پشاور (عطاءُ الله خان وٽان) ڪرڪيٽ جي معذور رانديگر خانزاله چواڻيءَ ٻين عام رانديگرن لاءِ ته اهو معمول موجب هوندو آهي ته راندين لاءِ موزون ميدان ۾ راند کيڏندا رهن، پر کيس اهڙي ميدان ۾ راند کيڏڻ جو پهريون موقعو ملڻ کان اڳ هو چئن سالن تائين پشاور ۾ واقع معذور ماڻهن جي سينٽر اندر ڪرڪيٽ کيڏندو رهيو.
يوٿ پارٽيسِپيٽري فورم جي ڪو آرڊينيٽر محمد رفيق جو چوڻ آهي ته خانزاله جهڙن معذور رانديگرن کي خيبر پختونخواه صوبي اندر انتهائي مشڪل صورتحال جو منهن ڏسڻو پوي ٿو، ڇو ته اهڙن رانديگرن لاءِ صوبي ۾ هڪ به راند جو ميدان يا اهڙو پارڪ موجود نه آهي جنهن ۾ واش روم جهڙي بنيادي سهولت موجود هجي ۽ معذور رانديگر ان ميدان تائين ويل چيئر تي ويٺي ويٺي رسائي حاصل ڪري سگھن.
پاڪستان ۽ افغانستان جي سرحد ڀرسان خيبر ايجنسيءَ جي هڪ ڳوٺ سان تعلق رکندڙ ڪرڪيٽ جي معذور کيڏاري خانزاله جو چوڻ آهي ته هو صرف ڏينهن پورا ڪرڻ واري مقصد تحت زندگي گذاري پيو. ويل چيئر جي محتاج رانديگر اهو رويو تڏهن کان اختيار ڪيو آهي جڏهن هن جي ٽيم ”پشاور واريئرز“ هلندڙ سال جي مئي مهيني ۾ کليل ميدان تي ٿيل پهرين ويل چيئر ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ ٽرافي کٽي ورتي هئي.
ٽورنامينٽ جو احوال ڏيندي خانزاله ٻڌايو ته هن پنهنجي ٽيم کي ان وقت فتح ڏياري جڏهن هو ميچ جي آخري اوور ۾ بالنگ ڪرائي رهيو هو، ان وقت مخالف ٽيم کي ميچ کٽڻ لاءِ صرف ڇهه رنسون گھربل هيون، پر اهي صرف ٻه رنسون ٺاهي سگھيا ۽ هن آخري اوور ۾ به ٻه وڪيٽون حاصل ڪري پنهنجي ٽيم کي ٽرافي کٽرائي.
خانزاله ٻڌايو ته پنهنجي ٽيم جي ڪاميابيءَ تي کيس تمام گھڻي خوشي ٿي. هن محسوس ڪيو پئي ته، جيڪڏهن کين وهيل چيئرز، راندين جا ميدان ۽ ٻيون سهولتون مهيا ڪري ڏنيون وڃن ته هو به ٻين ٽيمن جيان هر جاءِ تي ڪاميابي ماڻي سگھن ٿا. خانزاله ۽ هن جا ٻيا معذور ساٿي ڪرڪيٽر جيڪي پشاور واريئرز سان سلهاڙيل آهن، تن کي اهڙين سهولتن تائين پهچ ”پهرين خيبر پختونخواه ويل چيئر ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ“ دوران حاصل ٿي سگھي. اها ٽورنامينٽ خيبرپختونخواه ڊائريڪٽوريٽ آف اسپورٽس اينڊ يوٿ افيئرز پاران منعقد ڪرائي وئي. اها ٽورنامينٽ منعقد ڪرائڻ خاطر معذور رانديگرن جي دوستن ۽ معذورن جي ڀلائيءَ لاءِ ڪم ڪندڙ ٻين تنظيمن پڻ سهڪار ڪيو هيو.
