ڪوئيٽا (حزب الله خان وٽان) ماهر ان کي خودڪشي قرار ڏين ٿا، جيڪو پاڻيءَ جي ڳولا ۾ ڪوئٽه ۽ ڀرپاسي جا رهواسي ڪري رهيا آهن، پر جيئن ته ڪوئيٽا ۽ ان جي ڀر وارن علائقن ۾ پاڻيءَ جا ذخيرا تيزيءَ سان گھٽجي رهيا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ ئي واديءَ جا رهواسي بيتابيءَ سان اهڙا قدم کڻڻ تي مجبور ٿي پيا آهن.
ڪيترن ئي سالن کان هلندڙ ڏڪار ۽ وڏي پئماني تي ٽيوب ويل لڳڻ سبب ڪوئيٽا جي جَر جو پاڻيءَ تيزيءَ سان گھٽجڻ شروع ٿيو، جنهن ڪري باراني صوبي بلوچستان جي اختيارين پاران گاديءَ واري شهر ۾ پاڻيءَ جي وڌندڙ ضرورتن کي منهن ڏيڻ لاءِ پهاڙن مان پاڻي حاصل ڪرڻ واريون ڪوششون ڪيون ويون آهن.
پهاڙن جي تهن هيٺان پاڻيءَ جي ذخيرن کي ٻيهر قائم ٿيڻ ۾ جيئن ته هزارين سالن جو وقت لڳي ويندو آهي، اهڙي حقيقت کي سامهون رکندي جاگرافيءَ جي ماهرن جو چوڻ آهي ته سخت پهاڙن کي کوٽي انهن مان پاڻي حاصل ڪرڻ جو نتيجو اهو نڪرندو ته ايندڙ ڪجهه سالن دوران پاڻيءَ جي کوٽ جو بحران وڌيڪ شدت اختيار ڪري ويندو.
بلوچستان يونيورسٽيءَ جي جيالاجي ڊپارٽمينٽ جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر دين محمد ڪاڪڙ نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو ته ڪوئيٽا جا رهواسي اجتماعي خودڪشي ڪري رهيا آهن. حڪومت ۽ ماڻهن پاران 70 مختلف هنڌن تي ٽيوب ويل لڳائي پهاڙن جي تهه ۾ محفوظ ٿيل پاڻيءَ کي به استعمال ڪري ڇڏڻ جو نتيجو اهو نڪرندو ته اسانجا ايندڙ نسل اُڃ وگهي مرندا.
پاڻيءَ جا عام ذخيرا بارش ۽ برف وسيلي ٻيهر بحال ٿي پوندا آهن، پر انهن جي ڀيٽ ۾ پهاڙن جي پٿرن هيٺان محفوظ پاڻيءَ جي ذخيرن کي بحال ڪرڻ جو ڪو به متبادل وسيلو موجود نه هوندو آهي. پٿرن ۾ محفوظ پاڻيءَ کي ”پيليو واٽر“ به چيو ويندو آهي، پيليو جو مطلب آهي قديم يا هزارين سال پراڻو. جيڪڏهن ان کي زمين جي سائنس مطابق ماضيءَ سان جوڙي ڏٺو وڃي ته پٿرن اندر تازي پاڻيءَ جو ذخيرو صدين کانپوءِ ان صورت ۾ ٺهندو آهي ته ان سان ڪا به ڇيڙ ڇاڙ نه ٿيندي هجي.
هائيڊرو جيالاجيءَ جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ”پٿرن اندر پاڻيءَ جي ذخيرن کي بحال ڪرڻ هاڻي ان ڪري ناممڪن آهي ڇو ته اهي ماحولياتي خوبيون موجود نه آهن جن جي ڪري اهو پاڻي محفوظ ٿيڻ شروع ٿيندو آهي. ان جو مطلب اهو ٿيو ته اهو پاڻي جيڪڏهن هڪ ڀيرو استعمال ٿي ويو ته پوءِ ٻيهر هٿ اچي نه سگھندو“.
