينسر انسٽيٽيوٽ (اين سي آءِ) پاران فارمل ڊي هائيڊ جي وضاحت هن طرح سان ڪئي وئي آهي ته اهو بي رنگ، باهه پڪڙي وٺندڙ، تيز بوءِ وارو ڪيميائي جُز آهي جيڪو عمارتن جي اڏاوتي سامان ۽ ٻين گھريلو قسم جي شين ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي. اهو عام طور تي صنعتي نوعيت جي ”سينوَر، جيوڙن ۽ ڪيڙن“ کي ختم ڪرڻ لاءِ مرڪب طور استعمال ڪيو ويندو آهي. جڏهن ته اهو ڌاتو لاش رکڻ وارن سردخانن ۽ ميڊيڪل ليبارٽرين ۾ مرڪبن کي گھڻي وقت تائين محفوظ رکڻ خاطر به استعمال ڪيو وڃي ٿو.
نيشنل ڪينسر انسٽيٽيوٽ جي ”فارمل ڊي هائيڊ سان جڙيل ڪينسر جي خطرن“ بابت حقيقتن تي ٻڌل دستاويز مطابق، 1980 ۾ ليبارٽرين متعلق ٿيل تحقيق جي نتيجن مان ظاهر ٿيو هيو ته فارمل ڊي هائيڊ ڪُوئن ۾ نڪ جي ڪينسر جو سبب بڻيو. 1987 ۾ آمريڪا جي ماحولياتي تحفظ واري اداري (اِي پي اي) پاران فارمل ڊي هائيڊ جي درجه بندي ڪندي واضح ڪيو ويو هيو ته ان ڌاتوءَ کي جيڪڏهن گھڻي وقت تائين استعمال ڪيو ويندو ته اهو انساني حياتياتي تنتن ۾ ڪينسر پيدا ڪرڻ جو سبب بڻجي سگھي ٿو.
ڪينسر متعلق تحقيق ڪرڻ واري عالمي اداري (آءِ اي آر سي) پاران به ان ڌاتوءَ کي ان درجي بنديءَ ۾ شامل ڪيو ويو جيڪو ڪينسر جو مرض ٿيڻ جو سبب بڻجي ٿو. ميلامائن مان ٿانوَ تيار ڪندڙ ڪارخاني جي مالڪ سعد خان وڌيڪ ٻڌايو ته ميلامائن جي ڀيٽ ۾ يوريا فارمل ڊي هائيڊ مان تيار ٿيل ٿانون ۾ ڳار (رِجي پوڻ) جو رجحان جلدي پيدا ٿي پوي ٿو. 70 ڊگري سينٽي گريڊ جي تپش وارو گرم کاڌو يا پاڻياٺ جڏهن انهن نقلي ميلامائن وارن ٿانون ۾ وڌو وڃي ٿو ته ان جي نتيجي ۾ کاڌي اندر نظر نه ايندڙ خطرناڪ ڪيميائي جزا شامل ٿي وڃن ٿا.
جڏهن ته سعد خان دعويٰ ڪئي ته هن جي ڪارخاني اندر سندس نگرانيءَ هيٺ جيڪي ٿانوَ تيار ٿين پيا اهي خالص ميلامائن مان ئي ٺاهيا ويندا آهن.
ٻئي طرف پشاور ۾ پلاسٽڪ جي مختلف ڌاتن مان ٺهيل ٿانوَن جو هول سيل سطح تي ڪاروبار ڪندڙ احمد زر بادشاهه نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته هو گذريل 10 سالن کان ڪراچي، لاهور ۽ پشاور جي فيڪٽرين ۾ تيار ٿيندڙ ميلامائن ٿانوَن جي خريد ۽ وڪري جو ڪاروبار ڪري رهيو آهي پر انهن ٽنهي شهرن ۾ لڳل هڪ به فيڪٽري اهڙي نه آهي جنهن ۾ نج ميلامائن پلاسٽڪ مان ٿانوَ تيار ڪيا ويندا هجن.
