ٿر تي ريگستاني هوائن جو راڄ، ڪارونهوارٺپ

0
5428

عمرڪوٽ (الله بخشآريسر وٽان) ٿر ۾ هلندڙ ريگستاني هوائن جي ڪري نه رڳو آبادي لائقزمينمتاثر ٿي رهي آهي پر انسانن، پکين ۽ چوپائي مالکي به وڏو خطرو آهي. ان حوالي سانماحوليات جي ماهر ڊاڪٽر منهال نوهڙي نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيوته نه رڳو انسان، چوپايو مال پر ريگستاني هوائن سببخوراڪ جي ڳولا ۾ نڪرندڙ پکين کي به اڏامڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچن ٿيون.واري ۽ ڌوڙ وارو گاھ کائڻ سببچوپائي مالجو جسماني نظامبه متاثر ٿئي ٿو، ماڻهن ۾ ايلرجي، اکين جي سوڄ، ڦڦڙن جون بيماريون ۽ ٽي بي جهڙا مرض پيدا ٿين ٿا.

ماحوليات جي تحفظ لاءِ ڪم ڪندڙ اداري سوسائٽي فار دي ڪنزرويشن اينڊ پروٽيڪشن آف انوائرمينٽ (اسڪوپ) جي نمائندي ڀارومل آمراڻي چيو ته اهي هوائونٻوٽنتوڙيوڻن کي به تباھ ڪري ڇڏينديون آهن. هن وڌيڪ چيو ته اها به حقيقت آهي تهتيز هوائون زمين جي پيداواري صلاحيت کي گهٽائي ڇڏين ٿيون.

ماهرن جو چوڻ آهي ته تيز هوائون زمين جي ڪٽائي جو به سبب بڻجنديون آهن، جڏهن زمين جو مٿانهون حصو جيڪو مٽي ۽ پٿرن تي ٻڌل هوندو آهي، اهو تيز هوائن سبب زمين جي سطح تان اڏي ڪنهن ٻي جاءِ تي منتقل ٿي ويندو آهي. زميني ڪٽائي جو سمورو دارومدار هوائن جي رفتار تي هوندو آهي، جڏهن هوائن جي رفتار ڪشش ثقل (زمين جي ڇڪ) جي قوت کان وڌيڪ هوندي آهي ته زميني ڪٽائي شروع ٿي ويندي آهي. انهيءَ کانسواءِجڏهن ماڻهو وڻن ۽ مختلف قسمن جي ڀاڄين جي ڪٽائي ڪندا آهن ته هوا جي رفتار ۾ شدت اچي ويندي آهي، جنهن ڪري مٽي جو مٿانهون تھپڻ متاثر ٿيندو آهي. زمين جي مٿانهين حصي سبب ئي سمورين غذائي شين جي واڌ ويجھ عمل ۾ ايندي آهي، جيڪڏهن اهو نه هجي ته زمين اهڙيون غذائون پيدا ڪرڻ جي صلاحيت کان محروم ٿي وڃي. ڪٽائي سبب زمين جي پاڻي کي محفوظ رکڻ جي صلاحيت به متاثر ٿيندي آهي، ٻين لفظن ۾ اهو به چئي سگهجي ٿو ته زمين بنجر بڻجي ويندي آهي.

ٿر ۾ هوائون سراسري طور15 ناٽس جي رفتار سان هلنديون آهن جڏهن ته 1950ع کان 2004ع تائين ڪٽائي جي شرح چار ميٽر رهي، جيڪا پريشان ڪندڙ حد تائين وڌيڪ آهي.ٿر جي مجموعي ايراضي22 هزار چورس ڪلوميٽر آهي ۽ آبادي 18 لک جي لڳ ڀڳ آهي جيڪا ضلعي آبادي جو تقريبن اڌ آهي ۽ انهيءَ جيايراضي لڳ ڀڳ انهيءَ آبادي کان 70 سيڪڙو وڌيڪ آهي.

ٿر جي علائقي ۾ برساتن جي شرح پڻ انتهائي گهٽ آهي، هوا ۾ نمي هوندي آهي ۽ ريگستاني هوائن سبب وڏي پئماني تي شمسي تابڪاري ٿيندي آهي، اتي ساوڪ به ناهي ۽ هر پاسي ڀٽنظر ايندا آهن. زمين جي بنجر ٿيڻ سبب ٿر واسين جو هن علائقي ۾ رهڻ تمام ڏکيو ٿي ويو آهي، جنهن سبب هو ٻين علائقن ڏانهن لڏپلاڻ ڪري رهيا آهن. ٿر جي هڪ ڳوٺ ڀوڄ ريڄيو جي اڌڙوٽ عمر وارو هاري حمير پراڻي وقت کي ياد ڪندي ٻڌائي ٿو ته هن علائقي ۾ وڏي تعداد ۾ وڻ ۽ ٻوُڙاهوندا هئا، جنهن سبب زمين تي هوا جا ناڪاري اثر گهٽ پوندا هئا ۽ ان وقت جا ماڻهو وڻ ڪٽڻ کي ڏوھ تصور ڪندا هئا، اهي وڻن جي عبادت ڪندا هئا جنهن سبب ٻيلا نه ڪاٽيندا هئا.