”سماجي سطح تي جَرَ جي، بنان متبادل پاڻيءَ وارن ذخيرن جي پائيدار سار سنڀال“ متعلق گڏيل قومن جي اداري يونيسڪو پاران جاري ڪيل رهنمائيءَ واري ڪتابچي ۾ آگاهي ڏنل آهي ته ماضيءَ جي ماحولياتي خوبين جي ڪري اهو ممڪن ٿي سگھيو هيو ته زمين اندر انتهائي گهرائيءَ ۾ پاڻيءَ جا وسيع ذخيرا جمع ٿي سگھيا هئا.
انهن مان ڪيترائي ذخيرا ماضيءَ جو ورثو آهن، انهن مان ڪيترائي انهن گرم ماحولياتي صورتن جي ڪري محفوظ ٿيا جيڪي هزارين سال اڳ موجود هيون ۽ انهن مان ڪجهه پاڻيءَ جا ذخيرا انهن پرڳڻن ۾ قائم ٿيا جيڪي باراني يا سخت پاڻيءَ واري کوٽ جو شڪار رهندا هئا ۽ اتي عام پاڻيءَ جي ذخيرن جي فطري بحالي گھٽ ٿيندي هئي.
ڊاڪٽر ڪاڪڙ جو چوڻ آهي ته جبلن هيٺان محفوظ پاڻيءَ جي ذخيرن جي اهڙي حقيقت سبب ته اهي ٻيهر بحال ٿي ناهن سگھندا، انهن کي استعمال ڪري ڇڏڻ بابت هر هنڌ ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ويندو آهي، پر ڪوئيٽا جهڙي شهر ۾ جتي پاڻيءَ جي کوٽ مسلسل وڌي رهي آهي، ماهر پاڻيءَ جي انهن ذخيرن کي آخري حيلو تصور ڪن ٿا جيڪي ان هنگامي صورت ۾ استعمال ڪرڻ لاءِ محفوظ رکيل هجن ته جڏهن وادي مڪمل طور تي سوڪهڙي جو شڪار ٿيڻ واري هجي ته استعمال ڪيا وڃن.
ڊاڪٽر ڪاڪڙ وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن تڪڙا قدم نه کنيا ويا ته ويجهي مستقبل ۾ ڪوئيٽا جا شهري پاڻيءَ لاءِ لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿي پوندا. هزارين سال پهريان ڪوئيٽا ۾ شديد برفباري ۽ بارشون ٿيون هونديون جن جي ڪري ڪوئيٽا پرڳڻي جي پهاڙن اندر پاڻيءَ جا ذخيرا قائم ٿيا. اهو پاڻي الاهي پراڻو آهي جيڪو زمين جي تهن هيٺان هزارين سالن کان موجود آهي، ان کي هڪ ڀيرو استعمال ڪري ڇڏيوسين ته وري هزارين سالن بعد ئي ٻيهر گڏ ٿي سگھندو.
ڪيترين قومن لاءِ جيڪي پاڻيءِ جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيون آهن، هزارين سالن جو پراڻو پاڻي ئي جياپي جو واحد وسيلو آهي. لبيا، اسرائيل، مصر، سعودي عرب ۽ اردن جهڙن ريگستاني ملڪن ۾ پاڻيءَ جي دائمي کوٽ آهي جنهن ڪري اهي طويل وقت کان زمين جي تهن هيٺ موجود هزارين سال پراڻو پاڻي واپرائيندا رهن ٿا. يقينن لبيا اهو اڪيلو ملڪ آهي جيڪو زمين جي جَر ۾ موجود 75 هزار سال پراڻو پاڻي استعمال ڪرڻ سبب ئي رهڻ جي لائق بڻجي رهيو آهي. ان پسمنظر کي ذهن ۾ رکندي ماهرن جو چوڻ آهي ته زمين يا جبلن جي تهه ۾ محفوظ ٿيل پاڻي ئي انهن اڃارين قومن لاءِ املهه آهي، جڏهن ته ٻيون قومون ان کي ٻارڻ ۾ استعمال ٿيندڙ پيٽروليم اسمن جهڙي حيثيت ڏينديون آهن.
آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ جي هڪ هائيڊروجيالاجسٽ مائيڪ ايڊمنڊس نيشنل جيوگرافڪ چينل کي ٻڌايو ته اڪثر ڪري ماڻهن کي اها سمجهه ناهي هوندي ته اهي پٿرن ۾ محفوظ ٿيل پاڻي کي ڪڍي رهيا آهن. سڄي دنيا ۾ ٽيوب ويل 320 فوٽ اونهائينءَ تائين کوٽيا ويندا آهن ۽ ويجهڙائيءَ ۾ اها ڪٿ ڪئي وئي آهي ته چند فوٽن تي ئي پاڻي ملي ويندو آهي. بلوچستان، جتي جَر جو پاڻي ڪيترن سالن کان تيزيءَ سان ختم ٿي رهيو آهي جنهن ڪري ماڻهو پاڻيءَ جي حاصلات لاءِ زمين ۾ اونهي کان اونهي کوٽائي ڪري رهيا آهن.
بلوچستان جي انهن علائقن ۾ جتي ماحولياتي تبديلين سبب ڪيترن سالن کان ڏڪار يا مسلسل ٻوڏون اچي رهيون آهن اتي جَر جي پاڻي جي سطح وڌيڪ اونهي ٿي 1000 فوٽ ٿي چڪي آهي. هڪ اهڙي صوبي ۾ جتي صنعتون نه هجڻ جي ڪري ماڻهو اڃان به زراعت تي ڀاڙين ٿا، ان صوبي ۾ کوٽ جي ڪري ماڻهو پاڻيءَ کي حاصل ڪرڻ لاءِ ٽيوب ويل هڻڻ وقت هر دفعي اونهي کوٽائي ڪندا رهن ٿا. پاڻيءَ جي اهڙي کوٽ جي پسمنظر ۾ آبادگارن کي گھرجي ته اهي گھڻو پاڻي گھرندڙ نارنگين توڙي صوف جي ميون بجاءِ زيتون جي پوکي ڪن جيڪو گھٽ پاڻيءَ تي به پچي راس ٿيندو آهي.
ڊاڪٽر دين محمد ڪاڪڙ مطالبي وارو انداز اختيار ڪندي چيو ته صوبي جي ماڻهن جي امداد ڪرڻ لاءِ حڪومت کي ٽه رخي حڪمت عمليءَ تي عمل ڪرڻ گھرجي، پهريان ته انهن فصلن جي پوکي نه ٿيڻ گهرجي جن لاءِ جَر جي پاڻيءَ جي آبپاشي ڪئي وڃي ٿي ۽ آبادگارن کي انهن فصلن جا متبادل ڏيڻ گهرجن. ٻيو ته بارش جي پاڻيءَ جو هڪ ڦڙو به ضايع نه ڪرڻ گھرجي ۽ اهڙو پاڻي ڊيم ٺاهي محفوظ ڪرڻ گھرجي ان سان جَر جي پاڻي جي سطح به بهتر ٿيندي ۽ ٽيون هي ته استعمال ٿيل پاڻيءَ کي ٻيهر صاف سٿرو ڪري استعمال لائق بڻائڻ تي به ڪم ڪرڻ گھرجي.
پاڻيءَ کي هزارين ڀيرا استعمال ڪرڻ بعد ٻيهر استعمال لائق بڻائي سگھجي ٿو، پر جيئن ته ڏڪار جي هوندي، گھڻي پاڻيءَ وارن فصلن جي پوکي ۽ ڊيمن نه هجڻ سان گڏوگڏ ماحولياتي ماهر ڪوئيٽا جي وڌندڙ آباديءَ کي به پاڻيءَ جي کوٽ جو ذميوار سمجهن ٿا. 1935 واري شديد زلزلي بعد هي شهر 50 هزار ماڻهن جي آباديءَ لاءَ اڏيو ويو هيو پر هاڻي ڪوئيٽا ان کان 60 ڀيرا وڌيڪ ماڻهن جو گھر بڻجي چڪو آهي.
