پشاور (عطاءُ الله خان وٽان) پارو نالي ٽين جنس واري شخصيت گذريل 12 سالن کان شادين جي تقريبن ۾ فن جو مظاهرو ڪندي رهي ٿي. 24 سالن جي پَارو کي ٽين جنس هجڻ سبب جڏهن سندس خاندان ڌِڪي ڌار ڪيو ته، خوشيءَ جي موقعن تي ناچ ڪرڻ ئي اهو واحد پيشو هيو، جيڪو هن اختيار ڪيو.

مانسهره ۾ واقع والدين جي گھر مان تڙجي نڪرڻ کانپوءِ پَارو پشاور ۾ آباد کدڙا برداريءَ سان گڏجي رهڻ لڳي ۽ اهو پڻ ثابت ٿيو ته هن کي صرف ناچ وارو ئي ڪم ڪرڻ ٿي آيو. ڏکڻ ايشيا ۾ انهن فردن جيڪي مردن وارا مهانڊا رکندڙ پر عورتاڻا ڪپڙا پائيندا آهن، ٻٽي جنس جا مالڪ، خواجه سرا يا مردانگيءَ ۽ عورتپڻي کان محروم هوندا آهن انهن سڀني لاءِ هڪ ئي لفظ ”کدڙا“ وڏي پئماني تي استعمال ڪيو ويندو آهي، ۽ انهن سڀني جيان ئي پَارو به نچڻ واري ڌنڌي سان لاڳاپيل آهي.

پاڪستان جي غير مانفعي بخش اداري ”ليڊ پاڪستان“ پاران ”ٽين جنس: سماج مان ڌار ڪرڻ واري ڪناري تي“ جي عنوان سان ڪرايل هڪ اڀياس ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ”پنهنجي گهر ۽ مائٽن کان پري هاڻي کدڙا برادري ئي پَارو جو خاندان آهي. پاڪستان ۾ کدڙا برداريءَ جو پاڻ ۾ تعلق انتهائي مضبوط هوندو آهي، کدڙن کي جيئن ته وسيع پيماني تي ٿيندڙ امتيازي سلوڪ کي منهن ڏيڻو پوندو آهي، اهو ئي سبب آهي جيڪو کين هڪ ٻئي سان مضبوط تعلق رکڻ تي مجبور پڻ ڪري ٿو.
کدڙن کي سندن گُرو يا مڙهيءَ جو مالڪ استاد بڻجي نچڻ ۽ ڳائڻ جي تربيت ڏيندو آهي ۽ ان مقصد لاءِ هو پنهنجي چيلن جي ورڇ ڳائڻ وارن، نچڻ وارن يا ٻين هنرن جي بنياد تي ڪندو آهي ته جيئن اهي پنهنجي گذران لاءِ پيسا ڪمائي سگھن. چيلن تي لازم هوندو آهي ته اهي پنهنجي سموري ڪمائي آڻي گُروءَ آڏو پيش ڪن، جنهن مٿان گھر جو خرچ هلائڻ ۽ ٻين ضرورتن جي پورائي جو ذمو پيل هوندو آهي“. اهو اڀياس نوجوان اڳواڻن جي پيشه ورانه ڪم کي پائيدار ترقيءَ سان سلهاڙڻ جي ارادي سان ڪرايو ويو.
اڀياس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ”سندن ڪمائيءَ جا مکيه وسيلا شادين، جنم ڏينهن ۽ ٻين خوشيءَ جي موقعن تي نچڻ ۽ ڳائڻ توڙي خيرات پنڻ ۽ اجوري عيوض جنسي لذت فراهم ڪرڻ آهن“.

نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه دوران پَارو جيئن ته، پاڻ کي ”شادين جي تقريبن جي پيشه ور ڊانسر“ قرار ڏيندي ٻڌايو ته ”کدڙا برادريءَ ۾ جسم فروشي عام رجحان آهي، جنهن جي ڪري ئي انهن لاءِ ايڊز يا ايڇ آءِ وي جا خطرا وڌي وڃن ٿا“.
