پاڪستاني عورتن ۾ سماجي تنگ نظريءَ سبب ڪنورزن ڊس آرڊر وڌڻ لڳو!

0
2050

picلاهور (دردانه نجم وٽان) هسٽيريا پاڪستاني عورتن ۾ وڌندو پيو وڃي، ڪنورزن ڊس آرڊر (طبيعت ۾ تبديلي) جي نالي سان سڃاتو ويندڙ اهو ذهني مسئلو انهن مريضن کي ٿيندو آهي جن کي پنهنجي خواهشن جي اظهار ۾ ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پوندو آهي ۽ جيڪي پنهنجيون خوشيون حاصل ڪرڻ لاءِ ٻين جي رحم ۽ ڪرم تي هجن ٿا. اهو مسئلو جهٽڪن، ڪاوڙ، يا شديد نوعيت جي مفلوج (اڌرنگو) ٿيڻ سان ظاهر ٿيندو آهي. طبي ماهرن موجب ترقي يافته ملڪن جي عورتن جي آزادي ۽ جنسي رجحان سان ڳنڍيل فرسوده تصورن کي ختم ڪري ڪافي حد تائين ان مسئلي تي ضابطو آندو ويو آهي.

هڪ 24 سالن جي عائشه نالي عورت کي لاهور جي سرگنگا رام اسپتال ۾ اهڙي حالت ۾ آندو ويو ته ان جي جسم کي جهٽڪا لڳي رهيا هئا ۽ هٿ پير ضابطي ۾ نه هئيس، ان جي حالت جي پويان ڪا جسماني بيماري نه ملي سگهي، جنهن مان اهو نتيجو ڪڍيو ويو ته ان جون دٻيل خواهشون انهن دورن جي ذريعي ظاهر ٿي رهيون آهن، وڌيڪ ڇنڊ ڇاڻ مان خبر پئي ته عائشه جو پيءُ هڪ اڻپڙهيل شخص آهي، ننڍپڻ ۾ ان کي ماريندو هو، ان جي ماءُ تمام گهڻي حد تائين خاموش طبيعت جي مالڪ هئي ۽ ان جي لاتعلقي عائشه جي بي وسي کي وڌائيندي رهندي هئي.

ان جو اڻ پڙهيل ۽ معاشي تنگي جو شڪار پيءُ اڪثر ڪري پنهنجي ٻارن کان ناراض رهندو هو، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو ته عائشه جا ٻه ڀاءُ، ڀيڻ پنهنجي ننڍپڻ ۾ ئي نامعلوم بيماري جي شديد دورن سبب موت جو شڪار ٿي ويا. جڏهن عائشه کي اهي جهٽڪا ۽ دورا پوڻ لڳا تڏهن وڃي ان جي پيءَ هن تي جسماني تشدد بند ڪيو، هن کي اهو مرگهي جهڙو دورو پهريون ڀيرو 10 سالن جي عمر ۾ ننڊ دوران پيو. ڪنورزن جا وڌيڪ واقعا اهڙن معاشرن ۾ نظر ايندا آهن جتي سخت سماجي اصول ڪنهن شخص کي پنهنجي احساسن ۽ خواهشن جي آزاداڻه اظهار کان روڪيندا هجن.

وين شنگ سينگ پنهنجي ڪتاب ”اي هينڊ بڪ آف ڪلچرل سائڪلاجي 2001ع“ ۾ لکي ٿي ته ترقي يافته سماجن ۾ نفسياتي، ذهني ڪشادگي ۽ احساسن جي اظهار ۾ آساني ان مسئلي کي حيرت جوڳي حد تائين گهٽ ڪيو آهي.