پاڪستان واٽر پارٽنرشپ سان واڳيل معيشت جي ماهر ڊاڪٽر عامر پرويز نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو ته ڪوئيٽا جي موجوده آبادي لڳ ڀڳ 30 لک ماڻهن تي مشتمل آهي جڏهن ته شهر ۽ ان جو بنيادي ڍانچو صرف هزارين ماڻهن جي آباديءَ خاطر ترتيب ڏنو ويو هيو. شهر جي آباديءَ کي روزانو 5 ڪروڙ گيلن پاڻيءَ جي ضرورت پوي ٿي جڏهن ته جَر ۾ روزانو 3 ڪروڙ گيلن پاڻي هجي ٿو.
”بلوچستان ۾ ماحول جي تحفظ بابت جوڙيل حڪمت عملي“، قدرتي وسيلن جي بحالي ۽ انهن جي پائيدار استعمال بابت اهو مسودو آهي جيڪو عالمي اداري انٽرنيشنل يونين فار ڪنزرويشن آف نيچر ۽ نيچرل ريسورسز (آءِ يو سي اين) پاران تيار ڪيو ويو آهي، ان مسودي تحت 1990 ۾ ڪوئيٽا جي ختم ٿي وڃڻ متعلق اڳڪٿي ڪئي وئي هئي، ان ۾ اها صلاح پڻ ڏني وئي هئي ته صوبيءَ جي گاديءَ وارو هنڌ ڪنهن ٻئي موذون علائقي ڏانهن منتقل ڪيو وڃي.
آءِ يو سي اين بلوچستان جي ڊائريڪٽر فيض ڪاڪڙ، نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو ته ٽيهه سال اڳ ماهرن پاران اها صلاح ڏني وئي هئي ته زراعت جي مقصدن لاءِ ٽيوب ويلن مان حاصل ٿيندڙ پاڻيءَ جي آبپاشي کي بند ڪري ڇڏڻ گھرجي، پر باوجود ان جي اڄ به ڪوئيٽا ۾ ماڻهو پنهنجي زمينن کي ٽيوب ويلن وسيلي پاڻي حاصل ڪري آباد ڪندا رهن ٿا.
زمين جي سائنس جي هڪ ماهر اقبال ڪاڪڙ نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ٻڌايو ته پاڻيءَ جي موجوده وسيلن کي ڊيم اڏي جيستائين ڊگهي مدي تائين تحفظ ڏيڻ واري حڪمت عملي اختيار نه ڪئي ويندي تيستائين اهو ممڪن نه ٿي سگھندو ته ايڏي وڏي آباديءَ کي پاڻيءَ جي مستقل فراهمي جاري رکي سگھجي.
قدرتي توڙي ماڻهن پاران پيدا ڪيل ڪيترن ئي مونجهارن ۾ گھِريل هجڻ باوجود، ماهرن جو چوڻ آهي ته پاڻيءَ جي ڏينهون ڏينهن شدت اختيار ڪندڙ کوٽ کي منهن ڏيڻ جو هڪڙو ئي طريقو آهي ته پاڻيءَ جي بنهه ٿورن ذخيرن کي بهتر انداز سان استعمال ڪرڻ جي حڪمت عمليءَ تي عمل ڪيو وڃي.