ترقي يافته توڙي پوئتي پيل ملڪن ۾ بيمارين توڙي صحت جي مسئلن بابت معياري تحقيقي مضمون، جن جي چڪاس ناليوارا ماهر ڪندا آهن، ”بي ايم سي انٽرنيشنل هيلٿ اينڊ هيومن رائيٽس“ نالي هڪ تحقيقي رسالي ۾ شايع ٿيندا رهندا آهن، ان ميگزين پاران ”ڇا سماجي ڌِڪار، پاڪستان ۾ کدڙن کي جسم فروشيءَ جي ڪاروبار ڏانهن ڌِڪي رهي آهي؟“ واري سواليه عنوان تحت هڪ اڀياس ڪرايو ويو، پاڪستان جي کدڙن بابت اهو اڀياس ٻڌائي ٿو ته ”سماجي طور تي ڪارآمد زندگي گذارڻ واري هڪ موقعي طور، هن قسم جي صنفي ماڻهن جي گروهه کي سماجي سطح تي، عام ماڻهن پاران پاڻ کان ڌِڪي ڌار ڪيو ويندو آهي.
اهڙن فردن کي ان قسم جي محرومي گھڻو ڪري آمدني جي حاصلات واري غرض تحت جسم فروشيءَ جي ڪاروبار ڏانهن ڌڪي ڇڏيندي آهي، جنهن جو نتيجو اهو نڪرندو آهي ته هو عام طور تي ان منجهيل دائرن واري هڪ بند گھٽيءَ ۾ ڦاسيءَ پوندا آهن جتي عام طور تي کين ايڊز جو مرض وچڙي پوندو آهي“.
پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن جي جرنل ۾ ”پاڪستان ۾ ايڊز جو مرض“ تحت شايع ٿيل هڪ تحقيقي مضمون ۾ چيو ويو آهي ته ”پاڪستان ۾ ايڊز جو مرض گھڻو زور وٺي چڪو آهي ۽ سِرنج وسيلي منشيات واپرائڻ وارا جن مردن توڙي ٽين جنس وارن سان جنسي لذت خاطر رابطي ۾ اچن ٿا انهن وسيلي اهو مرض تيزيءَ سان ڦهلجي پڻ رهيو آهي، اهڙي قسم جا ماڻهو ئي هن بيماريءَ جو مرڪز بڻيل آهن“.
جڏهن هن کان پڇا ڪئي وئي ته ”ڇا هن کي ايڇ آءِ وي/ايڊز جي خبر آهي؟“ ته پَارو ان جي جواب ۾ چيو ته ”ها، مون ٻڌو آهي ته اها هڪ موتمار بيماري آهي“، پر جڏهن هن کان اهو پڇيو ويو ته اها بيماري هڪ ماڻهوءَ کان ٻئي ماڻهو ڏانهن ڪيئن منتقل ٿيندي آهي؟ ته ان جي جواب ۾ هن جو چوڻ هيو ته ”نه، مونکي اها خبر نه آهي ته اها بيماري ڪهڙيءَ ريت ڦهلجندي آهي“.
جڏهن پَارو کي اهڙي ڄاڻ ڏني وئي ته ڪهڙيءَ ريت جسم فروشيءَ جي ڪري کدڙن لاءِ ايڊز جا خطرا تمام گھڻا وڌيل آهن، ته ان جي جواب ۾ پَارو چيو ته ”اسانجي برادريءَ جي هر هڪ کدڙي جو مستقل بواءِ فرينڊ هوندو آهي، مطلب اهي هڪ ماڻهوءَ سان مستقل جنسي لاڳاپو رکندڙ هوندا آهن“.
