ڏکڻ وزيرستان: آءِ ڊي پيز جي واپسيءَ جو سلسلو جاري، بنيادي ڍانچو مڪمل نه ٿيو

0
1887
: Photo By News Lens Pakistan /
IDPs Repatriation : Photo By News Lens Pakistan / Rehmat Mehsud

اسلام آباد (رپورٽ: رحمت محسود) قبائلين موجب لڏپلاڻ ڪندڙ هزارين خاندان ويڙهه سبب متاثر ٿيل علائقي ڏکڻ وزيرستان ۾ ٻيهر آباد ٿي رهيا آهن، جتي هو پنهنجين زندگين جي شروعات نئين انداز سان ڪري سگھندا، ڇو ته نه صرف سندن گھر پر ٻيون اڏاوتون به ويڙهاڪن خلاف فوجي ڪارروائيءَ سبب جزوي يا مڪمل طور تي تباهه ٿي چڪيون آهن.

2009 ۾ فوج پاران ڏکڻ وزيرستان ۾ طالبان خلاف راهه نجات جي نالي هيٺ فوجي آپريشن شروع ڪيو ويوهو، ان قبائلي علائقي ۾ پاڪستاني طالبان جي جوڙجڪ عمل ۾ آئي هئي. انهن طالبان پاران ڪيل دهشتگرد ڪاررواين جي ڪري هزارين خاندانن ملڪ جي مختلف ضلعن ڏانهن لڏپلاڻ ڪئي هئي.

جڏهن ست سال اڳ هن علائقي مان رياست مخالفن ۽ سندن حامين کي شڪست ڏيڻ لاءِ فوجي آپريشن جي شروع ڪيوويو ته سوين خاندان پنهنجا گھرگھاٽ ڇڏڻ تي مجبور ٿيا. اهڙين حالتن ۾ ڏکڻ وزيرستان واپس ويندڙ قبائلي ان ڳالهه تي ناخوش هوندي به ان عزم جو اظهار ڪري رهيا آهن ته جيڪڏهن طالبان ٻيهر سندن علائقن طرف آيا ته هو پاڪ فوج سان گڏجي سندن مقابلو ڪندا.

: Photo By News Lens Pakistan / Rehmat Mehsud
IPDPs Repatriation : Photo By News Lens Pakistan / Rehmat Mehsud

مقامي قبائلي نيڪ محمد، جيڪو پنهنجي خاندان جي اٺن ڀاتين سان سان گڏجي لڳ ڀڳ ساڍن ستن سالن تائين دربدري واري زندگي گذارڻ بعد تازو ئي پنهنجي ڳوٺ واپس موٽيو آهي، چوي ٿو ته اسان ويڙهاڪن جي سرگرمين سبب گھرگھاٽ ڇڏڻ تي مجبور ٿياسين ۽ تڪليفون برداشت ڪندا رهياسين، پر ان باوجود پنهنجي ڌرتيءَ تي مرڻ کي ترجيح ڏينداسين.

دهشتگرديءَ خلاف جنگ دوران پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز جا هزارين اهلڪار شهيد ۽ زخمي ٿيا. نوبل انعام حاصل ڪرڻ واري اداري “انٽرنيشنل فزيشن فار دي پريوينشن آف نيوڪليئر وار” پاران ويجهڙائيءَ ۾ تفصيلي رپورٽ جيڪا “2004 کان 2013 تائين دهشتگرديءَ خلاف جنگ جي ڏهن سالن تائين ٿيندڙ قتل عام جي عنوان سان جاري ٿي، ان رپورٽ مطابق ڏهن سالن دوران گھٽ ۾ گھٽ 80 هزار پاڪستاني زندگي وڃائي ويٺا آهن جن ۾ سيڪيورٽي اهلڪار، شهري ۽ ويڙهاڪ شامل آهن.