معذوريءَ جي وَرِ چڙهيل ماڻهن ۽ راندين متعلق گڏيل قومن جي هڪ اڀياس مطابق ”عالمي سطح واري ناماچاري سماجي لاڳاپا وڌائڻ لاءِ راندين کي مثالي بڻائي ڇڏي ٿي. هڪجهڙين معذورين وارن ماڻهن کي هڪ هنڌ ڪٺي ڪرڻ سبب رانديون کين معمول واري سطح تي آڻي معذورن کي ان قابل بڻائي وجهن ٿيون ته اهي پنهنجا تجربا هڪٻئي سان ونڊي سگھن ۽ انهن ماڻهن سان ڀائيچاري جو لطف ماڻي سگھن جيڪي سندن مشڪلاتن ۽ قابليتن کي سمجهي سگھندا هجن.
اڀياس ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته برابريءَ واري سطح تي ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه وسيلي معذور ماڻهو انفرادي توڙي اجتماعي سڃاڻپ واري شعور سان همڪنار ٿين ٿا، ڇو ته ميل ميلاپ کانپوءِ هو پاڻ کي ٻين کان الڳ تصور ناهن ڪندا ۽ پاڻ کي به ٻين جهڙو ئي سمجهڻ لڳندا آهن. رانديون معذور ماڻهن جي والدين ۽ سندن خاندانن جي ويجهڙائيءَ جو پڻ سبب بڻجن ٿيون. معذور ماڻهن جا والدين اڪثر ڪري پاڻ کي اڪيلو تصور ڪندا آهن.
هڪجهڙن تجربن مان گذرندڙ ماڻهن سان سماجي لاڳاپا اهڙن خاندانن کي ان لائق بڻائي وٺندا آهن ته اهي هڪٻئي جي مدد ڪري سگھن ۽ کين اهڙو حوصلو پڻ ڏيندا آهن ته اهي مثبت تبديليءَ جو پرچار ڪندا رهن ۽ ان مقصد خاطر گھڻي کان گھڻن معذور ماڻهن کي هڪ هنڌ گڏائي معذور ماڻهن وچ ۾ برابريءَ وارو ماحول قائم ڪري سگھن.
معذور ماڻهن جي بحالي لاءِ ڪم ڪندڙ سماجي اداري ”هيلپ ايج“ جي ڪامران خان نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته پشاور ۾ کليل ميدان تي ٿيل پهرين ويل چيئر ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جهڙين راندين جون سرگرميون صوبي جي مختلف ضلعن سان تعلق رکندڙ معذور رانديگرن کي ان لائق بڻائين ٿيون ته پنهنجي صلاحيتن جا جوهر ڏيکارڻ خاطر هو به راندين ۾ حصو وٺن. جيئن ته ٽورنامينٽ منعقد ڪرائڻ وارن چاهيو پئي ته صحتمند سرگرمين کي هٿي وٺرائي وڃي ان ڪري ئي مختلف ضلعن سان تعلق رکندڙ معذور رانديگرن جي ڪرڪيٽ ٽيمن کي هن ٽورنامينٽ ۾ حصو وٺڻ جو موقعو مهيا ڪيو ويو.
هن ٻڌايو ته سندن تنظيم پشاور کان تمام گھڻو پري وارن ضلعن دير ۽ بنونءَ جهڙن شهرن جي رانديگرن جي مدد ڪئي. صوبائي گاديءَ واري شهر پشاور ۾ گڏ ڪري کين راند کيڏڻ جو موقعو مهيا ڪرڻ نتيجا خيز تجربو هيو. هو راند کيڏڻ لاءِ هاڻي کين هڪ هنڌ ڪٺو ڪري چڪا آهن، ان بعد هو ڪوشش ڪري رهيا آهن ته معذور رانديگرن کي قومي سطح تي راند کيڏڻ وارن موقعن تائين وڌيڪ رسائي ڏيارڻ جي سلسلي ۾ سندن مدد ڪندا ڪن.