نيوز لينز پاڪستان سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه دوران پَارو وڌيڪ ٻڌايو ته ”هڪ کدڙي جو مرد دوست جيستائين هن جون معاشي ۽ سماجي ضرورتون پوريون ڪندو رهندو آهي تيستائين هو صرف ان شخص سان تعلق نڀائيندو ايندو آهي، پر جيڪڏهن ايئن ناهي ٿي سگھندو ته پوءِ جياپي خاطر کدڙي کي ٻين ڪيترن سان جنسي ناتا رکڻا پوندا آهن. اهڙي تعلق ۾ ايندڙ مرد يا اسان جا ساٿي، انهن مان ڪير به محفوظ جنسي عمل خاطر ڪنڊوم استعمال ناهن ڪندا، گراهڪ يا دوست ڪنڊوم استعمال ڪرڻ کان ئي انڪار ڪندا آهن يا وري کدڙا برادريءَ کي ئي محفوظ جنسي تعلق يا جنسي ڪاروبار ڪرڻ لاءِ هر صورت ۾ ڪنڊوم استعمال ڪرڻ واري اهميت بابت بنهه گھٽ معلومات آهي“.
خيبر پختونخواه صوبي ۾ صنفي توڙي جنسي تشدد بابت ڪم ڪندڙ غيرسرڪاري سماجي اداري بليو وِينز مطابق، ايئن ته پشاور ۾ رهندڙ 18 سئو کدڙا رجسٽر ٿيل آهن پر سندن اصل تعداد 5 هزارن جي لڳ ڀڳ آهي. اهو سماجي ادارو قائم ڪندڙ قمر نسيم نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو آهي ته ”گذريل ڏهاڪي دوران کدڙا برادريءَ ۾ ايڊز جي موجودگيءَ جي شرح تمام گھٽ سطح کان وڌي انتهائي مٿئين سطح تي پهچي چڪي آهي“.
قمر نسيم جو چوڻ آهي ته ”نيشنل ايڊز ڪنٽرول پروگرام پاران 2015 بابت جاري ڪيل انگن اکرن موجب پاڪستان ۾ وڌيڪ خطري جي زد ۾ آيل ٽي گروهه آهن، ايڊز جا اهي مريض جيڪي سُئيءَ وسيلي منشيات واپرائين ٿا انهن جو تناسب 27.2 سيڪڙو آهي، جڏهن ته سڄي پاڪستان جي مريضن ۾ ايڊز جو شڪار ٿي ويل کدڙن جو تناسب 5.2 سيڪڙو آهي. هن بيماريءَ جي وَرِ چڙهي ويل انهن مردن جيڪي جسم فروشيءَ جي ڪاروبار سان لاڳاپجي وڃن ٿا انهن جو تناسب 1 سيڪڙو آهي“.
قمر نسيم جو چوڻ آهي ته ”اهي ماڻهو جيڪي ايڊز جي بيماريءَ جو شڪار ٿي چڪا آهن انهن ۾ جسم فروش عورتن جو تناسب 0.6 سيڪڙو آهي. جڏهن ته نار وارن ملڪن مان تڙجي ايندڙ ماڻهو ايڊز جو مرض ڦهلائڻ جو مکيه سبب بڻجن ٿا“.
قمر نسيم پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو ته ”اسانجي معاشري جا مذهبي سوچ رکڻ وارا طبقا به شادي شده زندگيءَ جي اصولن جي نفي ڪندي غيرازدواجي يا مرد پاران مرد سان جنسي لاڳاپا رکن ٿا. ايڊز جي مرض بابت ڪَن لاٽار ۽ ان حقيقيت جي ڪري ته ٽين جنس وارن وٽ جياپي خاطر آمدني ڪمائڻ لاءِ ٻيا حيلا وسيلا نه هجڻ جي ڪري کدڙا توڙي جو بيماريءَ جو شڪار ٿي وڃن ٿا پر پوءِ به خاموش ئي رهندا اچن ٿا“.