44 سالن جي هڪ هاري محمد نواز، جيڪو پنهنجي ڳوٺ ۾ واپس اچي چڪو آهي، چوي ٿو ته پنهنجي خاندان سميت اباڻي گهر موٽيس ته ڏٺم منهنجو گھر مڪمل طور تي تباهه ٿيل هيو. سيڪيورٽي فورسز ۽ طالبان وچ ۾ ٿيل گولا باريءَ جي ڪري ٽئي ڪمري ڊهي چڪا هئا جنهن ڪري اسان گھر جي پٺئين پاسي واري پڌر ۾ رهائش اختيار ڪئي. آءِ ڊي پيز جي واپسيءَ جو عمل گذريل هڪ سال کان جاري آهي، جڏهن فوج ڪجهه علائقن کي ويڙهاڪن کان خالي ڪرايو هو.

مقامي انتظاميا جي هڪ سينئر آفيسر نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو ته ”هر واپس ايندڙ خاندان کي سفر ۽ ٻين خرچن جي ڏس ۾ 35 هزار روپيا ادا ڪيا وڃن ٿا“. هن وڌيڪ چيو ته اهڙي مالي مدد کان علاوه هر خاندان کي 6 مهينن تائين راشن فراهم ڪرڻ کان علاوه بورچي خاني ۾ استعمال ٿيندڙ سامان ۽ خيما به فراهم ڪيا پيا وڃن.

ڄاڻايل آفسير وڌيڪ چيو ته واپسيءَ جو عمل مختلف مرحلن تحت جاري آهي ۽ پختو امڪان آهي ته آءِ ڊي پيز جي واپسيءَ جو آخري مرحلو ڊسمبر 2016 تائين مڪمل ٿي ويندو. اڳوڻي سفارتڪار، قبائلي ۽ افغان معاملن جي ماهر رستم شاهه مهمند جو چوڻ آهي ته آءِ ڊي پيز کي سندن تباهه ٿيل گھرن ۾ ٻيهر آباد ڪرڻ هڪ “سياسي چال” آهي جنهن جي ڪري آءِ ڊي پيز کي وڌيڪ ذليل ۽ خوار ٿيڻو پيو آهي. هن وڌيڪ چيوته حڪومتي عملدارن کي آءِ ڊي پيز جي واپسيءَ جو عمل شروع ڪرڻ کان اڳ گھرن ۽ اسپتالن جي تعمير کان علاوه صاف پاڻيءَ جي فراهمي يقيني بنائڻ گھرجي ها پر ان ڏس ۾ ڪجهه به نه ڪيو ويو.

قبائلين جي هڪ وڏي انگ جو چوڻ آهي ته ڳوٺن جا ڳوٺ کنڊر بڻجي چڪا آهن جنهن ڪري گھرن ۾ رهڻ ممڪن ناهي رهيو. هڪ قبائلي سجاد احمد چيو ته منهنجو گھر 11 ڪمرن تي مشتمل هيو پر هاڻي سڀئي ڪمرا ڊٿل آهن ۽ گھر جا دروازا ۽ دريون چوري ٿي ويا. هو هڪ سرڪاري ملازم آهي جيڪو پنهنجي ڳوٺ ۾ ٻه ڏينهن گذارڻ بعد تازو ئي واپس موٽيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته تعليمي ادارا ۽ اسپتالون نه هجڻ ۽ گھر ڊهي پوڻ ڪري هن واپس ڊيره اسماعيل خان جو رخ ڪيو ۽ هاڻي ڪرائي جي هڪ گھر ۾ رهائش اختيار ڪئي آهي. هي ڏکڻ وزيرستان سان لڳو لڳ خيبرپختونخوا ه صوبي جو هڪ ضلعي هيڊڪوارٽر آهي.

