لاهور (دردانه نجم وٽان) لاهور جي سندر انڊسٽريل اسٽيٽ ۾ 4 نومبر 2015ع تي ڊهي پٽ پوندڙ عمارت جي چوڦير جماعت الدعوه جي فلاحي ونگ فلاح انسانيت فائونڊيشن جا رضاڪار فعال انداز ۾ فوج ۽ ريسڪيو 1122 سان گڏجي امدادي سرگرميون سرانجام ڏئي رهيا هئا، جناح اسپتال جي ٻاهران فلاح انسانيت فائونڊيشن هڪ مددگار ڊيسڪ به قائم ڪري رکي هئي ته جيئن متاثر خاندانن جي انهن جي زخمي ٿيندڙ يا فوت ٿيندڙن جي مائٽن جي ڳولا ۾ مدد ڪري سگهجي.
فلاح انسانيت فائونڊيشن جا رضاڪار ڊيوٽي تي موجود ڊاڪٽرن کي کائڻ لاءِ خوراڪ ۽ پيئڻ لاءِ پاڻي به فراهم ڪري رهيا هئا، اِهو سڀ ڪجهه ان وقت ٿي رهيو هو جڏهن پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (پيمرا) اليڪٽرانڪ ميڊيا کي جماعت الدعوه ۽ فلاح انسانيت فائونڊيشن جي سرگرمين جي ڪنهن به قسم جي ڪوريج کان روڪي ڇڏيو آهي جيڪو عالمي ضابطن کي آڏو رکندي ڪيو ويو آهي، ڇو ته انهن تنظيمن تي پابندي هنئي وئي آهي.
ماهر چون ٿا ته جيڪڏهن ڪو اهڙو حڪم نامو جاري ڪيو ويو آهي ته ان مان حڪومت جي انهن مذهبي تنظيمن جي سرگرمين کي روڪڻ جي حوالي سان غير سنجيدگي ظاهر ٿئي ٿي جيڪي نظرياتي طور تي دهشتگردي جي پاسي لاڙو رکن ٿا پر حقيقت ۾ اهو صرف نظر جو دوکو آهي.
ناليواري تجزيه نگار زاهد حسين، جنهن جو ڪتاب Scorpion Tail پاڪستان ۾ ويڙهه تي مستند ترين سمجهي ويندي آهي، جماعت الدعوه جي ميڊيا ڪوريج تي پابندي کي بهتر نٿو سمجهي. هن نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو ته اهڙي نوعيت جي قدمن سان عوام ۾ ڄاڻايل تنظيم لاءِ همدردي جي جذبن ۾ وڌيڪ واڌارو ٿيندو.
هن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن جماعت الدعوه جي سربراهه حافظ محمد سعيد جا جمعي جي نماز جا خطبا رياست ۽ ڀارت مخالف هوندا آهن، جيڪڏهن ان جي تنظيم تي ڪشمير جي حق ۾ ريليون ڪڍڻ تي ڪا پابندي نه آهي، جيڪڏهن ان جي مدرسن ۾ پڙهايو ويندڙ نصاب مان انتها پسنديءَ کي واڌارو حاصل ٿئي ٿو ۽ جيڪڏهن هو لشڪر طيبه ذريعي نام نهاد جهاد لاءِ ڪشمير ۾ سرگرم رهندا آهن ته صرف ان تي ۽ انهن جي تنظيم جي ميڊيا ڪوريج تي پابندي مان ڪجهه حاصل ٿيڻ بابت چوڻ وقت کان اڳ هوندو.
هن چيو ته حڪومت کي جماعت الدعوه ۽ ان سان لاڳاپيل تنظيمن جي سرگرمين تي يا انهن جي جهادي ايجنڊا تي يا وري انهن جي نظام ۾ شفافيت پيدا ڪري، جيڪي انتهاپسند نظرين جي واڌاري ۾ مددگار ثابت ٿيندا آهن، مڪمل پابندي لڳائڻ جي ضرورت آهي. ائين پهريون ڀيرو ناهي ٿيو جڏهن پيمرا خانگي ٽي وي چينلز کي اهو هدايت نامو جاري ڪيو آهي ته هو پابندي پيل تنظيمن جي ڪوريج نه ڪن. 2001ع بعد کان انهي نوعيت جون مختلف فهرستون چينلن جي حوالي ڪيون وينديون رهيون آهن ته جيئن غير قانوني قرار ڏنل تنظيمون ٽي وي تي پنهنجي نقطه نظر جو اظهار نه ڪري سگهن.