قمر نسيم جو چوڻ آهي ته، کدڙا برادريءَ جا اهي فرد جيڪي نوجوان آهن اهي ڪنڊوم استعمال ڪرائين ٿا پر انهن کان وڏي عمر وارا ان جي استعمال کي ڪا اهميت نه ٿا ڏين. جڏهن ته پَارو جو اهو چوڻ آهي ته، جسم فروشيءَ جي ڌنڌي سان لاڳاپيل کدڙا ڪڏهن به ڪنڊوم جو استعمال ناهن ڪرائيندا ڇو ته انهن جا گراهڪ ان کي پسند ناهن ڪندا. هن اهو پڻ ٻڌايو ته، اهي کدڙا جيڪي ايڊز/ايڇ آءِ ويءَ جي ٽيسٽ ڪرائڻ چاهين ٿا اهي هن مرض ۽ ان مرض جي سماجي توڙي معاشي اثرن کان ڊنل آهن.
پَارو ٻڌايو ته ”منهنجي هڪ دوست مونکي ٻڌايو آهي ته هو حيات آباد ميڊيڪل ڪامپليڪس فيملي ڪيئر سينٽر، جتي ايڊز/ايڇ آءِ ويءَ جي مريضن جي چڪاس توڙي علاج ڪيو ويندو، اتي کيس هڪ ڀيرو ٻيهر وڃڻو پوندو، هن کي ان مقصد لاءِ ڪوهاٽ کان عوامي ٽرانسپورٽ وارين گاڏين ۾ اچڻو پوندو ۽ هر ڀيري هن کي سفر دوران قدم قدم تي توڙي اسپتال جي داخلا واري دروازي تي به ستايو ۽ پريشان ڪيو ويندو آهي. اهڙي صورتحال ۾ اسانجي برادري ڪهڙيءَ ريت چڪاس يا علاج ڪرائڻ تي راضي ٿيندي؟“.
پَارو واضح ڪيو ته، مٿي ذڪر ڪيل ٽين جنس واري اسانجي ساٿيءَ سان سڄي برادريءَ مان ڪنهن هڪ فرد به رابطو نه ڪيو ۽ هن کي ايڊز/ايڇ آءِ وي بابت ڪا به آگاهي ناهي ڏني.
مانسهره سان تعلق رکندڙ 4 کدڙن جي طبي چڪاس بعد کين ايڊز/ايڇ آءِ وي جو مرض وچڙيل هجڻ واري خبر تي تبصرو ڪندي پَارو چيو ته ”انهن کي ايڇ آءِ وي هجڻ جي تصديق ٿي آهي پر انهن جا نالا منظرعام تي ان ڪري ناهن آندا ويا ته جيئن سندن پيشه ورانه ڪم تي ڪو اثر نه پوي“. مارچ 2016 ۾ مانسهره ۾ رهندڙ ٽين جنس وارن جي تنظيم جي ضلعي صدر ماريه خان پاران هڪ پريس ڪانفرنس دوران اهڙو انڪشاف ڪيو ويو ته بيماريءَ سبب متاثر ٿيل 4 ڄڻن جو تعلق مانسهره سان آهي. هن جو چوڻ هيو ته ”بيماريءَ سبب متاثر ٿيل ڪجهه فردن جو پشاور جي حيات آباد ميڊيڪل ڪامپليڪس ۾ علاج هلندڙ آهي جڏهن ته ڪجهه فرد محدود مالي وسيلن جي ڪري پنهنجو علاج جاري رکي نه سگھيا آهن“.
واضح رهي ته لاپرواهيءَ ۽ ڪاروباري نوعيت وارن معاملن جي ڪري انهيءَ بيماريءَ جي چڪاس توڙي ان جي منظر عام تي اچڻ وارا معاملا عمل ۾ نه پيا اچن، پر حقيقت اها به آهي ته هڪ اهڙي صوبي جنهن جي آبادي 2 ڪروڙ 99 لک ماڻهن تي مشتمل آهي ان ۾ ايڊز/ايڇ آءِ وي جي علاج جا صرف 2 سينٽر پشاور ۽ ڪوهاٽ ۾ هجڻ سبب به مريضن لاءِ علاج ڪرائڻ انتهائي مشڪل ۽ مهانگو ٿي پوي ٿو.
