مڪلي جي جبلن ۾ ٿيندڙ ڌماڪن سبب عوام آزار ۾ ورتل: تاريخي عمارتون خطري هيٺ

0
3842

ٺٽو(اقبال خواجه وٽان) مڪلي ۽ ڀر پاسي ۾ کاڻن ۽ ڪرشنگ سبب شهر ۾ قائم ايشيا جي ٻيونمبر وڏو قبرستان، تاريخي مقبرا، ڳتيل آبادي وارا علا ئقه ، ضلع جيل، اسٽيڊيم، ترڪ حڪومت پاران 2010 جي ٻوڏ متاثرين لاءِ جوڙيل ڪمپليڪس ۽ شاندار پس منظر رکندڙ تعليمي ادارا خطرن ۾ گھيريل آهن.

نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي سنڌ اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر ۽ ٺٽي جي رهواسي حميرا علواڻي چيو ته سڄو ڏينهن ٿيندڙ ڌماڪن جو آواز علا ئقي واسين کي تنگ ڪندو رهي ٿو ۽ زمين اندر ٿر ٿراهٽ به محسوس ٿيندي رهندي آهي، جيڪو تمام آزاريندڙ عمل آهي.

صوبائي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر ۽ سنڌ ۾ حڪومتي ڌر پيپلز پارٽي، ٺٽي جي جنرل سيڪريٽري صادق علي ميمن هن حوالي سان ٻڌايو ته آرمي پبلڪ اسڪول، سيمينٽ فيڪٽري ۽ شهر جي ڀر پاسي ۾ ڪرشنگ جاهڪ ڊزن کان وڌيڪ پلانٽ ڪم ڪري رهيا آهن. اتي پٿرن کي بارود سان ٽوڙڻ لاءِ ڌماڪن جو استعمال معمول جي ڪارروائي آهي. انهن مان مختلف قسم جا پٿر تيار ٿيندا آهن، جنهن ۾ ريتي ۽ بجري پڻ شامل آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڌماڪن سبب نه رڳو تعميرات جو ڪم متاثر ٿئي ٿو پر عوام به ڪافي پريشانيءَ کي منهن ڏئي ٿو. جڏهن ته ڪافي عمارتون نه صرف ڪمزور ٿي ويون آهن بلڪه انهن ۾ ڏار به پئجي ويا آهن.

گورنمينٽ ڪاليج مڪلي جي پرنسيپال ڊاڪٽر محمد علي مانجھي، نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو ته کاڻن ۽ ڪرشنگ سبب ٿيندڙ ڌماڪن جي ڪري سرڪاري توڙي نجي تعليمي ادارا جن ۾ آرمي پبلڪ اسڪول ۽ ڪاليج، ڪانسيپٽ اسڪول اينڊ ڪاليج، سٽي اسڪول، شاه لطيف پبلڪ اسڪول، مخدوم هاءِ اسڪول، نيو ڪڊس اسڪول اينڊ ڪاليج، وزڊم اسڪول ۽ مشعل اسڪول شامل آهن، سخت متاثر ٿيندا رهن ٿا.

ثقافت کاتي سنڌ ۾ ڊائريڪٽر جنرل رهندڙ ڊاڪٽر محمد علي خبردار ڪيو ته انهن ڌماڪن سبب نه رڳو نين ٺهندڙ عمارتن پر اڳ موجود تاريخي عمارتن ۽ مقبرن جن ۾ ڄام نظام الدين، عيسي! خان ترکان، دولھ درياءَ خان، مائي مڪلي، ڪالا ڪوٽ ۽ ٻيا تاريخي ماڳ شامل آهن، کي پڻ خطرو ٿي سگھي ٿو.

نيوز لينز پاڪستان پاران ڪرشنگ پلانٽن جي مالڪن سان رابطي ڪرڻ تي هڪ مالڪ يوسف خان انڪشاف ڪيو ته هو پنهنجو ڪاروبار هلائڻ لاءِ رشوت ڏين ٿا. هن ٻڌايو ته حڪومتي ڌر ۽ قومپرست جماعتن سان واڳيل ڪجھ اهم ماڻهن کي هو ريتي ۽ بجري بنان معاوضي ڏيندا آهن، جنهن ڪري هو سندن ڪاروبار کي نقصان ناهن پهچائيندا. هن تسليم ڪيو ته لاڳاپيل اختيارين پاران حصو پتي وٺڻ سبب با اثر شخصيتون غير قانوني طور اڇي ۽ ڪاري جون مالڪ بنجي ويهن ٿيون. واضح رهي ته ڪرشنگ پلانٽن جا مالڪ گھڻي ڀاڱي پختون آهن.

پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ ڪائونسل جي ميمبر ڊاڪٽر الطاف خواجه، قومي عوامي تحريڪ جي صوبائي نائب صدر دادا قادر رانٽو۽ ٻين باشعور رهواسين جو چوڻ آهي ته هي علائقا، ڪراچي، حيدرآباد، بدين، ڪيٽي بندر، سجاول ۽ ٻين شهرن ۽ ڳوٺن وچ۾ راهداري جي حيثيت رکن ٿا. ان ڪري انهن علائقن کي تباه ڪرڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگھجي. هنن مطالبو ڪيو ته حڪومت سندن علائقن کي بچائڻ لاءِ جوڳا اپاءَ وٺي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here