ڪراچي (شوڪت ڪورائي) 40 سالن جي فرحان احمد کي، صبح سوير ڪم تي وڃڻ کان اڳ پنهنجي خاندان جي 4 ڀاتين جي ضرورتن لاءِ پاڻي ڀري اچڻو پوندو آهي، ڇو ته کيس سدائين اها ڳڻتي رهندي آهي ته سخت گرميءَ سبب هن جا ٻه ننڍا ٻارڙا جسم ۾ پاڻياٺ جي کوٽ جو شڪار ٿي سگھن ٿا. فرحان احمد پاڪستان جي سڀ کان وڏي شهر ڪراچيءَ ۾ سمنڊ ڪناري واقع هڪ ڪچي آباديءَ جو رهواسي آهي. پنهنجي گھرڀاتين لاءِ پاڻي خريد ڪري اچڻ سبب هن کي ڪم تي پهچڻ ۾ اڪثر ڪري دير ٿي ويندي آهي.

ڪراچي اڄڪلهه شديد گرميءَ ۽ پاڻيءَ جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيو آهي. فرحان احمد، ڪراچيءَ جي ابراهيم حيدريءَ واري علائقي سان تعلق رکي ٿو ۽ انهيءَ علائقي کي ڪراچيءَ جي سڀ کان قديمي ڪچي آبادي مڃيو ويندو آهي. جنهن کي پيئڻ جي پاڻيءَ تائين ڪا به رسائي حاصل نه آهي ڇو ته پڄائڻ لاءِ ذميوار سرڪاري ادارن پاران انهيءَ علائقي کي پائيپن وسيلي منتقل ٿيندڙ پاڻي مهيا نه ڪيو ويندو آهي.

انهيءَ اداري جي دعويٰ آهي ته، ڄاڻايل علائقو شهر جي مرڪزي حصي کان تمام گھڻي مفاصلي تي واقع آهي ۽ هنن جي رڪارڊ ۾ ان علائقي جي ڪا داخلا به ٿيل نه آهي. اونهاري جي شديد گرميءَ وارن ڏهاڙن ۾ ابراهيم حيدريءَ جيان ٻين ڪيترن سامونڊي علائقن ۽ آبادين ۾ پاڻيءَ جي شديدکوٽ ٿي پوندي آهي. اهڙي صورتحال سبب گذريل هفتي، ڪچين آبادين جا رهائشي نٽهڻ اس باوجود پاڻيءَ جي کوٽ خلاف احتجاج ڪرڻ خاطر گھٽين ۾ نڪري پيا. احتجاج ڪرڻ وارن جي ميڙ ۾ مردن کان علاوه عورتن ۽ ٻارڙن جو تمام گھڻو تعداد پڻ شامل هيو. هڪ سماجي ڪارڪن ڪمال شاهه ان معاملي تي تبصرو ڪندي چيو ته هنن علائقن ۾ پاڻيءَ جي فراهميءَ بابت احتجاج هميشهه ٿيندو ئي رهندو آهي.

لساني بنيادن وارن اختلافن سبب انهن علائقن ۾ هميشهه پاڻي جي شديد کوٽ رهندي آهي. اهي عملدار جن مٿان شهرين کي پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪرڻ جي ذميواري رکيل آهي، اهي لساني پسمنظر جي ڪري هنن علائقن سان تعصب وارو رويو رکندي هتان جي شهرين کي نظرانداز ڪندا رهندا آهن. صوبائي اسيمبليءَ جي ميمبر شفيع محمد ڄاموٽ نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ٻڌايو ته ماضيءَ ۾ جيڪي به حڪومتون قائم ٿيون انهن لساني امتياز وارن بنيادن تحت هنن علائقن کي نظرانداز ڪيو.

ڪراچيءَ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ جو سڀ کان پهريون شڪار غريب خاندانن جون اهي عورتون ۽ ٻارڙا ٿيندا آهن، جيڪي خاص ڪري انهن علائقن ۾ رهن ٿا، جيڪي نظرانداز ٿيل آهن. اهڙن پوئتي پيل علائقن ۾ پاڻيءَ جي کوٽ جو شڪار رهندڙ تمام گھڻا ماڻهو 2015 واري گرميءَ جي شديد لهر سبب اجل جو شڪار ٿيا هئا. 2015 جي اونهاري ۾ ڪراچيءَ کي گرميءَ جي هڪ موتمار لهر پنهنجي جڪڙ ۾ آڻي ورتو هيو جنهن جي نتيجي ۾ ٽن ڏينهن دوران 13 سئو کان وڌيڪ ماڻهو موت جو کاڄ بڻجي ويا هئا. بند ٿي ويل سامونڊي هوا ۽ پاڻيءَ جي شديد کوٽ اهڙي موتمار تباهيءَ ۾ وڌيڪ شدت آڻي ڇڏي هئي.

جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر (جي پي ايم سي) جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر، ڊاڪٽر سيمي جماليءَ نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته پهرين ڏينهن وٽن اهڙا 250 مريض آندا ويا جن کي گرميءَ سبب ساهه کڻڻ ۾ تڪليف ٿي رهي هئي. 2015 ۾ گرميءَ جي جنهن شديد لهر شهر کي وڪوڙي ورتو هيو، ان جي ڪري هنن مجموعي طور تي 10 هزار کان وڌيڪ مريضن جو علاج ڪيو.

ڪراچي خشڪ ۽ باراني پرڳڻو آهي جيڪو درياءِ سنڌ جي آبي گذرگاهن کان تمام گھڻي فاصلي تي واقع آهي. ان سبب جي ڪري ئي هن پرڳڻي ۾ پاڻيءَ جي گھڻي کوٽ پڻ آهي. ڪراچيءَ جي سامونڊي ڪناري سان لڳو لڳ 129 ڪلوميٽرن جي ڊيگهه ۾ ابراهيم حيدريءَ جهڙيون لڳ ڀڳ 166 وسنديون ٽڙيل پکڙيل حالت ۾ موجود آهن جن کي پيئڻ جي پاڻيءَ تائين ڪا به رسائي حاصل نه آهي.

انهن علائقن کي پيئڻ جو پاڻي واٽر ٽينڪرن جي مالڪن پاران پيسن عيوض فراهم ڪيو ويندو آهي، پر اڪثر ماڻهو مختلف هنڌن تان پاڻي آڻي ان کي پنهنجي گھرن اندر محفوظ ڪندا آهن. هڪ تحقيقي اڀياس جيڪو 2014 ۾ اورنگي پائلٽ پراجيڪٽ (او پي پي) پاران ڪرايو ويو آهي، ان مان معلوم ٿيو آهي ته ڪراچيءَ جي پوئتي پيل علائقن جي 70 لک ماڻهن کي پيئڻ جي پاڻيءَ تائين رسائي حاصل نه آهي.

ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ (ڪي ڊبليو ايس بي) اهو واحد سرڪاري ادارو آهي جيڪو ڪراچيءَ جي 2 ڪروڙ انسانن کي پيئڻ جو پاڻي مهيا ڪري ٿو ۽ ڪي ڊبليو ايس بيءَ جي سرڪاري انگن اکرن مطابق شهرين جي پيئڻ واري پاڻيءَ جي ضرورتن خاطر روزانو 1100 ملين گيلن پاڻي گھربل هوندو آهي پر اداري کي روزانو صرف 500 ملين گيلن پاڻي موجود هجي ٿو، جيڪو شهر جي 50 سيڪڙو ضرورتن کي پورو ڪرڻ کان به گھٽ آهي.

ڪراچيءَ جي اڳوڻي ڪمشنر ۽ ڪراچي واٽر بورڊ جي سربراهه سيد آصف حيدر شاهه نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو هيو ته اونهاري جي سخت گرميءَ وارن ڏينهن ۾ شهرين کي پيئڻ جو پاڻي مهيا ڪرڻ واري عمل کي يقيني بنائڻ خاطر هنن سڄي شهر ۾ پاڻيءَ جي سپلاءِ خاطر خصوصي قدم کڻي ورتا. ان سلسلي ۾ شهر جي انتظاميا پاران 171 فرسٽ ريسپانس سينٽر قائم به ڪيا ويا آهن جن وسيلي انهن ماڻهن کي پيئڻ جي پاڻيءَ سان گڏ فوري طبي امداد به مهيا ڪئي ويندي جيڪي گرميءَ جي سٽ نه سهي سگھندا.