خيبرپختونخواه صوبي جي ايڊز/ايڇ آءِ وي بابت ڊپٽي پروگرام مئنيجر ۽ پبلڪ هيلٿ کاتي جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ڊاڪٽر عطاءُ الله خان نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو آهي ته ”انهن ٻنهي علاج وارن مرڪزن ۾ 26 سو مريض رجسٽر ٿيل آهن، جڏهن ته ايڊز متعلق گڏيل قومن جي اداري مطابق خيبرپختونخواه ۾ اهڙن ماڻهن جو تعداد 16 هزارن جي لڳ ڀڳ آهي. اهي انگ اکر به اصل حقيقت جي مقابلي ۾ اٽي ۾ لوڻ جي برابر آهن. انهن کان علاوه ايڊز/ايڇ آءِ وي جا جيڪي به مريض آهن اهي بدناميءَ جي خوف سبب خاموشيءَ سان زندگي گذاري رهيا آهن“.
ڊاڪٽر عطاءُ الله خان مطابق، ايڊز/ايڇ آءِ وي جي انهن ڪيسن جن متعلق خبر پئجي چڪي آهي، خيبرپختونخواه سان تعلق رکندڙ انهن ماڻهن مان 70 سيڪڙو اهڙا آهن جيڪي روزگار خاطر ملڪ کان ٻاهر ويل هئا ۽ انهن کي نار جي ملڪن مان نيڪالي ڏني وئي هئي. 2014 ۾ پشاور جي سينٽرل جيل اندر قيد اهڙن نيڪالي مليل 28 ڄڻن مان 4 ڄڻن کي ايڊز/ايڇ آءِ وي هجڻ جي تصديق ٿي هئي. خيبرپختونخواه ۾ ايڊز جي اهڙن مريضن، جن بابت مرض ۾ وچڙيل هجڻ جي نشاندهي ٿي چڪي آهي، انهن مان 72 سيڪڙو مرد، 23 سيڪڙو عورتون ۽ 5 سيڪڙو ٻارڙا آهن.
خيبرپختونخواه صوبي ۽ فاٽا ۾ ”خوينڊو ڪور“ جي نالي سان، عورتن جي حقن بابت ڪم ڪندڙ هڪ سماجي تنظيم ۾ ”ڪميونٽي اينڊ هوم بيسڊ ڪيئر سينٽر“ جي سائيٽ مينيجر طور ذميواريون نڀائيندڙ سبحان عليءَ نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ٻڌايو آهي ته ”هنن ٽين جنس سان تعلق رکندڙ 7 اهڙن فردن جي رجسٽريشن ڪئي آهي جيڪي ايڊز/ايڇ آءِ وي جي مرض ۾ مبتلا آهن. اهي مريض سماجي تنظيم جي پروگرام تحت ملندڙ مدد جي بنياد تي دوائن وٺڻ، نفيسياتي علاج توڙي ٻين سهولتن جي حاصلات خاطر پشاور ويندا رهندا آهن“.
سبحان عليءَ جي راءِ آهي ته ”جنسي عمل وسيلي ان بيماريءَ جي منتقليءَ واري پسمنظر ۾ ٽين جنس وارن جي حالت سڀ کان وڌيڪ خراب ۽ اهي وڌيڪ خطري ۾ گهيريل آهن. اهي مهمان نواز ۽ نرم دلين وارا هوندا آهن پر سماج جو رويو کين سماجي اڪيلائيءَ ڏانهن ڌڪي ڇڏيندو آهي، جنهن ڪري هو پنهنجي ذاتي درد ۽ تجربن جو اظهار ڪرڻ کان به ڪيٻائيندا آهن“.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here