پشاور (عمر فاروق وٽان) شبنم کي جڏهن پيچش جي بيماري ٿي ته اها گھڻو علاج ڪرائڻ باوجود ختم نه پئي ٿي. شاديءَ کان ستت پوءِ هن جو مڙس ڪمائڻ لاءِ سعودي عرب هليو ويو ۽ هوءَ پيڪن ۾ رهندي هئي. هن جا مائٽ سندس علاج خاطر کيس هڪ کان پوءِ ٻئي ڊاڪٽر وٽ وٺي ويندا رهيا پر کيس شفا نه پئي ملي ۽ هڙئي ڊاڪٽر اها ئي صلاح ڏيندا ٿي رهيا ته شفايابيءَ لاءِ سخت علاج ڪرائڻو پوندو.

ڊاڪٽرن پاران کين هيپاٽائيٽس سي جي چڪاس واريون ٽيسٽون ڪرائڻ جو به مشورو ڏنو ويو پر انهن ٽيسٽن کانپوءِ اصل بيماريءَ جي تشخيص نه ٿي سگھي. جڏهن هو ڊاڪٽرن وٽ وڃي وڃي بيزار ٿي پيا تڏهن ئي هڪ ڊاڪٽر شيراز پاران کين صلاح ڏني وئي ته هو ايڇ آءِ وي يا ايڊز جي بيماريءَ جي چڪاس واريون ٽيسٽون ڪرائي ڏسن. ٽيسٽن جي نتيجي ۾ بيماريءَ جي موجودگيءَ جي نشاندهي ٿي. شبنم کي ايڊز جي بيماري لڳي چڪي هئي.

شبنم جو چوڻ هو ته کيس ايئن لڳو ڄڻ سندس دنيا تباهه ۽ برباد ٿي چڪي آهي. شبنم نالو اصلي نه آهي. هن وڌيڪ چيو ته ”جهڙي ويڌن ٿي چڪي ان جي نتيجي ۾ موت کان وڌيڪ کيس پاڻ سان سماجي سطح تي ٿيندڙ بري ورتاوَ کان خوف اچي رهيو هيو. شبنم جي راءِ مطابق، جن گھڙين ۾ کيس اها ڄاڻ ملي ته هوءَ ايڊز جي مرض ۾ وچڙي چڪي آهي، هن ڄاتو پئي ته ان بعد هن جي زندگي ختم ٿي چڪي آهي، ڇاڪاڻ ته هن کي اها ڄاڻ هئي ته ايڊز جو مرض انهن کي ئي ٿيندو آهي جيڪي غيرمحفوظ جنسي ميلاپ ڪندا آهن.

جيئن فطري طرح ٿيندو رهي ٿو، هن به ڪنهن ٻئي کي پنهنجي مرض متعلق ڄاڻ نه پئي ڏني. هن پنهنجي مڙس کي چيو ته، هوءَ هڪ اهڙي غير سرڪاري سماجي تنظيم ۾ شامل ٿيڻ چاهي ٿي جيڪا ايڊز جي مريضن جي ڀلائيءَ خاطر ڪم ڪري رهي آهي. شبنم ٻڌايو ته هن پنهنجي مائٽن کي پنهنجي بيماريءَ متعلق ٻڌائڻ چاهيو ٿي ته ايڊز جي مريضن کي ڪهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻو پوندو آهي. هن اهڙا سبب پيدا ڪرڻ پئي چاهيا ته جيئن اها ڄاڻ کين پنهنجي سِر پاڻ ڏئي.

هن جو چوڻ هو ته، جڏهن کيس اها خبر پئي ته هوءَ ايڊز جي بيماريءَ جو شڪار ٿي چڪي آهي ان وقت سندس عمر 30 سال هئي. ان وقت هن چاهيو پئي ته پنهنجي ماءُ، ڀينرن ۽ ٻين مائٽن کي هن بيماريءَ بابت آگاهيءَ ڏيڻ وارن پروگرامن ۾ وٺي وڃي ته جيئن کين اها خبر پوي ته هن بيماريءَ جي وچڙڻ جا ڪيترائي ٻيا سبب به آهن. اهڙن ڪيترن ئي پروگرامن ۾ شريڪ ٿيڻ بعد هن جي ماءُ کي اهو شڪ ٿيو ۽ هن کانئس اهو سوال به ڪيو ته هوءَ اهڙن پروگرامن ۾ کيس ڇو ٿي وٺي وڃي. شبنم ٻڌايو ته، سندس ماءُ کيس چيو ته جيڪڏهن ڪا گڙٻڙ آهي ته کيس ٻڌائي.

