هٿرادو ٻار پيدا ڪرڻ جي مرڪزن پاران نگرانيءَ واري قانوني ميڪنزم کانسواءِ ڪم جاري

0
1904
: Photo By News Lens Pakistan / Matiullah Achakzai
: Photo By News Lens Pakistan /

لاهور (ثمر محمود وٽان) صوبائي گاديءَ واري هنڌ لاهور سميت ملڪ جي سمورن وڏن شهرن ۾ فرٽيليٽي مرڪز قائم ٿي چڪا آهن جيڪي قانوني نگراني نه هجڻ ڪري ڪاميابي سان پنهنجو ڪاروبار ڪري رهيا آ هن. اهو تصور به ڪامياب رهيو آهي ته هڪ مرد به ٻار کي پيدا ڪري سگهي ٿو ۽ پنهنجي نسل کي اڳتي وڌائي سگهي ٿو، جنهن لاءِ جوڙن جي جينز جي هڪ ٻئي ۾ منتقلي عمل ۾ آندي ويندي آهي، پر ڪيترن ئي ۽ خاص ڪري حياتياتي سببن جي ڪري بدقسمتي سان اهو طريقيڪار هميشه ڪامياب ناهي رهندو.

جيئن ته انهن حالتن ۾ اهي فرٽيليٽي مرڪز ناممڪن کي ممڪن بڻائڻ طرف وڌندا آهن، جن ۾ بي اولاد جوڙن جي مدد ڪرڻ جا دعويٰ ڪيا ويندا آهن، پر صرف ان تي ئي اتفاق ناهي ڪيو ويندو ۽ هڪ قدم اڳتي وڌندي مقامي ڪيبل آپريٽرن جي مدد سان اليڪٽرانڪ ميڊيا تي به اهڙا اشتهار هلائڻ کان پاسو ناهي ڪيو ويندو.

ڄاڻايل جديد ترين مرڪزن کان علاوه جادو ڦيڻو ڪندڙ ۽ تعويذ ڌاڳو ڪندڙن جي به هڪ الڳ دنيا قائم آهي، جيڪي مرد وارث جي پيدائڻ جي دعويٰ ڪندا آهن، اهي نام نهاد عامل اخبارن ۾ مستقل بنيادن تي اشتهار ڏيندا آهن، انهن عاملن جو رُخ اهي جوڙا ڪندا آهن جيڪي مالي مسئلن جو شڪار هوندا آهن ۽ فرٽيليٽي مرڪزن جي غير اسلامي طبي طريقيڪار جي تحت علاج ڪرائڻ جي سگهه ناهن رکندا، ڪجهه جوڙن لاءِ ان وقت انتهائي ڀيانڪ نتيجا نڪرندا آهن جڏهن هو انهن نام نهاد عاملن جي ڳالهه مڃيندا آهن.

پاڪستان ۾ پهريون آءِ وي ايف (ٽيسٽ ٽيوب جي ذريعي ٻار جي پيدائش) مرڪز 1980ع جي ڏهاڪي ۾ ڊاڪٽر رشيد لطيف خان لاهور ۾ قائم ڪيو، هو پاڪستان جو پهريون ڊاڪٽر هو جنهن 1989ع ۾ پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو ٽيسٽ ٽيوب بيبي پيدا ڪيو.

جڏهن اميد جو ڪرڻو روشن ٿيو ته آءِ وي ايف مرڪزن جي تعداد ۾ اضافو ٿيو ۽ اهڙي طرح مريضن جي شرح به وڌندي وئي جيڪي اهو جديد طريقئه علاج اختيار ڪرڻ چاهين ٿا. جيئن ته پاڪستان ۾ ٽيسٽ ٽيوب جي ذريعي هيستائين پيدا ٿيندڙ ٻارن جا ڪي سرڪاري انگ اکر موجود نه آهن، پر هڪ اندازي موجب تقريب پنج هزار ٻار آءِ وي ايف جي ذريعي پيدا ٿي چڪا آهن.

ناليواري گائناڪالوجسٽ، سنڍپڻ جي ابتدائي ماهرن مان هڪ، آءِ وي ايف، آءِ سي ايس آءِ ڪنسلٽنٽ ۽ پاڪستان ۾ ٽيسٽ ٽيوب ذريعي پهريون ٻار پيدا ڪندڙ پهرين ٽيم جو ميمبر ڊاڪٽر ثاقب صديق، جيڪو مڊ سٽي اسپتال ۾ جديد سهولتن سان تيار فرٽيليٽي مرڪز ۽ آءِ وي ايف ڪلينڪ هلائي رهيو آهي، نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو ته آءِ وي ايف مرڪز بي اولاد جوڙن کي اميد جو هڪ ڪرڻو ڏيکاري رهيا آهن.