ڪامران خان وڌيڪ چيو ته هن جڏهن معذور رانديگرن کي ويل چيئر تي ويٺي راند وارو مقابلو ڪندي ڏٺو ته کيس هڪ لمحي لاءِ به اهو محسوس نه ٿيو ته هو معذورن جي ڪا راند ڏسي رهيو هجي. ٻين راندين جيان اها به جوش ڏياريندڙ راند هئي. جيڪڏهن هو کين موقعن سان ڀرپور ماحول مهيا ڪن ته نه صرف سندن فني قابليت نِکري نروار ٿي سامهون اچي ويندي، پر اها پڪ به ٿي پوندي ته معذوريءَ واري زندگي گذاريندڙ ماڻهو زندگيءَ جي هر شعبي ۾ متحرڪ ڪردار ادا ڪري سگھن ٿا ۽ اهي به اسان جيان معمول واري زندگي گذاري سگھن ٿا.
ويل چيئر تي ويهي ڪرڪيٽ راند کيڏندڙ رانديگر ۽ انجنيئر عرفان خان جو چوڻ هو ته 4 سال اڳ هو ڪرڪيٽ جو عام انداز وارو رانديگر هيو ۽ پيشه ورانه زندگيءَ ۾ هڪ شديد جهٽڪو اچڻ ڪري هو فالج جي بيماريءَ ۾ وٺجي ويو، پر هن حوصلو نه هاريو ۽ اهڙي حوصلي واري رويي سبب ئي هو ان لائق ٿي سگھيو ته هن پهرين ويل چيئر ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ پنهنجي ٽيم کي فتح ڏياري.
عرفان خان ٻڌايو ته ”معذوريءَ بعد هن پنهنجي زندگيءَ ۾ وڏي تبديلي محسوس ڪئي، پر راند کيڏڻ لاءِ جيتري جسماني سگهه گھربل هوندي آهي اوترو ئي مضبوط ارادو به کپي. راندين واري سرگرميءَ سبب سندس جسم ۽ ذهن ٻئي مضبوط ٿي رهيا آهن.
پشاور يونيورسٽيءَ جي سوشل ورڪ ڊپارٽمينٽ جي شاگرد ڪليم الله معذور رانديگرن جي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ دوران رضاڪار طور ذميواريون سرانجام ڏنيون. ڪليم الله جو چوڻ هو ته، سماج ۾ معذور ماڻهن کي کلئي دل سان قبول ڪرڻ وارو رجحان بنهه گھٽ آهي. راندين وارين سرگرمين جي نتيجي ۾ معذور ماڻهن کي به موقعو ملي ٿو ته اهي پنهنجي جذبن ۽ صلاحيتن جو اظهار ڪري تازا توانا ٿي پون. اهڙين سرگرمين جي نتيجي ۾ سندن زندگين کي نئون صحتمند روپ ملي پوي ٿو.
معذور ماڻهن متعلق حڪومت جي بي حسيءَ تي تنقيد ڪندي يوٿ پارٽيسپيٽري فورم جي محمد رفيق چيو ته اها انتهائي بدقسمتي ۽ غيرذميواريءَ واري صورتحال آهي ته تعليمي ادارن جي لائبريرين، کاڌي پيتي وارن هنڌن، مختلف شعبن، هاسٽلن ۽ ايتري تائين جو امتحان ڏيڻ وارن هالن اندر ويل چيئر تي ويٺي ويٺي پهچ حاصل ڪرڻ ممڪن نه آهي.
هن وڌيڪ چيو ته هو اهڙي قانون جي تياريءَ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن جنهن جي مدد سان راندين جي ميدانن تائين معذورن کي آسانيءَ سان اچ وڃ واريون سهولتون ملي سگھن. جيئن ته اهڙو ڪو به قانون هن وقت موجود نه آهي، اهو ئي سبب آهي ته پشاور ۾ ٿيل ويل چيئر ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ صرف چار ٽيمون حصو وٺي سگھيون ۽ ان کان وڌيڪ ٽيمن لاءِ انتظام نه ٿي سگهيا.