ڊاڪٽر پرويز جو چوڻ آهي ته ڪوئيٽا ۾ هر سال 185 ملي ميٽر بارش پوندي آهي جنهن مان 20 کان 30 سيڪڙو بارش جو پاڻي زمين چُوهي وٺندي آهي جنهن سان جَر جي پاڻيءَ جا ذخيرا بحال ٿي پوندا آهن. جڏهن باقي 70 سيڪڙو بارش جو پاڻي هيڏانهن هوڏانهن وهي وڃڻ سبب ضايع ٿي ويندو آهي ڇو ته بارش جي ٿوري پاڻيءَکي ذخيرو ڪرڻ لاءِ به ڪو ڊيم ٺهيل نه آهي. ڪوئيٽا، سنڌ ۽ پنجاب جيان مون سون پرڳڻن ۾ شامل نه آهي. ڪوئيٽا ۾ معمول کان گھڻيون بارشون ڊسمبر 2000 ۾ ٿيون هيون، 24 ڪلاڪ برسات پوڻ جي نتيجي ۾ 113 ملي ميٽر (4.4 انچ) پاڻي رڪارڊ ڪيو ويو هيو.
90 واري ڏهاڪي جي ابتدا ۾، ميان نواز شريف جي پهرين دور حڪومت دوران سنڌونديءَ جي پاڻيءَ متعلق ٺاهه تحت بلوچستان جو پاڻيءَ وارو حصو وڌايو ويو هيو پر بنيادي ڍانچو موجود نه هجڻ سبب بلوچستان پنهنجي حصي جو اهو پاڻي حاصل ڪرڻ کان لاچار آهي.
حڪومت ۽ پاليسي جوڙيندڙ به سمجهن ٿا ته بلوچستان ۾ پاڻيءَ متعلق ڏينهون ڏينهن وڌندڙ پريشانين کي ڊيمن وسيلي حل ڪري سگھجي ٿو، پر اهڙي حل جي حمايت ڪرڻ لاءِ ڪو به تيار نه آهي. واٽر اينڊ پاور ڊولپمينٽ اٿارٽي (واپڊا) جي اڳوڻي چيف ايگزيڪيوٽو سردار محمد طارق جو چوڻ آهي ته اوچن ۽ طويل جبلن جي ڪري بلوچستان ۾ وڏا ڊيم ٺاهڻ ممڪن نه آهي جڏهن ته ننڍا ڊيم پاڻيءَ جي زير زمين سطح کي برقرار رکڻ جي سلسلي ۾ فائديمند ثابت نه ٿي سگھندا ڇو ته ڏڪار وارن ڏينهن ۾ ته اهي 10 ڏينهن اندر ئي سڪي ويندا.
هن جو چوڻ آهي ته غلط استعمال ۽ انتظامي بي ڌيانيءَ سبب ئي پاڻي جي قلت تيزيءَ سان وڌي رهي آهي پر ان کي ڪوئيٽا ٻاهران برج عزيز خان ڊيم ۽ زيارت ۾ منگي ڊيم اڏي گھڻي حد تائين ضابطي هيٺ آڻي سگھجي ٿو. جيڪڏهن اهو مسئلو حد کان وڌي وڃي ٿو، جيڪو امڪان آهي ته ضابطي کان ٻاهر نڪري ويندو، اسان وٽ ان کانسواءِ ٻيو ڪو رستو نه بچندو ته واهه کوٽي سنڌونديءَ جي پاڻي ٺاهه مطابق بلوچستان جي حصي جو پاڻي ڪوئيٽا تائين پهچايون.
پاڻيءَ جي کوٽ اڳ ئي موجود آهي اهڙي صورتحال ۾ بجليءَ جي اڻ اعلانيل ڊگهي لوڊشيڊنگ سبب وڏي تعداد ۾ لڳل ٽيوب ويل به بيڪار ٿي پون ٿا، جنهن ڪري صوبي جي زراعت تي انتهائي خراب اثر پون ٿا، جيئن ته صوفن جي باغن کي ڏيڻ لاءِ پاڻي موجود ناهي هوندو اهو ئي سبب آهي ته پاڻيءَ نه ملڻ جي ڪري ڪيترن علائقن ۾ صوفن جا باغ سڪي ويا آهن ۽ آبادگارن کي باغ وڍڻا پئجي ويا آهن.