هن چيو ته آءِ وي ايف تحت علاج جي باري ۾ آگاهي پيدا ٿي آهي ۽ ان حوالي سان ڪيتريون ئي غلط فهميون ختم ٿيون آهن. هن چيو ته انهن جو اندازو انهن مرڪزن تي ايندڙ مريضن جي تعداد مان لڳائي سگهجي ٿو، پر ان جي باوجود اڃا به گهڻو ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت آهي.

هو چوي ٿو ته ڪو فرٽيليٽي جي موضوع ۽ ان بابت آگاهي تي ڳالهائي رهيو آهي ته ٻه نڪتا آڏو رکڻ جي ضرورت آهي، ماڻهن کي ٻن فڪري گروپن ۾ ورهائن ٿا. پهريون گروپ اهو آگاهه آهي ته سنڍپڻ جو علاج موجود آهي ۽ ٻيو گروپ اهو آهي جيڪو علاج جي باري ۾ ته آگاهه آهي پر اخلاقيات ۽ مذهبي بحثن ۾ الجهيل آهي، ذڪر ڪيل فڪري گروپ اهو يقين رکندو آهي ته سنڍپڻ جو علاج ڪرائڻ غير اسلامي آهي، اهو پنهنجي نظريي کان هڪ انچ به پوئتي هٽڻ لاءِ تيار نه آهي ۽ ان حوالي سان ڪجهه به ٻڌڻ نٿو چاهي.

هن وڌيڪ چيو ته ناخواندگي، اسلامي فتوائن جي باري ۾ آگاهي نه هجڻ ۽ ٻهراڙي وارو پسمنظر اهي بنيادي رڪاوٽون آهن جن جي ڪري عوام جي آءِ وي ايف مرڪزن جي باري ۾ راءِ منفي آهي. مذهبي عالمن جو آگاهي پيدا ڪرڻ جي حوالي سان ڪردار انتهائي اهم آهي، جڏهن سنڍُپڻ جي علاج جي باري ۾ ڳالهه ٿيندي آهي ته هي اهي ماڻهو آهن جن جي هٿن ۾ انهن جوڙن جو مستقبل هوندو آهي، شادي شده جوڙا اسان وٽ اولاد جي خواهش کڻي ايندا آهن پر انهن کي خاندان جي وڏن يا وري والدين پاران سنڍُپڻ جو علاج ڪرائڻ کان منع ڪيو ويندو آهي، ڪجهه انهن جي ڳالهه مڃيندا آهن، ڪجهه اولاد جي خواهش پوري ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندا آهن، هي اڃا به هڪ ٽيبو آهي، جنهن جي باري ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي.

پروفيسر ثاقب هڪ اهم مسئلي تي ڳالهائيندي چيو ته ٽيسٽ ٽيوب ٻار درحقيقت صحيح نالو نه آهي ۽ 19 هين صدي ۾ تخليق ڪيو ويو، آلڊس هڪسلي جي ناول The Brave New World مان اخذ ڪيو ويو آهي، اهو ناول ۾ لکي ٿو ته هڪ ٻار جي نو مهينن تائين ٽيوب ۾ پرورش ٿئي ٿي، جنهن کي پيدائش بعد حياتيابي والدين جي حوالي ڪيو ويندو آهي، جوڙي جا نطفه ۽ تخم جا نمونا حاصل ڪري انهن کي پاڻ ۾ ملائڻ جو عمل آءِ وي ايف بابت آهي، پر نو مهينن تائين ٻار جي پرورش ٽيوب ۾ ممڪن ناهي، جيئن ته جديد دنيا ۾ ان حوالي سان ڪوششون ٿي چڪيون آهن جيڪي ناڪام ثابت ٿيون آهن.

هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ آءِ وي ايف جي تصور کي وڏي پيماني تي غلط طور تي اخذ ڪيو ويو آهي، هن چيو ته اها هڪ معاونتي توليدي ٽيڪنالاجي آهي، جيڪا عورتن جي حامله ٿيڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي آهي، هن چيو ته سادن لفظن ۾ عورت جي جسم مان تخم ڪڍي ليبارٽري ۾ ان تي مختلف تجربا ڪيا ويندا آهن ۽ بعد ۾ ان کي ٻچي داني ۾ واپس رکيو ويندو آهي، ان بعد اها خدا جي رضا آهي ته اولاد پيدا ٿئي ٿو يا نه.

پروفيسر ثاقب چيو ته آءِ وي ايف جي حوصلا شڪني ڪندڙ ماڻهن جي ذهنن ۾ سڀ کان وڏي غلط فهمي ولديت جو مسئلو آهي، ان عمل ۾ ڪنهن غير مرد جو نطفو عورت جي تخم سان ملائڻ جو ته سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي ڇو ته نطفه عطيو ڪرڻ يا ڪنهن ٻئي عورت جي ٻار ڄڻڻ جو ڪو نظام موجود نه آهي، ان باري ۾ ماڻهو ڄاڻ نه ٿا رکن، ماڻهو متبادل جي ڳولا ۾ چڪر ڪاٽيندا آهن، پر انهن طريقن جي غير اسلامي هجڻ سبب پاڪستان ۾ ائين ممڪن نه آهي.

هن پيدا ٿيندڙ ٻار جي صنف جي چونڊ جي باري ۾ ڳالهائيندي چيو ته اسان اهي خدمتون انهن جوڙن کي فراهم ڪندا آهيون جن جون ٽي يا چار نياڻيون هجن، اسان ڪجهه قدرن ۽ قاعدن تي عمل ڪندا آهيون، اسان ائين انهن جوڙن جي لاءِ ناهيون ڪندا جيڪي پنهنجي پهرين اولاد جي طور تي ئي پٽ چاهيندا آهن.

هن هڪ سوال جو جواب ڏيندي چيو ته اهو صحيح آهي ته فرٽيليٽي مرڪزن جي قانوني نگراني نه ٿي پئي ڪئي وڃي، حڪومت انهن مرڪزن کي قانون جي دائره ڪار ۾ آڻڻ لاءِ سوچ ويچار ڪري رهي آهي. هن چيو ته لاهور وانگر هڪ وڏي شهر ۾ گهٽ ۾ گهٽ 50 فرٽيليٽي مرڪز هجڻ گهرجن. پروفيسر ثاقب جيڪو آءِ وي ايف سوسائٽي جي سائنٽفڪ ڪميٽي جو سربراهه آهي، دعويٰ ڪئي ته پاڪستان ۾ آءِ وي ايف تحت علاج ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ گهٽ قيمت تي آهي، پاڪستان ۾ دبئي جي ڀيٽ ۾ هڪ ڏهائي گهٽ قيمت تي ٿي ويندو آهي.

آمريڪا ۽ برطانيا ۾ به انتهائي مهانگو آهي، پاڪستان ۾ آءِ وي ايف جي علاج جو خرچ تقريبن ٽي لک رپيا آهن جيڪو اڃا به ڪيترائي متوسط ۽ هيٺين طبقي سان تعلق رکندڙ جوڙن لاءِ هڪ وڏي رقم آهي.

گائناڪالوجسٽ ڊاڪٽر عائشه خان نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو ته اسلام هڪ ترقي پسند دين آهي ۽ 1980ع جي ڏهاڪي ۾ شروع ۾ مصر جي الاظهر يونيورسٽي فتويٰ جاري ڪئي ته بي اولاد جوڙا جيڪي قانوني طور تي شادي شده هجن، آءِ وي ايف جو ڄاڻايل علاج ڪرائي سگهن ٿا.

ڊاڪٽر عائشه خان ان نقطه نظر سان اتفاق ڪيو ته فرٽيليٽي مرڪز ڪامياب ڪاروبار ڪري رهيا آهن، هن چيو ته فرٽيليٽي مرڪزن جو تعداد وڌي رهيو آهي، جيڪو خوش آئند آهي پر اهو ڳڻتي جوڳو به آهي ڇو ته انهن فرٽيليٽي مرڪزن جي دعوائن کي جاچڻ لاءِ ڪو قانوني مڪينزم موجود نه آهي. اسلامي نظرياتي ڪائونسل مختلف شرطن تحت ٽيسٽ ٽيوب بي بي پيدا ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي، وڌيڪ اهو به چيو ويو آهي ته اسلام ۾ صنف جو تعين ڪرڻ جي ممانعت آهي ۽ ائين صرف شريعت جي حدن ۾ رهي ڪري سگهجي ٿو.

اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي ميمبر ۽ پاڪستان علماءِ ڪائونسل جي چيئرمين حافظ طاهر اشرفي وضاحت ڪئي ته آءِ وي ايف صرف ان صورت ۾ جائز آهي جڏهن نطفه ۽ تخم شادي شده جوڙي سان ئي تعلق رکندو هجي. هن وڌيڪ چيو ته اها هڪ جدت آهي ۽ اسلام پاران مقرر ڪيل حدن جي اندر رهندي ڪئي وڃي ته ان صورت ۾ ڪا به برائي نه آهي، هن چيو ته عورتن پاران ڪنهن ٻي عورت جي ٻچي داني يا تخم يا وري ڪنهن غير مرد جو نطفه استعمال ڪرڻ ڪنهن طور تي به جائز نه آهي.

هن صنف جي چونڊ جي باري ۾ ڳالهائيندي چيو ته جيئن ته اسلامي نظرياتي ڪائونسل ان عمل جي خلاف نه آهي پر ائين ڪنهن به عمل جي لازمي طور تي حوصلا شڪني ٿيڻ گهرجي. هن زور ڀريندي چيو ته ميڊيڪل ڪميونٽي پاران اخلاقي طور ڇوڪري پيدا ڪرڻ تي غور ڪرڻ گهرجي ۽ صرف معاشي فائدن کي آڏو نه رکيو وڃي.

2012ع ۾ انٽرنيشنل ڪميٽي فار مانيٽرنگ اسسٽيڊ ري پروڊڪٽوٽيڪنالاجيز (ICMART) پاران جاري ڪيل هڪ رپورٽ موجب آءِ وي ايف ۽ علاج جي انهي نوعيت جي ٻين قسم بعد سڄي دنيا ۾ 50 لک ٻار پيدا ٿي چڪا آهن. رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته ڪيترائي جوڙا سماجي ۽ معاشي سبب جي ڪري اهو علاج نه ڪرائي سگهيا.

هڪ عورت ثنا لاهور جي هڪ بهترين اداري مان آءِ وي ايف جو علاج ڪرايو. هن نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو ته هوءَ آءِ وي ايف جي پنهنجي واحد ڪوشش ۾ ڪامياب ناهي ٿي. هن جو چوڻ هو ته آءِ وي ايف جو علاج ڪرائڻ کان اڳ به پنهنجو علاج ڪرائيندي رهيس پر هن جي هر ڪوشش ناڪام ثابت ٿي. هن جو چوڻ هو ته هوءَ ڪنهن تي به ان جو الزام نٿي هڻي، پر اهو سوچيندي آهي ته جيڪڏهن برطانيا يا آمريڪا ۾ هجان ها ته شايد حامله ٿي وڃان ها.

پرڏيهه مان پاڪستان جو رخ ڪندڙ مريم نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي بلڪل ئي مختلف ڪهاڻي ٻڌائي. هن چيو ته جڏهن هوءَ شادي جي پنجن سالن بعد به حامله نه ٿي ته هن پرڏيهي ملڪ ۾ جيڪي ٽيسٽ ۽ علاج ڪرايو اهو چڱو مهانگو هو جيئن ته هن انهن امڪانن تي غور شروع ڪري ڇڏيو جن تي خرچ وڌيڪ نه اچي. ان وقت مريم آخرڪار پاڪستان اچڻ جو فيصلو ڪيو جتي آءِ وي ايف جو علاج نسبتن سستو هو، هن ملڪ مون کي ٻار جي نعمت سان نوازيو آهي ۽ ائين هڪ ماءُ جي طور تي منهنجي سڃاڻپ بحال ٿي آهي.

هڪ تحقيقي مقالو بعنوان پاڪستاني عورتن ۾ ثانوي سنڍپڻ دوران خطرا موجب بنيادي (جڏهن جوڙا ٻار کان محروم رهيا) ۽ ثانوي سنڍپڻ (هڪ ڀيرو حامله ٿيڻ بعد هڪ سال تائين حامله نه ٿيڻ) جي شرح ترتيبوار تقريبن پنج ۽ 18 ، جڏهن ته عالمي سطح تي اها شرح 10 کان 15 سيڪڙو تائين آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here