قانوني ماهر چون ٿا ته پاڪستاني قانون تحت ميڊيا تي اها پابندي لاڳو ٿئي ٿي ته هو پابندي پيل تنظيمن ۽ خاص ڪري طالبان ويڙهاڪن جي نقطه نظر جي واڌاري کان پاسو ڪن.
دهشتگردي ٽوڙ ايڪٽ 1997ع جي شق (W)11 نفرت تي ٻڌل مواد جي اشاعت ۽ ان جي ورڇ کان علاوه ڪنهن به اهڙي شخص جي ڪوريج تي پابندي لاڳو ڪري ٿو جيڪو دهشتگردي جي سرگرمين ۾ ملوث رهيو هجي. ان قانون تحت ڇهن مهينن تائين سزا ٿي سگهي ٿي. هلندڙ سال جولاءِ جي شروع ۾ ئي حڪومت پاران اها وضاحت ڪئي وئي هئي ته جماعت الدعوه تي پابندي نه هنئي ويندي ڇو ته ان جو دهشتگردن جي گروپ لشڪر طيبه سان ڪو تعلق نه آهي.
جڏهن اطلاعات واري وفاقي وزير کان اهو پڇيو ويو ته حڪومت کي جماعت الدعوه تي پابندي هڻڻ ۾ ايڏو ڊگهو وقت ڇو لڳو ته هن چيو ته پاڪستان جي سالميت ۽ بقاء لاءِ نقصان رسائيندڙ سببن خلاف لڳاتار قدم کڻڻا پوندا. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت تي عالمي دٻاءُ آهي ۽ گڏيل قومن جي چارٽر تحت حڪومت، سلامتي ڪائونسل جي قرارداد 1267 تي صحيح ڪندڙ آهي جنهن موجب جماعت الدعوه تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته اطلاعات جي وزير طور مون کي اهو چوڻ ۾ ڪو عار نه آهي ته اسان عالمي اتفاق راءِ تي ان جي روح موجب عمل ڪندي جماعت الدعوه ۽ ان سان لاڳاپيل تنظيمن جي ميڊيا ڪوريج تي پابندي لڳائي آهي.
جڏهن هن کان اهو سوال ڪيو ويو ته حڪومت جماعت الدعوه جي سرگرمين تي مڪمل طور تي پابندي هڻندي ان جا مدرسا بند ڇو نٿي ڪري ته پرويز رشيد اهو چوندي حڪومت جي پابندي پيل تنظيمن جي حوالي سان پاليسين کي بينقاب ڪيو ته ان باري ۾ ڪو به فيصلو ڪرڻ گهرو وزارت جي ذميواري آهي.
اها ڳالهه حيران ڪندڙ آهي ته حڪومت قومي ايڪشن پلان لاڳو ڪرڻ ۾ سنجيده به آهي يا صرف بي دلي سان عملدرآمد ڪري رهي آهي، ان حڪمت عملي سبب ئي دهشتگردن جي نظرين جي تدارڪ لاءِ حڪومت جي سنجيدگي تي سواليه نشان لڳي وڃي ٿو.
مختلف ميڊيا رپورٽن موجب پنجاب ۾ مڪاني چونڊن ۾ ڪامياب ٿيندڙ تقريبن پنج سئو اميدوارن کي پابندي پيل تنظيمن جي حمايت حاصل هئي، ان مان اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي اسڪروٽني جي طريقيڪار جي حوالي سان سوال پيدا ٿين ٿا ته ان مان اهو به ظاهر ٿئي ٿو ته حڪومت پابندي مڙهيل تنظيمن جي لاءِ نرم رويو رکي ٿي.