ميرت بٽ جيڪا سرگنگا رام اسپتال ۾ نفسيات دان، نفسياتي معالج آهي، نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته روزاني جي معاملن ۾ ايندڙ مسئلن کي حل نه ڪري سگهڻ ان مسئلي کي ختم ڪرڻ جي اهم رڪاوٽ آهي. عورتون ڪنهن به مسئلي کي برداشت ڪنديون رهنديون آهن اهو ڄاڻڻ بنان ته ان جي نوعيت ڇا آهي جنهن جي نتيجي ۾ انهن جو جسم رد عمل جو اظهار ڪرڻ لڳندو آهي ۽ مڙس، ڀيڻ، ڀاءُ ۽ والدين جي تعلق ۾ ويڇا ايندا آهن.

جڏهن اسان اهو چوندا آهيون ته اولهه جي معاشري ۾ ڪنورزن جي مسئلي تي ضابطو آندو ويو آهي ته ان جو مطلب اسان ان نقطي طرف اشارو ڪري رهيا آهيون ته انهن پاڻ ۾ ڇڪتاڻ تي ضابطو آڻڻ سکي ورتو آهي. اسان جي معاشري ۾ گڏجي ويهي معاملا حل ڪرڻ جو رواج نه آهي، اڪثر ڪري گهر ۾ ڀاءُ ۽ پيءَ پنهنجي ڀينرن ۽ ڌيئرن کي گهر داريءَ ۾ مصروف ڏسڻ چاهين ٿا يا انهن ۾ مذهبي رجحان کي واڌارو ڏيڻ چاهيندا آهن.

ميرت موجب اسان ماڻهو ڳالهين ٻولهين ذريعي ڇڪتاڻ حل ڪرڻ بدران جهيڙن ۾ هٿيار ڪڍڻ جا وڌيڪ شوقين آهيون. ان سان گڏ ميرت واضح ڪيو ته مسئلن کي بحث هيٺ آڻڻ صرف هڪ قدم آهي، حل طرف، اصل علاج ڇڪتاڻ کي ختم ڪرڻ ۾ آهي. هن چيو ته مسئلي کي سڃاڻڻ ۽ ان کي حل ڪرڻ ٻه الڳ ڳالهيون آهن.

ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي هينڊ بڪ آءِ سي ڊي 10 موجب پشاور جي ليڊي ريڊنگ اسپتال جي نفسياتي وارڊ ۾ جنوري کان نومبر 2014ع جي وچ ۾ داخل ٿيندڙ عورتن ۾ ڪنورزن، ڊپريشن بعد ٻيو وڏو ذهني مسئلو هيو، ان جي ابتڙ ڪراچي جي آغا خان ريسرچ فائونڊيشن ۾ ڪيل تحقيق موجب صرف ڪجهه واقعا ڪنورزن جا مليا ڇاڪاڻ ته اتي وڌيڪ آزاد خيال ماحول آهي.

پروفيسر ڊاڪٽر الطاف خان جيڪو جنرل اسپتال لاهور جي نفسيات واري شعبي جو سربراهه آهي، نيوز لينز پاڪستان سان پنهنجي مايوسي جو اظهار ڪندي چيو ته اسان جي تفريحي ۽ خبرن جي چينلن پاڪستان جي عوام جي زندگين تي تمام گهڻا منفي اثر وڌا آهن.

هن چيو ته بريڪنگ نيوز جي رواج گهڻن ماڻهن کي ڊپريشن جو شڪار ڪري ڇڏيو آهي. هن خبر کي پيش ڪرڻ جي طريقي جي مذمت ڪئي ۽ آرمي پبلڪ اسڪول ۾ ٿيندڙ قتل عام جي واقعي کي ياد ڪندي چيو ته منهنجو واسطو انهن ڏينهن ۾ ڪيترن ئي اهڙن مريضن سان پيو جيڪي ٽي وي تي ان واقعي جي نامناسب حد تائين تفصيل ڏيکارڻ سبب ذهني دٻاءُ جو شڪار ٿيا هئا.

