ڪوئٽه (حزب الله خان وٽان) ڪوئيٽا ۾ ڪچرو چونڊڻ وارين ٻن ڇوڪرين سلما ۽ شازيه لاءِ ڏينهن ٿورو سوير ڀرو ئي شروع ٿي ويندو آهي. اهي ٻئي نينگريون صبح جو 6 وڳي ننڊ مان اٿنديون آهن ۽ پنهنجي ڪمزور ڪلهن تي پلاسٽڪ جا ميرا ٿيلها لڙڪائي 7 وڳي ڪوئيٽا جي گھٽين ڏانهن روانيون ٿي وينديون آهن، جنهن بعد اهي معصوم نينگريون سڄو ڏينهن مختلف هنڌن تان ڪچرو چونڊڻ ۾ مشغول رهنديون آهن ۽ ڪنهن ڳالهه تان لڪي لڪي کِلنديون به رهن ٿيون.

Shazia and Salma collecting garbage in Quetta: Photo by News Lens Pakistan/  Hizbullah Kakar
Shazia and Salma collecting garbage in Quetta: Photo by News Lens Pakistan/ Hizbullah Kakar

هنن جي ويجهو وڃي جيئن ئي هنن سان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪجي ٿي ته هو سنجيدگي اختيار ڪندي چوڪس ٿي وڃن ٿيون ۽ بنان ڳالهائڻ جي پري ٿيڻ جي ڪوشش ڪندي احتياط خاطر بار بار پوئتي به نهارينديون رهن ٿيون. شايد سندن والدين پاران کين اها هدايت ڏنل آهي ته هو اجنبي ماڻهن سان ڳالهائڻ کان پرهيز ڪن. هنن لاءِ اهڙي صلاح گھڻي ڪارگر ثابت نه ٿي سگھندي ڇو ته اهي پنهنجو سمورو ڏينهن اهڙين گھٽين ۾ گھمندي گذارين ٿيون جيڪي اجنبي ماڻهن سان ڀريل هونديون آهن.

هنن سان ڳالهائڻ جي مون جيڪا ڪوشش ڪئي ان جي نتيجي ۾ پهريان ته صرف سلمه ۽ شازيه جي عمر معلوم ڪري سگھيس. سلمه جي عمر 6 سال ۽ شازيه 8 سالن جي آهي. ڪچرو چونڊڻ خاطر اهي ٻئي روزانو صبح جو 7 وڳي گھر کان روانيون ٿينديون آهن. مون جڏهن کانئن پڇيو ته کين ڪچرو چونڊڻ وارو ڪم پسند اچي ٿو، سندن جواب منهنجي حيرانگي وڌائي ڇڏي! جنهن انداز سان هنن جواب ڏنو ان مان ته اها حقيقت محسوس ٿيڻ لڳي ته هنن جو روپ ٻاراڻو پر سندن خيال وڏي عمر جي ماڻهن جهڙا آهن.

شازيه چيو ته نه، پر جياپي خاطر اسانکي اهو ڪم ڪرڻو آهي. هن جا پير اگھاڙا ۽ پيرن جي کڙين تي مٽيءَ جا تهه ڄميل هئا. هن جي ڀيڻ سلمه جو منهن ۽ هٿ به مٽيءَ هاڻا هئا، اهو توڙي جو صبح جو پهريون پهر هيو پوءِ يا ته ايئن ٿي سگھي ٿو ته هو منهن ڌوئڻ کانسواءِ ئي گھر مان نڪري آيون هونديون.

ٻارڻ جي تحفظ لاءِ ڪم ڪندڙ هڪ سماجي اداري سوسائٽي فار امپاورمينٽ آف هيومن ريسورسز موجب، بلوچستان جي گاديءَ واري شهر ڪوئيٽا جي گھٽين ۾ گھمندڙ ٻارن جو تعداد 15 هزارن جي لڳ ڀڳ آهي. انهن مان 60 سيڪڙو ٻار شهر جي مختلف حصن مان مختلف قسم جو ڪچرو ميڙيندا رهندا آهن. اهي ٻارڙا شهر جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ واقع افغان پناهه گيرن جي وسندين بشير چوڪ، عثمان روڊ، ڪشمير آباد، پشتون آباد، ويسٽرن باءِ پاس ۽ نوان ڪِليءَ ۾ رهندا آهن. ڏينهن واري وقت ۾ هو شهر جي ڪاروباري علائقن ڪاسي روڊ، ميزان چوڪ، بلديه پلازه ۽ پرنس روڊ وارن علائقن ۾ نظر ايندا آهن.