پشاور آرمي پبلڪ اسڪول ۾ ٿيندڙ قتل عام تائين پاڪستان جماعت الدعوه کي انهن تنظيمن جي فهرست ۾ شامل ڪرڻ جي حوالي سان مونجهاري جو شڪار هو جن تي پابندي آهي، پاڪستان جي مختلف حڪومتن تي عالمي سطح تي اهي الزام لڳندا رهيا آهن ته هو ”سٺا“ ۽ هو ”برا“ طالبان جي پاليسي تي عمل پيرا آهي ۽ سيڪيورٽي تجزيه نگارن موجب حقاني نيٽ ورڪ ۽ جماعت الدعوه جي طرز جي تنظيمن کي پاڪستان ۾ کليل ڇوٽ ڏني وئي ته جيئن هو افغانستان ۾ دشمن تصور ڪيا ويندڙ ملڪ هندستان ۽ آمريڪا خلاف ڪارروائيون ڪري سگهن.
گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل 2008ع ۾ قرارداد 1267 ذريعي جماعت الدعوه تي پابندي هڻي ڇڏي هئي، اها قرارداد 15 آڪٽوبر 1999ع ۾ پاس ڪئي وئي هئي، جيڪا القاعده ۽ ان جي حامين ۽ تنظيمن تي پابندي بابت هئي. گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جماعت الدعوه تي لشڪر طيبه جو اتحادي هجڻ سبب پابندي لڳائي، جنهن جا القاعده ۽ طالبان سان ويجها رابطا هئا. پاڪستان جماعت الدعوه جي ايس آر او 15 نومبر 2003ع تحت نگراني شروع ڪئي. 2008-2010ع دوران تنظيم جا سمورا دفتر بند ڪيا ويا پر لاهور هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي آخرڪار اها پابندي هٽائي وئي.
ناليواري سيڪيورٽي تجزيه نگار برگيڊيئر (ر) فاروق حميد نيوز لينز پاڪستان سان حافظ سعيد ۽ ان جي پاڪستان سان مطابقت جي باري ۾ ڳالهه ڪئي ۽ چيو ته حافظ سعيد جي ڪشمير مسئلي تي موقف، پاڪستاني عوام جو دليون کٽي ورتيون آهن. هن وڌيڪ چيو ته جماعت الدعوه ۽ فلاح انسانيت فائونڊيشن پنهنجي فلاحي سرگرمين جي ڪري عوام ۾ هر دلعزيز آهن. هن چيو ته حڪومت صرف آمريڪا ۽ گڏيل قومن جا خدشا ختم ڪيا آهن.
برگيڊيئر (ر) فاروق حميد چيو ته منهنجو خيال ناهي ته جماعت الدعوه تي پابندي لڳڻ گهرجي، اسان آمريڪا ۽ اقوام متحده جي نقطه نظر جي ڇو حمايت ڪريون جيڪي ڀارت طرف جهڪاءُ رکن ٿا؟ جماعت الدعوه ۽ ان جي فلاحي ونگ فلاح انسانيت فائونڊيشن جي انتظام هيٺ پنج اسپتالون، ٻه سئو ڊسپينسريون، ايمبولينس جو وڏو تعداد ۽ 250 اسڪول هلي رهيا آهن.
جماعت اسلامي جي ڊپٽي سيڪريٽري فريد پراچا چيو ته نيٽو به سموريون ٽيڪنالاجيون هجڻ باوجود وقت تي نٿي پهچي سگهي. هن پاڪستاني حڪومت جي جماعت الدعوه جي فلاحي سرگرمين جي ميڊيا ڪوريج تي پابندي جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته جماعت الدعوه جو لشڪر طيبه سان ڪو تعلق نه آهي.
تجزيه نگار زاهد حسين چيو ته اها هڪ ڀوڳ جهڙي دعويٰ آهي ته لشڪر طيبه، جماعت الدعوه جو حصو نه آهي، ويڙهه وارين سرگرمين تان ڌيان هٽائڻ لاءِ فلاحي سرگرميون سرانجام ڏيڻ سان حقيقت تي پردو نٿو پئجي سگهي.