هن وڌيڪ چيو ته ٽي وي تي ڏيکاري ويندڙ شاندار قسم جي زندگي ۽ هڪ ٻئي کان اڳيان نڪرڻ جي ڊوڙ خاندانن ۾ ويڇا پيدا ڪرڻ شروع ڪيا آهن. معاشي مجبورين جو شڪار ماڻهو اوور ٽائيم ۾ ڪم ڪري جديد طرز زندگي جي مڙهيل معيار تائين پهچڻ جي ڪوشش ۾ لڳل رهن ٿا.

ڊاڪٽر خان چيو ته جڏهن ماڻهو ان معيار تائين نٿا پهچي سگهن ۽ چيلنج کي پورو نٿا ڪري سگهن ته بي وسيءَ جو شڪار ٿي ويندا آهن جيڪو مسلسل بي چيني ۽ آخر ڪار ڪنورزن جو سبب بڻجندو آهي.

هن کي ان ڳالهه جي خوشي آهي ته هاڻ ماڻهن ۾ نفسياتي مسئلن لاءِ مشاورت وٺڻ جو شعور وڌي رهيو آهي پر گڏوگڏ هو سرڪاري اسپتالن ۾ سهولتن جي ناقص فراهمي تي غير مطمئن به آهي، جيئن ته ڪنورزن ڊس آرڊر گهٽ تعليم يافته ۽ معاشي تنگي جو شڪار ماڻهن ۾ وڌيڪ آهي ان لاءِ ان ڳالهه جي سخت ضرورت آهي ته هر سرڪاري ۽ سکيا واري اسپتال ۾ نفسيات جو شعبو قائم ڪيو وڃي.

هن چيو ته لاهور جي جنرل اسپتال کي ڏسو هتي بنيادي سهولتون ۽ مڪمل عملو هجڻ ته پري جي ڳالهه آهي پر اسان وٽ ڪو ايسوسيئيٽ پروفيسر، سينيئر رجسٽرار، ڪلينڪل سائڪلاجسٽ ۽ سماجي ڪارڪن به نه آهن، هتي صرف هڪ طبي نفسياتي معالج آهي جيڪو هڪ ڏينهن ۾ 30 کان وڌيڪ مريضن جو علاج ڪندو آهي، جيڪو تمام گهڻو آهي، اسان وٽ ڪو اهڙو ڪمرو نه آهي جتي ڪنورزن يا ڪنهن ٻئي ذهني مرض ۾ مبتلا مريض کي اڪيلو ويهاري رازداريءَ ۾ ڳالهائي سگهجي جيڪو نفسياتي علاج جو لازمي حصو هجي ٿو.

ورلڊ هيلٿ آرگنائزيشن موجب پاڪستان ۾ هر لک آباديءَ لاءِ صرف هڪ نفسياتي معالج آهي.

جڏهن ته هي اسپتال 1959ع ۾ قائم ٿي، ان جي نفسيات واري شعبي جو قيام صرف چار سال پهريان ٿيو آهي، ڊاڪٽر خان موجب هڪ اهڙي اسپتال جيڪا دماغي علاج لاءِ قائم ڪئي وئي هجي ان ۾ ايتري عرصي تائين نفسيات جي شعبي جو نه هجڻ حڪمرانن جي سنجيدگي تي سواليه نشان اٿاري ٿو.

ڊاڪٽر انيلا جبين جيڪا جنرل اسپتال لاهور ۾ ماهر نفسيات آهي تنهن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سماجي ۽ ثقافتي رڪاوٽن جي ڪري عورتون گڏ موجود مردن جي بدسلوڪيءَ جو شڪار بڻجنديون آهن. اسان جو واسطو سوين ڇوڪرين سان پوندو آهي جيڪي گهر ڇڏينديون آهن ۽ بعد ۾ انهن مردن پاران به ڌڪاريون وينديون آهن ۽ معاشري جي ٻين مردن جي بدسلوڪيءَ جو شڪار ٿينديون آهن. انيلا جبين چيو ته عورتن جو مذهب ۽ عزت، غيرت جي نالي تي استحصال ٿي رهيو آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here