ٻئي طرف، سنڌ جي صوبائي حڪومت جا ذميوار، صوبي جي راڄڌانيءَ واري شهر ۾ پاڻيءَ جي کوٽ واري صورتحال بابت پنهنجي ڪردار جو دفاع ڪندي چون ٿا ته شهر ۾ پاڻي موجود ئي نه آهي ان ڪري ئي پوئتي پيل علائقن کي به پاڻي ناهي ملي رهيو.

سامونڊي علائقن جي ترقيءَ واري صوبائي وزير ڊاڪٽر سڪندر علي منڌرو نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته گذريل ڪجهه سالن کان بارشون انتهائي گھٽ پوڻ ڪري، ڊيم به مڪمل طور تي ڀرجي ناهن سگھيا جنهن ڪري ڪراچيءَ کي ضرورتن آڌار پورو پاڻي نه پيو ملي. اهڙي صورتحال هجڻ سبب اسان ڪراچيءَ جي ساحلي علائقن کي پاڻي مهيا نه پيا ڪري سگھئون جڏهن ته گرميءَ جي شدت ۾ واڌ سبب هنن انهن ڪچين وسندين کي به ضرورتن آهر پاڻي مهيا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر مصباح الدين فريد، جنهن ذاتي سببن آڌار ٻه هفتا اڳ پنهنجي عهدي تان استيعفيٰ ڏئي ڇڏيو، رپورٽ ۾ شايع ٿيڻ خاطر هن پنهنجو موقف ڏيندي چيو هيو ته کين جيڪو پاڻي ملي ٿو اهو ضرورتن جي ڀيٽ ۾ اڻپورو آهي ۽ اهو پاڻي ايترو ناهي هوندو جو شهر جي سمورن علائقن کي پڄائي سگھجي. شهر ۾ پيئڻ جي پاڻيءَ جي کوٽ 50 سيڪڙو کان به وڌيڪ آهي ۽ آباديءَ ۾ واڌ سبب ان شرح ۾ به ڏينهون ڏينهن واڌارو اچي رهيو آهي. جڏهن ته سندن اداري وٽ اهڙو ڪو به منصوبو غور هيٺ ناهي جنهن تحت ڪراچيءَ جي ساحلي علائقن کي پيئڻ جو پاڻي پهچائي سگھجي.

سنڌ حڪومت پاران ڪي فور جي نالي سان شهر لاءِ هڪ منصوبو شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن تحت روزانو 650 ملين گيلن پاڻي فراهم ڪري سگھبو. اهو منصوبو ٽن مرحلن هيٺ مڪمل ڪيو ويندو ۽ پهريون مرحلو 2018 ۾ مڪمل ٿيڻ جي ڪٿ ڪئي وئي آهي.

ڪراچيءَ جي ساحلي علائقن ۾ جيڪي ماڻهو وڏي تعداد ۾ رهندڙ آهن انهن ۾ گھڻائي مهاڻن جي آهي. پاڪستان فشر فوڪ فورم (پي ايف ايف) نالي هڪ سماجي ادارو سندن ڀلائيءَ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. پي ايف ايف جي صدر محمد علي شاهه نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته هي علائقا گذريل ڪيترن ڏهاڪن کان پاڻيءَ جي سخت کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن. اونهاري جي ڏينهن ۾ جيڪا ساهه ٻوساٽيندڙ گرمي هتي ٿيندي آهي اها هتان جي ماڻهن جون تڪليفون ٻيڻيون ڪري ڇڏيندي آهي. اسانجي تنظيم لاڳاپيل اختيارين سان مختلف وقتن تي رابطا ۽ عوامي احتجاج ڪيا آهن پر اعليٰ اختيارين جي ڪن تي جونءَ به نه ٿي چُري ۽ هو مثبت موٽ ڏيڻ ۾ به ناڪام ويا آهن.

هن وڌيڪ چيو ته هنن ساحلي علائقن جا رهواسي 20هين صديءَ ۾ به پيئڻ جي پاڻيءَ کان محروم هئا ۽ هاڻي 21هين صديءَ ۾ به هو ساڳي صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهن. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سڄي ڪراچي پاڻيءَ جي کوٽ کي منهن پئي ڏئي پر هنن علائقن کي هتان جي رهواسين جي لساني سڃاڻپ جي ڪري وڏي وقت کان نظرانداز ڪيو ويو آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here