زميندار ايڪشن ڪاميٽي بلوچستان جي جنرل سيڪريٽري عبدالرحمان بازئيءَ جو چوڻ آهي ته ڏڪار ۽ بجليءَ جي لوڊشيڊنگ کان اڳ صوبي ۾ صوف جي پيداوار 5 کان 6 ملين ٽن ساليانو هئي، پر هاڻي اها گھٽجي ساڍا 3 ملين ٽن تائين مشڪل سان ٿئي ٿي، جيڪڏهن حڪومت پاران پاڻيءَ جي بحران کي ختم ڪرڻ لاءِ قدم نه کنيا ويا ته صوبي ۾ صوف جي پيداوار صفا ختم ٿي ويندي. ڪجهه سال اڳ بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ پاڻي 330 فوٽن جي اونهائيءَ تي ملندو هيو پر هاڻي پاڻيءَ جي حاصلات لاءِ ماڻهن کي 1200 فوٽن تائين کوٽائي ڪرڻي پوي ٿي.
ڪوئيٽا ۾ گھرن تائين پاڻي پهچائڻ وارو ڪاروبار ڪندڙ هڪ شخص راز محمد جو چوڻ آهي ته پاڻيءَ کانسواءِ زندگي گذارڻ انتهائي مشڪل آهي. پاڻيءَ جي کوٽ جي ڪري شهر ۾ غربت به وڌي ٿي ڇو ته جيڪي ماڻهو پهريان ئي غريب آهن انهن جي آمدنيءَ جو چڱو خاصو حصو پاڻي خريدڻ تي خرچ ٿي وڃي ٿو ۽ جيئن ئي گرمين جي مند اچڻ جي شروعات ٿيندي آهي ماڻهن جي پاڻيءَ واري طلب ۾ به اضافو ٿيڻ شروع ٿي ويندو آهي. گرمين ۾ ماڻهو گھڻي کان گھڻو پاڻي طلب ڪندا رهندا آهن پر اسان سڀني کي سندن خواهش مطابق گھڻو پاڻي فراهم نه ٿا ڪري سگھئون ڇو ته ٽينڪرن کي ٽيوب ويلن مان، جن جو تعداد ٿورو آهي، پاڻي ڀرڻ لاءِ ڊگھين قطارن ۾ ڪيترائي ڪلاڪ انتظار ڪرڻو پوندو آهي.
جهڙيءَ ريت، ڪنهن به شئي جي ناياب ٿيڻ جي صورت ۾ ٿيندو آهي، ساڳيءَ ريت ئي پاڻيءَ جي قلت سبب به سرڪاري عملدار ۽ پاڻي مافيا جا ڪارندا شهرين جو استحصال ڪري رهيا آهن. ڪوئيٽا جي جان محمد روڊ جو رهائشي دائود خان چوي ٿو ته ٽيوب ويل مان ايندڙ پاڻيءَ جي پائيپ لائين جي سار سنڀال ۽ مختلف علائقن ڏانهن پاڻي اماڻڻ لاءِ مقرر شخص، جنهن کي وال مين سڏيو ويندو آهي. اهو اڪثر ڪري پاڻيءَ جي فراهمي بند ڪري ڇڏيندو آهي، جنهن جي ڪري شهري پاڻي مافيا کان پئسن عيوض ٽينڪر ۾ ڀرجي ايندڙ پاڻي وٺڻ تي مجبور ٿي پوندا آهن.
اهو وال مين هڪ ٽينڪر پاڻيءَ عيوض 400 روپيا وٺندو آهي. ٽينڪر مافيا ۽ وال مين جي خلاف لاڳاپيل کاتي کي مون 5 ڀيرا لکت ۾ شڪايت ڪئي آهي، ان هوندي به هن خلاف هڪ دفعو به ڪارروائي عمل هيٺ ناهي آندي وئي. اهو ئي سبب آهي ته اسانجي پاڙي واري گھٽيءَ ۾ هر خاندان کي سڄي مهيني جو پاڻي وٺڻ عيوض 5000 هزار روپيا خرچ ڪرڻا پوندا آهن.