شبنم ٻڌايو ته سندس ماءُ ئي اهو پهريون فرد هئي جنهن کي هن پنهنجي بيماريءَ متعلق ڄاڻ ڏني ۽ هوءَ انهيءَ ڳالهه کي چڱيءَ ريت سمجهي به رهي هئي. بيماريءَ جي ڄاڻ وارن پروگرامن ۾ شريڪ ٿيڻ سبب ڌيءُ کي پيش ايندڙ صورتحال کي ڌيان ۾ آڻيندي هن کي ڌيءُ ۽ ايڊز جي بيماريءَ ۾ ورتل ٻين مريضن سان همدردي ٿي پئي. شبنم جي مڙس جڏهن گھر ڳالهائڻ لاءِ ڪال ڪئي ته هن اهي ڳالهيون سندس مڙس کي ٻڌايون.

شبنم جو چوڻ هو ته سندس ماءُ چاهيو پئي ته منهنجي مڙس جو ذهن به تيار ڪيو وڃي توڙي جو هوءَ اهو به چڱيءَ ريت ڄاڻي رهي هئي ته بيماريءَ جي خبر پوڻ بعد هن کي ڪير به اپنائڻ لاءِ تيار نه ٿيندو ۽ ڪير به سندس ويجهو نه ايندو.

ايڊز جي مريضن لاءِ موجود خطرن متعلق 2012 ۾ ٿيل هڪ تحقيق مان پتو پيو آهي ته اڪثر مريضن کي اها بيماري جنسي ميلاپ واري عام سبب جي ڪري ٿي، جڏهن ته بيماريءَ جو ٻيو وڏو سبب عطائي ڊاڪٽرن پاران استعمال ڪئي ويندڙ سرنج جو استعمال آهي. جڏهن ته هڪ خاص شرح تحت اها بيماري اڪثر انهن مردن کي ٿي رهي آهي جيڪي نار جي عرب ملڪن ۾ رهندڙ آهن.

انهيءَ تحقيقي اڀياس مان اهو به معلوم ٿيو ته، ايڊز جي بيماري انهن ماڻهن ۾ به وڌي رهي آهي جيڪي سرنج وسيلي منشيات واپرائيندڙ ماڻهن سان جنسي عمل ۾ ساٿ ڏيندا آهن. مرد ۽ ٽين جنس وارا اهي فرد جيڪي جسم وڪڻڻ وارو پيشو ڪن ٿا اهي به بيماري ڦهلائڻ جو سبب بڻجي رهيا آهن. بيماريءَ جي ڦهلاءَ وارن اهڙن خطرن جي موجودگيءَ جي ڪري ايشيا کنڊ اندر پاڪستان هڪ واضح نمونو بڻجي سامهون اچي رهيو آهي.
ٻئي طرف، اهي مريض جيڪي انهيءَ بيماريءَ جو علاج ڪرائي رهيا آهن، انهن ۾ اڪثريت انهن جي آهي جيڪي ٻاهرين ملڪن ۾ روزگار ڪندا رهيا آهن يا عورتون هن مرض ۾ انهيءَ جي ڪري ئي مبتلا ٿين ٿيون جو اهي اهڙن مردن جون گھرواريون آهن.

شبنم جو چوڻ هو ته، بيماريءَ ۾ وچڙي وڃڻ کانپوءِ اڪثر ڪري خودڪشي ڪرڻ گھٽ عذاب وارو عمل محسوس ٿيندو آهي ڇاڪاڻ ته بطور هڪ عورت منهنجي اهڙي حالت متعلق جڏهن ٻين کي خبر پوندي ته پوءِ اها ڳالهه منهنجي ساهراڻي توڙي پيڪاڻي خاندانن مٿان بدناميءَ ۽ بدناموسيءَ جي ٽڪي لڳي وڃڻ جو سبب بڻجي پوندي.

شبنم جو چوڻ هو ته هڪ اهڙي سماج ۾ جتي ايڊز جي مريضن لاءِ ڪا به جڳهه نه آهي ۽ جڏهن ماڻهو انهيءَ يقين تي ئي هلندا هجن ته اهو مرض صرف ۽ صرف جنسي بي راهه رويءَ جي ڪري ئي ٿيندو آهي ته انهن ڳالهين سبب هو اڪثر ڪري غيرت واري پهلوءَ تي سوچيندي رهندي هئي. هن اها به وضاحت ڪرڻ پئي چاهي ته اهڙي مرض ۾ مبتلا ٿيل هڪ عورت لاءِ زندگي گذارڻ ڪيڏو نه ڏکيو ڪم آهي.

