!ڪيلاش وادي جي ثقافت خطرن ۾ گهيريل، زبردستي مسلمان بنايو پيو وڃي

0
1660
: Photo By News Lens Pakistan / Alizer Bukhari
Kalash

هنزه (سميرا علي وٽان) چئن ورهين جي آمنه ريم ڪيلاش وادي ۾ درياءَ جي ڪناري پاڻيءَ ۾ پنهنجا پير لٽڪائي ويٺي آهي، هوءَ حسن جو هڪ ڀرپور نمونو آهي جيڪو واديءِ ڪيلاش ۾ هر هنڌ نظر ايندو آهي، جڏهن ته انتها پسند ان خوبصورتيءَ کي ختم ڪرڻ چاهين ٿا.

اخباري رپورٽن موجب ڪيلاش قبيلي جي ماڻهن کي طالبان ۽ ٻين مذهبي انتهاپسندن پاران ڊيڄاريو، ڌمڪايو ويندو رهيو آهي، جيڪي اسلام جي نالي تي مذهبي اڻ برابريءَ کي وڌائڻ جا خواهشمند آهن. هن اقليتي گروپ کي ڊيڄارڻ لاءِ مختلف طريقا استعمال ڪيا ويندا رهيا آهن ته جيئن هي پنهنجي اباڻي وادي ڇڏي ڏين جيڪا پنهنجي الڳ ثقافت سبب مشهور آهي.

چترال جي مٿانهين علائقي مان چونڊيل صوبائي اسيمبلي جي ميمبر سردار حسين پاران ڏنل سرڪاري انگن اکرن موجب پاڪستان جي هيءَ بت پرست ڪميونٽي، جن جي آبادي 20 هزارن تي ٻڌل هوندي هئي، سا هاڻ گهٽجي صرف ٽي هزار وڃي رهي آهي ۽ ڪجهه سالن دوران اهو رجحان ڳڻتي جوڳي حد تائين وڌي ويو آهي.

واديءِ ڪيلاش خيبرپختونخواه جي ضلعي چترال جي حدن ۾ اچي ٿي ۽ هي علائقو وڏن جبلن جي فطري حسن سان مالا مال آهي، وڻن ۾ موسمي ميوا لٽڪندي نظر ايندا آهن، جن مان ڪجهه مان مقامي طور تي وائن تيار ڪئي ويندي آهي، جيڪا هن علائقي جي رهواسين جي روايتي سرگرمي آهي.

واديءِ ڪيلاش جي خوبصورتي هن ڌرتي تي رهندڙ ماڻهن جي چهرن مان به نظر ايندي آهي، جن تي نمايان تاثر، انفراديت ۽ چمڪندڙ رنگ وڻندڙ آهن، جنهن ڪري هي ٻين کان بلڪل ئي مختلف نظر ايندا آهن.

پاڪستان اڳ ئي گهڻ رخي ثقافت کان محروم ڪيل آهي ۽ هاڻ هڪ ٻئي اقيلتي گروهه جي بقاء کي خطرو آهي جنهن جي ثقافت ۽ روايتون دنيا جي مختلف ملڪن سان تعلق رکندڙ هزارين سياحن جو پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪرائينديون آهن.

گهڻ رخي ثقافت جو گهٽجڻ ملڪ جي سياحتي صنعت لاءِ هڪ وڏو لوڏو ثابت ٿيندو جيڪو مستقل طور زوال طرف وڌي رهيو آهي.

واديءِ ڪيلاش جي هڪ مقامي رهواسي گل وزير نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو ته سندس ڪميونٽي ختم ٿيڻ جي خطرن ۾ گهيريل آهي. هن چيو ته اسان طالبان کان علاوه ٻين مذهبي انتها پسند گروهن جي ڌمڪين کي منهن ڏئي رهيا آهيون، جيڪي اسان ماڻهن کي پنهنجي مذهبي انتها پسندي واري پاليسي جي واڌاري ۾ رڪاوٽ سمجهندا آهن ته ٻئي پاسي اسلام قبول ڪرڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي.

هن ان پاسي به اشارو ڪيو ته سندن سڄو گذر سياحت تي آهي، هڪڙو دور هو جڏهن وڏي تعداد ۾ پرڏيهي سياح هن علائقي جو رخ ڪندا هئا، جيڪي فطري حسن، ثقافتي ورثي ۽ روايتي ميلن مان لطف ماڻيندا هئا. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت پاران قدم نه کڻڻ ڪري واديءِ ڪيلاش جا رهواسي نه صرف پنهنجي سڃاڻپ کان محروم ٿي رهيا آهن پر معاشي مشڪلاتن سبب به سندن تڪليفن ۾ اضافو ٿيو آهي.

اطلاعات واري وفاقي وزير پرويز رشيد نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو ته وفاقي حڪومت پاران مقامي انتظاميا کي سختيءَ سان هدايت ڪئي وئي آهي ته هو مقامي ڪميونٽي جي تحفظ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي. هن وڌيڪ چيو ته اها حڪومت جي ذميواري آهي ته واديءِ ڪيلاش جي رهواسين جي ڪلچرل ڊائيورسٽي کي محفوظ بڻائي ڇو ته ثقافت کاتي جي معاشي وسيلن جو هڪ وڏو حصو ان علائقي ۾ سياحتي سرگرمين مان حاصل ٿيندو آهي.

خيبرپختونخواه جي سياحت کاتي جي سوشل ميڊيا ڪوآرڊينيٽر آصف بشير چيو ته صوبائي حڪومت مقامي ڪميونٽي ۽ انهن جي ورثي کي محفوظ بنائڻ لاءِ ڪافي قدم کنيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته اسان ڪيلاش ثقافت جي تحفظ جي نالي تي هڪ پروگرام شروع ڪيو آهي ۽ ان لاءِ ڪجهه غير سرڪاري تنظيمن جي به مدد حاصل ڪئي آهي.

هن واديءِ ڪيلاش جي رهواسين کي پيش ايندڙ خطرن بابت ڳالهائيندي چيو ته وادي ۾ جنهن جون سرحدون افغانستان سان به مليل آهن، سيڪيورٽي چيڪ پوسٽون قائم ڪيون ويون آهن. هن انڪشاف ڪيو ته 2009ع ۾ سرحد پار ايندڙ طالبان ڪجهه ڪيلاش عورتن کي به اغوا ڪيو هو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here