مقامي قبائلي ۽ سرڪاري عملدار چون ٿا ته سيڪيورٽي فورسز ۽ ويڙهاڪن وچ ۾ ڪيترن سالن تائين ٽڪراءَ جي ڪري پرڳڻي ۾ گھرن ۽ ٻنين کي وڏي پيماني تي نقصان پهتو آهي. آمريڪي صدر باراڪ اوباما پاڪستان جي قبائلي علائقن کي دنيا جو خطرناڪ ترين پرڳڻو قرار ڏئي چڪو آهي. قبائلي علائقن ۾ ڪم ڪندڙ هڪ ٿنڪ ٽينڪ فاٽا ريسرچ سينٽر جي انگن اکرن مطابق ڏکڻ وزيرستان جي آبادي 4 لک 30 هزار آهي پر غيرسرڪاري انگن اکرن موجب ان علائقي جي مجموعي آبادي 6 لکن جي لڳ ڀڳ آهي.

فاٽا ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي ڏکڻ وزيرستان جي ڪوآرڊينيٽر سيد عمر چيو آهي ته بحالي ۽ نئين سر اڏاوت واري يونٽ کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ته اهي فاٽا ۾ گھرن ۽ ٻين اڏاوتن کي پهتل نقصان جو ڪاٿو لڳائڻ لاءِ سروي جو ڪم شروع ڪن.

هن وڌيڪ چيو ته مقامي انتظاميا ۽ فوجي آفيسرن کان علاوه قبائلي چڱا مڙس به سروي مڪمل ڪرڻ ۾ ان يونٽ جي مدد ڪري رهيا آهن ته جيئن قبائلين کي جلد کان جلد معاوضو ادا ڪري سگھجي.

ايف ڊي ايم اي جي رابطي واري عملدار سيد عمر نيوز لينز پاڪستان کي وڌيڪ ٻڌايوته سروي مڪمل ٿيندي ئي جزوي ۽ مڪمل طور تي تباهه ٿيل گھرن جي مالڪن کي ترتيبوار ڏيڍ کان چئن لک روپين تائين معاوضو ادا ڪيو ويندو.

هوڏانهن سجاد احمد پاران آءِ ڊي پيز جي گھرن جي اڏاوت لاءِ مقرر ڪيل فنڊن جي ورهاست ۾ شفافيت تي اعتراض اٿاريا ويا آهن. هن جو ان ڳالهه تي زور آهي ته چئن لکن مان هڪ گھر جي تعمير ڪيئن ممڪن ٿي سگهي ٿي؟. هن افسوس وچان چيو ته ڇا توهان ايترن پيسن مان منهنجي لاءِ هڪ ڪمرو تعمير ڪرائي سگھو ٿا؟.

ٻئي طرف سيد عمر جو چوڻ هيو ته خيبر، ڪرم، اورڪزئي ۽ اتر وزيرستان ۾ به نقصانن جو ڪاٿو لڳائڻ لاءِ اهڙي قسم جو سروي ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته ڏکڻ وزيرستان ۾ مجموعي طور تي 63،722 رجسٽرڊ ۽ غيررجسٽرڊ خاندان واپس پنهنجي گھرن ڏانهن موٽي چڪا آهن.

ويڙهاڪن کان خالي ڪرايل هن علائقي کي ڪنهن وقت ۾ دهشت ۽ خوف جي پاڇن پنهنجي گھيري ۾ وٺي رکيو هيو. مختلف خاندانن جي واپسيءَ جي عمل ۾ ان ڪري به تيزي آئي آهي ته انهن علائقن کي ويڙهاڪن کان خالي ڪرائڻ لاءِ ڇهن سالن تائين جاري رهندڙ فوج جي آپريشن سبب ماڻهن کي لڏپلاڻ ڪرائي وئي هئي.

تجزيه نگارن ۽ قبائلين پاران حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته ويڙهاند سبب متاثر ٿيل علائقن ۾ ترقياتي رٿائون شروع ڪيون وڃن ته جيئن انتها پسندن جي حوصلن کي ختم ڪرڻ وارو جٽادار ڪم ممڪن ٿي سگهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here