هن ٻڌايو ته هوءَ اڪثر ڪري جڏهن بستري تي ستل هوندي هئ ته ٻئي ڏينهن خودڪشي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيندي هئي. ان هوندي به جيڪا ڳالهه کيس انهيءَ فيصلي تان عمل ڪرڻ کان روڪي وٺندي هئي اها هيءَ هئي ته آپگهات ڪرڻ سان به ته بدنامي ٿيندي ۽ اهي سوال اڀرندا ته اهي ڪهڙا سبب آهن جن جي ڪري تازو پرڻيل هڪ ڇوڪريءَ پنهنجي شاديءَ کان ڪجهه ئي ڏينهن پوءِ خودڪشِي آخر ڇو ڪئي؟

شبنم ٻڌايو ته، هوءَ پنهنجي مڙس کي هميشهه اهو چوندي رهندي هئي ته هو واپس گھر نه اچي ڇو ته هوءَ ٻار پيدا ڪرڻ نه ٿي چاهي ڇو ته ايئن ڪرڻ سان پيدا ٿيندڙ ٻارن ۽ سندس مڙس جو به انهيءَ بيماريءَ ۾ وٺجي وڃڻ جو انديشو رهندو. شبنم جو چوڻ هو ته سندس مڙس جڏهن به گھر ورڻ جي ڳالهه ڪندو هيو ته هوءَ اها دعا ڪندي هئي ته هو اتي ئي رهيل هجي. کيس هن پاران طلاق ڏيڻ جو خوف به رهندو هيو ڇو ته ڪو به سندس انهيءَ ڳالهه تي يقين نه ڪندو ته هوءَ ڪنهن به غير اخلاقي تعلق ۾ ملوث نه رهي آهي. کيس اها خبر هئي ته ماڻهو اهو ئي سمجهندا ته غيرقانوني انداز وارو جنسي تعلق رکڻ سبب ئي ايڊز جي بيماري ٿي پوندي آهي.

خيبرپختونخواه جي ايڊز ڪنٽرول پروگرام جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر عطاءُ الله جو چوڻ هو ته خيبرپختونخواه اندر ٻين جي ڀيٽ ۾ ايڊز ڦهلائڻ جو مکيه سبب هڪ ئي سرنج وسيلي نشو واپرائڻ آهي. هن اهو به چيو ته پاڪستان ۾ ماڻهن جي هڪ وڏي اڪثريت کي ايتري ئي ڄاڻ آهي ته ايڊز صرف جنسي ميلاپ واري عمل سبب ئي ٿيندي آهي. سرنج يا سُئي جيڪا ايڊز جي ڪنهن هڪ مريض استعمال ڪئي هوندي ان کي استعمال ڪرڻ وارن ٻين ماڻهن کي به اهو مرض لڳڻ جو انديشو زوردار انداز سان موجود رهندو آهي.

ڊاڪٽر عطاءُ الله جو چوڻ هو ته 30 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ مريض اهڙا آهن جيڪي صرف انهيءَ ڪري هن بيماريءَ ۾ وٺجي ويا جو انهن اها سرنج استعمال ڪئي جيڪا ايڊز جي مريض پاڻ استعمال ڪرڻ بعد کين ڏني. لڳ ڀڳ 7.2 سيڪڙو ماڻهو هن مرض ۾ انهيءَ جي ڪري وچڙي چڪا آهن جو انهن ايڊز ۾ ورتل ڇوڪرن يا ٽين جنس وارن سان جنسي ميلاپ ڪيو.

18 مهينن بعد شبنم جو مڙس جڏهن سعودي عرب کان واپس وطن آيو ته پهرينءَ رات جو ئي شبنم کيس پنهنجون ميڊيڪل ٽيسٽون ڏيکاريون ۽ کيس چيو ته اها هڪ حقيقت آهي ۽ جيڪڏهن هو ٻي شادي ڪرڻ چاهي ته ڪري سگھي ٿو پر مهرباني ڪري کيس طلاق نه ڏئي.

