خيبرپختونخواه ۾ جعلي دوائن جو وڪرو عروج تي، ڪيترائي اجل جو شڪار

0
1763
: Photo By News Lens Pakistan / Matiullah Achakzai
: Photo By News Lens Pakistan / Matiullah Achakzai

پشاور (رپورٽ: وصال يوسفزئي) ورلڊ هيلٿ آرگنائزيشن (ڊبليو ايڇ او) جي هڪ رپورٽ موجب سڄي دنيا ۾ هر سال تقريبن 10 لک ماڻهو جعلي دوائون واپرائڻ سبب اجل جو شڪار ٿي وڃن ٿا ۽ ان حوالي سان پاڪستان ۾ موت جي شرح وڌيڪ آهي. 2012ع ۾ پاڪستان ۾ صرف هڪ واقعي ۾ 120 ڄڻا دل جي مرض جون جعلي دوائون استعمال ڪرڻ سبب فوت ٿي ويا هئا.

جعلي دوائن جو انڪشاف ڪنهن ٻئي نه پر اڳوڻي وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ 2010ع ۾ ڪيو هو، جڏهن هن اهو چيو ته پاڪستان ۾ وڪرو ٿيندڙ تقريبن 50 سيڪڙو دوائون جعلي ۽ غير معياري آهن.

پاڪستان جعلي دوائن جي ڪاروبار ۾ ملوث بليڪ مارڪيٽ جو پتو لڳائڻ لاءِ ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي به قائم ڪري رکي آهي.

پاڪستان فارماسسٽ ايسوسيئيشن کان مليل انگن اکرن مان اهو انڪشاف ٿئي ٿو ته پاڪستان ۾ تقريبن چار هزار فارميسين کي لائسنس جاري ڪيا ويا آهن جڏهن ته هڪ لک ميڊيڪل اسٽور اهڙا آهن جتي غير قانوني طور تي اهي دوائون وڪرو ڪيون پيون وڃن.

پنجاب هيلٿ ڪيئر ڪميشن ۾ ڪميونيڪيشن جي شعبي جي اڳوڻي سربراهه ڊاڪٽر شبانه حيدر چئي ٿي ته هڪ فارميسي ۽ جنرل اسٽور جي وچ ۾ واضح فرق آهي ته فارميسي تي ڊاڪٽر جي نسخي کانسوءِ دوا وڪرو ڪرڻ منع آهي جڏهن ته ميڊيڪل اسٽورن تي مختلف دوائون جهڙوڪ وٽامنز، نان سٽيروئيڊل دوائون (اين ايس اي آءِ ڊي)، باهه کان متاثر زخمن جي علاج، سور کان نجات ۽ بخار جون دوائون وڪرو ڪري سگهجن ٿيون.

اين ايس اي آءِ ڊي کان علاوه ميڊيڪل اسٽورن کي ڪنهن ٻئي قسم جون دوائون وڪرو ڪرڻ جي اجازت نه آهي. فارميسي ۽ ميڊيڪل اسٽور ۾ هڪجهڙائي اها شرط آهي ته ٻئي ڪواليفائيڊ فارمسٽ کانسواءِ دوائون وڪرو نٿا ڪري سگهن.

ڊاڪٽر شبانه حيدر وڌيڪ چيو ته پاڪستان جو معاملو انتهائي غير معمولي آهي جتي هڪ وڏي تعداد ۾ ميڊيڪل اسٽورن کي ڪم ڪرڻ جي کليل ڇوٽ ڏني وئي آهي جڏهن ته ترقي يافته ملڪن ۾ ائين بلڪل ناهي ٿيندو. هن ان خيال جو به اظهار ڪيو ته پاڪستان ۾ فارميسيون ماهر ۽ سرٽيفائيڊ فارماسسٽ ناهن هلائي رهيا. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن اسان قانونن جي ڳالهه ڪريون ته هڪ ڊاڪٽر کي فارميسي کولڻ جي اجازت نه آهي، اهو حق صرف فارماسسٽ کي ئي حاصل آهي جنهن جي تربيت دوائون فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪيل هجي ٿي.

پاڪستان جي ٻين شهرن وانگر پشاور ۾ موجود مافيا به ماڻهن جي زندگين سان کيڏي رهي آهي. ڪي پي ڪي اسيمبلي خيبرپختونخواه هيلٿ ڪيئر ڪميشن ايڪٽ 2015ع منظور ڪيو هو، ان جو نوٽيفڪيشن 13 مارچ 2015ع تي جاري ڪيو ويو، ان ايڪٽ جو بنيادي مقصد اهو آهي ته طبي شعبي کي مرڪزي وهڪري ۾ آندو وڃي ۽ ماڻهن کي موثر ۽ اعليٰ معيار جون خدمتون فراهم ڪيون وڃن.

ايڇ سي سي هاڻ هيلٿ ريگيوليٽري اٿارٽي (ايڇ آر اي) جون ذميواريون ادا ڪندو، ذڪر ڪيل ادارو 2002ع ۾ قائم ڪيو ويو هو، جنهن جي مقصدن ۾ سمورا نقطه شامل هئا پر قانون ۽ ضابطه نه هجڻ ڪري اهو مناسب انداز ۾ ڪم نه پيو ڪري سگهي.

اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ ڊاڪٽر محمد ظفر، جيڪو ايڇ سي سي قانون جي تحت ٺهندڙ بورڊ آف ڊائريڪٽرز جو ميمبر به آهي، نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو ته ايڇ سي سي ايڪٽ 2015ع کي آڏو رکندي قانون ۽ ضابطا جوڙيا ويا آهن جيڪو مختلف ڊاڪٽرن ۽ ڪلينڪن جي ڪم جي دائري جو تعين ڪندو ۽ جيڪڏهن ڪا خلاف ورزي ڪئي وڃي ٿي ته ذميوارن کي سزا ڏني ويندي، جعلي دوائن جي وڪري ۽ عطائي ڊاڪٽرن جي سزا وڌ کان وڌ 6 مهينا قيد ۽ 10 لک رپيا ڏنڊ آهي.

هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ايڇ سي سي پنهنجو ڪم پوليس ۽ ضلعي حڪومت جي مڪمل معاونت سان ڪندي ته جيئن قانون جي خلاف ورزي ڪرڻ وارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سگهجي.

نيوز لينز پاڪستان کي ايڇ سي سي کان مليل انگن اکرن موجب ايڇ سي سي پاران ضلعي حڪومتن کي نوٽيفڪيشن ذريعي اها اجازت ڏني وئي آهي ته اهي اهڙن طبي مرڪزن خلاف ڪارروائي ڪن جيڪي قانوني جي خلاف ورزي ڪري رهيا آهن، جنهن بعد اپريل 2015ع کان هيستائين تقريبن 740 مختلف طبي مرڪز سيل ڪيا ويا آهن جن ۾ ليبارٽريون، سرڪاري اسپتالون، ڊينٽل ڪلينڪ ۽ اسپتال شامل آهن، جيڪي نيم حڪيم هلائي رهيا هئا جڏهن ته وڏو تعداد ميڊيڪل اسٽورن جو به هو جتي غير تربيت يافته فارماسسٽ خدمتون سرانجام ڏئي رهيا هئا.

ايڊيشنل اسسٽنٽ ڪمشنر پشاور الطاف حسين 8 سيپٽمبر 2015ع تي نمڪ منڊيءَ ۾ هڪ هول سيل ڊيلر جي پيڪيجنگ يونٽ تي ڇاپو هنيو ۽ هڪ لک جعلي دوائون هٿ ڪيون، انهي مهيني پشاور جي ٻن ڊپارٽمينٽل اسٽورن تان جنسي طاقت جي علاج لاءِ استعمال ٿيندڙ 290 غير رجسٽرڊ دوائون قبضي ۾ ورتيون ويون.

خيبرپختونخواه جي چيف ڊرگ انسپيڪٽر سردار افراسياب نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو ته سڄي صوبي ۾ صرف 30 ڊرگ انسپيڪٽر آهن جيڪي هزارن جي تعداد ۾ قائم ميڊيڪل اسٽورن خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ ناڪافي آهن. هن چيو ته حڪومت لازمي طور تي وڌيڪ ڊرگ انسپيڪٽر ڀرتي ڪري ڇو ته وسيلن جي کوٽ ۽ امن امان جون حالتون صحيح نه هجڻ ڪري صورتحال وڌيڪ خراب ٿي وئي آهي.

خيبرپختونخواه جي ڊرگ انسپيڪشن ٽيم جنوري کان جولاءِ 2015ع دوران تقريبن 8 هزار 960 ميڊيڪل اسٽورن تي ڇاپا هنيا جن مان 344 سيل ڪيا ويا جڏهن ته 15 ڄڻن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي.

پاڪستان فارماسيوٽيڪل ايسوسيئيشن خيبرپختونخواه جي صدر احسان الله نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو ته خيبرپختونخواه ۾ فارماسسٽن جي کوٽ آهي جنهن ڪري صحت جو شعبو مشڪلاتن جو شڪار آهي. هن وڌيڪ چيو ته خيبرپختونخواه جي مختلف تعليمي ادارن مان هر سال هڪ هزار فارماسسٽ تعليم مڪمل ڪري نڪرندا آهن، پر انهن جون خدمتون حاصل ناهن ڪيون وينديون، جنهن ڪري هزارين ماڻهو جعلي دوائن جي خراب اثرن سبب فوت ٿي ويندا آهن، جن جون حياتيون بچائي سگهجن ٿيون.

هن جو چوڻ هو ته پشاور ۾ تقريبن 10 هزار ميڊيڪل اسٽور ڪم ڪري رهيا آهن جن ڪواليفائيڊ فارماسسٽن جون خدمتون حاصل ناهن ڪيون. احسان الله ٻڌايو ته گذريل سال ليڊي ريڊنگ اسپتال ۾ هڪ عورت جعلي انجيڪشن لڳڻ سبب فوت ٿي وئي هئي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here