وريام لاءِ جيپ ذريعي عمرڪوٽ کان رتنوڙ تائين جو سفر ڏاڍو ڏکيو ثابت ٿيو، هن نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته انهيءَ علائقي ۾ هلندڙ تيز هوائن سبب جيپ لوڏا کائي رهي هئي، هاڻي هو جيپ ان وقت هلائيندو آهي جڏهن کيس انهيءَ جي شديد ضرورت هوندي آهي.تيز هوائن سبب ڀٽن تان اڏندڙ واريءَ جي ڪري رستن، ريلوي لائنن ۽ فصلن مٿان تھ چڙي ويندي آهي.سنڌ يونيورسٽي سان واڳيل ماهر ارضيات سجومل ميگهواڙ جو چوڻ آهي ته ريگستاني هوائن کي روڪڻ ممڪن ناهي ۽ موسمي تبديلين سبب طوفان جي رفتار ۾ واڌ سان گڏوگڏ اهي علائقا به انهن هوائن جي ور چڙهي سگهن ٿا. جيتوڻيڪ ڪجھ فنيمهارتن ذريعي زمين جي ڪاٽ ۽ ان جي بنجر ٿيڻکي جيڪڏهن ختم نٿو ڪري سگهجي پر انهيءَ جي شدت ۾ گهٽتائي ضرور آڻي سگهجي ٿي.

هن زور ڏنو ته وڌ کان وڌ وڻ پوکي، ٻيلن جي ڪٽائي کي روڪي، آبادي جي شرح کي سامهون رکي ۽ ڏڪار تي ضابطو آڻي ٿر ۾ جياپي کي بحال ڪري سگهجي ٿو.

هوڏانهن ميرپورخاص سب ڊويزن جي فاريسٽ آفيسر عابد حسين جتوئي خاطري ڪرائي آهي ته حڪومت ٿر کي درپيش خطرن کي نظرانداز ناهي ڪري رهي ۽ سندن کاتو رستن ۽ شاخن جي چوڌاري وڻڪاري ڪري رهيو آهي.جڏهن ته رينج لينڊ مينيجمينٽ وارو کاتو زميني ڪٽائي تي ضابطو آڻڻ لاءِ ٿر ۾ وڻ پوکڻ لاءِ سخت محنت ڪري رهيو آهي.ٻئي طرف ٻيلي کاتي جي هڪ آفيسر عطا الله شيخ نيوز لينز کي ٻڌايو ته علائقي ۾ ايترا وڻ ناهن جو زميني ڪٽائي تي ضابطو آڻي سگهجي.

ايسوسيئيشن فار واٽر،اپلائيڊ ايجوڪيشن اينڊ رينوئيبل اينرجي (اويئر) جي ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر علي اڪبر راهمون چيو ته ٿر جون هوائون ماحول لاءِ نقصان ڪار آهن پر انهن کي بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو، هن ٻڌايو ته ٿر واسي توانائي جي هن متبادل وسيلي کي پاڻي،ٽيوب ويل هلائڻ ۽ ايتري تائين جو پنهنجي گهرن کي روشن ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري سگهن ٿا. علي اڪبر چيو ته 9.1 ميٽر جي رفتار سان هلندڙ ريگستاني هوائون ٿر لاءِ وڏي مقدار ۾ بجلي پيدا ڪري سگهن ٿيون پر افسوس ته حڪومت ٿر واسين جي زندگي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪڏهن به سنجيده ناهي رهي.

واضح رهي ته پاڪستان جو اڳوڻو وزيراعظم شوڪت عزيز ٿر مان چونڊ کٽي قومي اسيمبلي جو ميمبر ٿيو. جڏهن ته اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم جو تعلق پڻ ٿر سان آهي. انهيءَ باوجود به سندن حڪومتي دور ۾ سنڌ جون حالتون بهترننه ٿيون.ڪامورن جي عدم دلچسپي سبب 2002ع ۾ سنڌ ايرڊ زون ڊولپمنٽ اٿارٽي بند ٿي وئي، اهو ادارو 1985ع ۾ سنڌ جي 48 سيڪڙو ايراضي تائين پکڙيل بنجر۽ ڏڪار سٽيل علائقن۾ ترقياتي رٿائون شروع ڪرڻ لاءِ قائم ڪيو ويو هو.ياد رهي ته گذريل سال به ڏڪار سبب 300 ٻارڙا موت جو کاڄ بڻجي ويا، جنهن سنڌ ۾ مختلف وقتن جي حڪمرانن جي ڪارڪردگي توڙي اهليت تي هڪ وڏو سواليا نشان لڳايو آهي.

واضح رهي ته سنڌ 3 دفعا ڏڪار جي ور چڙهيل رهي آهي، جنهن سبب موجوده حڪومت ٿر ڊولپمنٽ اٿارٽي قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو پر بدقسمتي سان ان جو بل اڄ تائين سنڌ اسيمبلي ۾ منظوري جو منتظر آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here