شبنم کي ڳڻتي ڪرڻ جي ضرورت نه رهي هئي ڇاڪاڻ ته هن کي جيڪي خدشا هيا انهن جي ابتڙ هن جو مڙس جلال (هي نالو به اصلي نه آهي) ڪافي مددگار ثابت ٿيو. شبنم ٻڌايو ته هن کيس چيو ته توکي هيءَ بيماري جيڪڏهن وچڙي چڪي آهي ته هو هاڻي ان بيماريءَ سميت گڏ رهندا. جلال کيس چيو ته هو سندس مڙس جي حيثيت ۾کيس چوي ٿو ته وڃي پاڻ جهڙن ٻين ماڻهن جون زندگيون بچائڻ وارو ڪم ڪر.

”ايڊز ڊيٽا حب“ نالي هڪ اداري جي رپورٽ مان معلوم ٿيو آهي ته، اهي عورتون جيڪي سرنج وسيلي نسُن ۾ نشو واپرائيندڙن يا ايڊز ۾ مبتلا مردن سان شادي ڪن ٿيون اهڙين عورتن جي هڪ وڏي تعداد کي ايڊز ۾ مبتلا ٿيڻ جو سنگين خدشو رهي ٿو. ڪيترين ئي عورتن کي ته اهڙي خطري جي به ڪا ڄاڻ نه ٿي هجي ۽ هو ايتري حد تائين به بااختيار نه ٿيون هجن يا انهيءَ فن کان به عاري هجن ٿيون جو جنسي ميلاپ جي محفوظ طريقن کي عمل هيٺ آڻي سگھن. رپورٽ ۾ اهو به چيل آهي ته، کين جيڪي خطرا لاحق هجن ٿا انهن جي شدت ان ڪري به وڌي وڃي ٿي ڇو ته کين ڄاڻ تائين محدود پهچ حاصل رهي ٿي ڇو ته سماجي دٻاءَ ۽ بدناميءَ جو ٽڪو لڳڻ جي خدشي سبب سندن چر پر ئي محدود هجي ٿي.

ايڊز جا جيڪي مريض انهيءَ بيماريءَ جي علاج وارين اسپتالن ۾ رجسٽر ٿيل آهن اهي قدامت پرست خيال وارن گھراڻن سان تعلق رکن ٿا ۽ اهڙا مريض اها ڄاڻ زال سميت ڪنهن کي به ناهن ڏيندا ته هو انهيءَ مرض ۾ جڪڙيل آهن يا وري هو پنهنجي گھر وارين کي ايڊز جي بيماريءَ جي تشخيص لاءِ به ناهن وٺي ايندا. ان لاءِ کين ڪيترو به قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي هو ايئن ڪرڻ تي راضي نه ٿا ٿين.

شبنم ٻڌايو ته بيماريءَ ۾ ورتل هجڻ باوجود سندس مڙس ساڻنس جنسي ميلاپ ڪرڻ کان نه مڙيو ۽ هو چوندو رهيو ته جيڪڏهن ان بيماريءَ جي ڪري کيس ڪو نقصان ناهي پهتو ته هن کي به ڪجهه نه ٿيندو، پر هن ڄاتو پئي ته اها ڳالهه خطري جو سبب بڻجي سگھي ٿي پر هوءَ هن جي خواهش پوري ڪرڻ کان انڪار به نه پئي ڪري سگھي. 9 مهينن بعد هن هڪ نياڻيءَ کي جنم ڏنو ۽ انتهائي حيرتناڪ اها ڳالهه ٿي ته سندس ٻارڙي مڪمل طور تي نارمل هئي.

شبنم جو چوڻ هو ته، توڙي جو سندس ٻارڙي مڪمل طور تي نارمل هئي پر هوءَ پنهنجي مڙس جي حالت متعلق ڳڻتين ۾ ورتل هئي. هن مٿس زور ڀريو ته هو به پنهنجي طبي چڪاس ڪرائي ۽ هن جڏهن ٽيسٽون ڪرايون ته هن کي به اها بيماري لڳل نه هئي. هن جي لاءِ سندس مڙس متعلق ڳڻتي ڪرڻ جو هڪ وڏو سبب اهو به هيو ته نار وارن ملڪن ۾ ڪمائڻ لاءِ ويندڙ اڪثر ماڻهو ايڊز جي بيماريءَ ۾ مبتلا نڪرن ٿا. ليبارٽريءَ مان مليل رپورٽن آڌار سندس اهو يقين وڌيڪ پختو ٿي ويو ته ايڊز جي بيماري لڳڻ جو واحد سبب جنسي ميلاپ نه آهي.