احمد بادشاهه اهو پڻ چيو ته جيتوڻيڪ ڪاريگر اها دعويٰ ڪندا رهن ٿا ته سندن ٿانوَ خالص پلاسٽڪ مان تيار ٿيل آهن، پر مارڪيٽ ۾ ان قسم جا جيڪي به ٿانوَ وڪري لاءِ موجود هجن ٿا اهي ٻين ڌاتن وسيلي تيار ٿيل هوندا آهن انهن جي مٿان بس ميلامائن جو سنهو تهه چاڙهيو ويندو آهي، ٿانون مٿان تهه چاڙهڻ ۾ استعمال ٿيندڙ ميلامائن جو پائوڊر چين مان گھرايو ويندو آهي.
هن تفصيل ڏيندي ٻڌايو ته خالص ميلامائن مان تيار ٿيل ٿانوَ مقامي مارڪيٽن اندر بنهه ٿوري تعداد ۾ موجود هجن ٿا، اهڙي ميلامائن چين کان علاوه ٻين ملڪن مان گھرائي وڃي ٿي جيڪا مقامي مارڪيٽ ۾ ملندڙ نقلي ميلامائن جي مقابلي ۾ گھڻي مهانگي آهي. احمد بادشاهه اها معلومات پڻ ڏني ته نقلي ميلامائن مان تيار ٿيل ٿانوَن ۾ جيڪڏهن ڪافي ۽ چانهن يا گهري ڪاري رنگ وارا ميوا وڌا ويندا آهن ته انهن تي داغ پئجي ويندا آهن.
پشاور جي، پراڻي شهر واري حصي ۾ ٿانوَن جو ٻَڌي اگهه تي ڪاروبار ڪرڻ وارن دڪاندارن ٻڌايو ته خالص ۽ اصلي ميلامائن مان تيار ٿيل ٿانوَ جلدي ناهن ڀڄندا ۽ اهي گھڻا مضبوط هوندا آهن. نقلي ميلامائن مان تيار ٿيل ٿانوَن جي ڀيٽ ۾ اصلي ٿانوَن جو وزن وڌيڪ، بناوٽ ۾ ٺوس ۽ ڏسڻ ۾ چمڪدار هوندا آهن.
سعد خان پاران به تصديق ڪئي وئي ته نقلي ميلامائن مان تيار ٿيل ٿانوَن ۾ جيڪڏهن اڌ کان پوري هڪ ڪلاڪ تائين گرم پاڻي به رکيو وڃي ته اهي چِٻا، ٽيڏا ۽ ايتري حد تائين جو رِجي پوندا آهن.
سعد خان نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو ته ميلامائن مان تيار ٿيل ٿانوَ کي جيڪڏهن ميڻ بتيءَ جي شعلي سان 20 سيڪنڊن تائين گرمي ڏني ويندي ته ان مان فارمل ڊي هائيڊ سبب تکي بوءِ اچڻ شروع ٿي ويندي، ان جو مطلب اهو ٿيندو ته اهو ٿانوَ اصلي ميلامائن مان ٺهيل نه آهي ۽ صحت لاءِ هاڃيڪار آهي. اصلي ميلامائن مان تيار ٿيل ٿانوَ مان ميلامائن ڌاتوءَ جا جُزا کاڌي ۾ شامل ناهن ٿيندا پر خالص ميلامائن جي ٿانوَن جي سار سنڀال به جيڪڏهن صحيح انداز سان نه ڪئي ويندي ته اهي به صحت لاءِ هاڃيڪار ٿي پوندا.
هن اهو پڻ ٻڌايو ته جيڪڏهن ميلامائن مان تيار ٿيل ٿانون ۾ کاڌو وڌو ويندو ۽ انهن جي تپش 160 فارن هائيٽ تائين هوندي ۽ کاڌو تيزابيت وارن مرڪبن تي ٻڌل هوندو ته ميلامائن جا ماليڪيول کاڌي ۽ پيئڻ جي شين ۾ ملي ويندا جنهن ڪري گردي ۾ پٿريءَ جو مرض ٿي پوندو.
آمريڪا جي کاڌي ۽ دوائن واري انتظاميا جي ”فيڪٽ شيٽ“ ۾ ميلامائن متعلق خبردار ڪيو ويو آهي ته اهڙين شين جن ۾ ميلامائن جي سطح گھڻي هوندي، اهي انساني صحت کي نقصان رسائڻ جو سبب بڻجي سگھن ٿيون، اهڙين شين جي استعمال سبب گردن ۾ خرابي، گردن جو ناڪاره ٿي پوڻ ۽ ماڻهو موت جو کاڄ به ٿي سگھي ٿو.