صوبائي صحت کاتي پاران جاري ڪيل انگن اکرن مان پڌرو ٿي رهيو آهي ته، خيبرپختونخواه صوبي اندر ايڊز ۾ ورتل مريضن جو ڪل تعداد 16 هزار آهي جن مان 1 هزار 816 مريض بيماريءَ جو باقاعدگيءَ سان علاج ڪرائي رهيا آهن. انهن انگن اکرن مان معلوم ٿي رهيو آهي ته، 90 سيڪڙو مريض ڊاڪٽرن کان علاج نه پيا ڪرائن.

پشاور جي حيات آباد ميڊيڪل ڪامپليڪس ۾ ”فيملي ڪيئر سينٽر“ اندر نون ڄاول ٻارن جي ايڊز کان تحفظ ڪرڻ واري مهم جي ڪو آرڊينيٽر ڊاڪٽر عائشه قيصر جو چوڻ هو ته مريضن پاران پنهنجو علاج وقت سِر ڪرائڻ سان نه صرف انفرادي فائدو ٿئي ٿو پر اهو مرض وڌيڪ ڦهلجڻ کان به رڪجي سگھي ٿو ۽ ٻين ماڻهن کي اهو مرض وچڙي وڃڻ جا خطرا گھڻا گھٽ ٿي وڃن ٿا جڏهن ته بروقت علاج ڪرائڻ جي نتيجي ۾ مريض جي زندگيءَ به وڌي وڃي ٿي.

ڊاڪٽر عائشه قيصر جو چوڻ هو ته سماجي سطح تي انهيءَ بيماريءَ ۾ مبتلا هجڻ جي ڪري بدناميءَ جو جيڪو ٺپو لڳي وڃي ٿو انهيءَ کان خوفزده ٿي ڪيترائي مريض خاموشي اختيار ڪري رکن ٿا ۽ پنهنجو علاج به نه ٿا ڪرائن. ڪڏهن ڪڏهن ته ڊاڪٽر به اهڙن مريضن سان ميل جول رکڻ نه ٿا چاهن ۽ مريضن کي علاج ۽ پرگھور لڌي وڃڻ جي جيڪا ضرورت هوندي آهي اها مهيا ڪرڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيندا آهن. اهو رواج هاڻي گھڻي حد تائين گھٽجي ويو آهي ڇو ته هاڻي هن مرض متعلق ڪافي معلومات موجود آهي.

ڊاڪٽر عائشه جو چوڻ هو ته، هن مرض متعلق اها سادي آگاهي مهم به جيترو ممڪن ٿي سگھي بار بار هلائڻ گھرجي ته هيءَ بيماري صرف هٿ ملائڻ يا گڏ ماني کائڻ جي ڪري ناهي وچڙندي پر حفاظتي تدبيرون اختيار نه ڪرڻ ۽ لاپرواهي ڪرڻ جي نتيجي ۾ ئي وچڙي سگھي ٿي.

هوڏانهن شبنم ٻڌايو ته کيس پنهنجي مڙس جلال مان هاڻي ٻن نياڻين جو اولاد ٿي چڪو آهي ۽ سندس ٻئي نياڻيون نارمل ۽ صحتمند آهن. جيڪڏهن توهان ٻار پيدا ڪرڻ چاهيو ٿا ته دوائون واپرائيندا رهو، ان جي بدلي ۾ توهان کي صحتمند ٻار پيدا ٿيندا. ايتري حد تائين جو ماءُ پنهنجي ٻارن کي ٿڃ به پياريندي رهي پر ان صورت ۾ پوءِ کيس ٻار کي به دوائون ضرور ڏيڻ گھرجن جنهن بعد صرف هڪ سيڪڙو خدشو باقي رهندو ته بيماري ٻار ۾ به منتقل ٿي سگھي ٿي.

شبنم هاڻي ايڊز جي مرد توڙي عورت مريضن کي صلاحون ڏيڻ واري ڪم ۾ مصروف رهي ٿي. هن جو چوڻ هو ته وٽس جيڪي مريض ايندا آهن هوءَ انهن کي ٻڌائيندي آهي ته هو به ايئن ئي زندگي گذاريندا رهن جهڙيءَ ريت هن گذاري آهي. کيس ٻه ڌيئر آهن ۽ ٻئي صحتمند زندگي گذاري رهيون آهن پر سندس ساهرن کي اڃان تائين به اها خبر نه آهي ته هوءَ ايڊز جي مريض آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here