سماجي اداري “سحر” مطابق ڪوئيٽا ۾ گھمندڙ انهن ٻارن ۾ گھڻائي افغان پناهه گيرن جي آهي، جن جا وڏا 80 واري ڏهاڪي ۾ افغان جهاد جي ابتدا ٿيڻ کانپوءِ يا 2001 ۾ افغانستان مٿان آمريڪي حملي بعد لڏي هتي آيا. شهر جي گھٽين مان ڪچرو ميڙيندڙ، خيرات پنندڙ يا آواره گھمندڙ ٻارن ۾ وڏو تعداد انهن جو به آهي جيڪي سنڌ صوبي جي مختلف شهرن توڙي بلوچستان جي ننڍن علائقن مان هتي ڪهي اچن ٿا. “سحر” جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر عبدالودود جو چوڻ هو ته ڪوئيٽا جي گھٽين ۾ رلندڙ اهي ٻار جنسي توڙي جسماني استحصال، منشيات جي استعمال ۽ وڪري واري پسمنظر ۾ انتهائي خطرن جي وَرِ چڙهيل رهن ٿا. انهن مان اڪثر ٻارن کي علاج جي سهولت، مناسب کاڌ خوراڪ، صفائي سٿرائي ۽ قانوني مدد حاصل ناهي ٿي سگھندي.

صبح جي پهر ۾ جڏهن ٻارن کي اسڪول وڃڻو هوندو آهي، تنهن مهل سلمه ۽ شازيه ڪچرو ڪٺو ڪرڻ وارا ٻورا کڻي گھٽين ۾ نڪري پون ٿيون. ڏسڻ وارن لاءِ ته هو گھٽين ۾ گھمندڙ اهڙيون ٻارڙيون آهن جيڪي ڪچري سان ڀريل ٻوري جي وزن سبب ڪُٻيون ٿي ردي شيون ميڙيندي رهن ٿيون ، پر انهن ڇوڪرين جي ڪلهن تي انتهائي وڏي ذميواريءَ جو وزن به پيل آهي. شازيه چيو ته سڀڪو اسانکي تعليم حاصل ڪرڻ جو درس ڏئي ٿو پر اها حقيقت ڪير به نه ٿو سمجهي ته جيڪڏهن اسان ڪم نه ڪنديون سين ته اسان جا پيٽ بکيا رهجي ويندا. کيس قلم ۽ ڪتاب ڏاڍا پسند آهن پر ڪچرو ميڙڻ بجاءِجيڪڏهن هوءَ اسڪول وڃڻ شروع ڪندي ته پوءِ سندس ٻين ننڍن ڀائرن ۽ ڀينرن جو پيٽ ڪير پاليندو؟.

دهشتگرديءَ واري هڪ واقعي ۾ پيءُ جي مارجي وڃڻ بعد سلمه، شازيه، سندن ماءُ ۽ هنن جا ٻه معصوم ڀائر ڪوئيٽا جي پسگردائيءَ ۾ واقع علائقي پشتون آباد جي هڪ مسواڙي گھر ۾ زندگي گھاري رهيا آهن. پوئين ٻن سالن دوران پهريان شازيه اڪيلي سِر خاندان جي جياپي خاطر پورهيو ڪندي هئي پر ڪجهه وقت کان ان ڪم ۾ هاڻي سلمه به سندس ساٿ ڏئي رهي آهي. شازيه ٻڌايو ته هو پنهنجي ضرورتن جي پورائي جيترو ڪچرو جنهن ڏينهن به ڪٺو ڪري ناهن سگھندا ته ان ڏينهن پنهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن لاءِ ڪچري جي ڍيرن مان ئي کائڻ لائق شيون به گڏ ڪندا آهن.

ٻارن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ سماجي اداري “سوسائٽي فار دي پروٽيڪشن آف دي رائيٽس آف دي چائلڊ (اسپارڪ) پاران ”گھٽين ۾ پلجندڙ“ جي عنوان سان ڪرايل هڪ اڀياس مان معلوم ٿيو آهي ته گھٽين ۾ ڪم ڪندڙ ۽ رلندڙ ٻارن جي هفتيوار سراسري آمدني 8 سئو روپيا آهي، ان حساب سان سندن ماهوار آمدني 3 کان 4 هزارن جي وچ ۾ بيهي ٿي. اڀياس مطابق، انهن ٻارن پاران جيڪي پيسا ڪمايا ويندا آهن اهي عام طور تي خاندان جي ڀاتين يا کاڌ خوراڪ تي خرچ ڪيا ويندا آهن، جڏهن ته جيڪي ٻار رهندا ئي گھٽين ۾ آهن اهي جيڪي پيسا ڪمائين ٿا اهي گھڻو ڪري کاڌي ۽ گھمڻ ڦرڻ تي خرچ ڪن ٿا. اڀياس ۾ اهو پڻ ٻڌايو ويو آهي ته گھٽين ۾ گھمندڙ ٻار پنهنجي ڪپڙن، صفائي سٿرائيءَ يا تفريح تي پيسا خرچ ناهن ڪندا.

سڄو ڏينهن، سج اڀرڻ کان وٺي چنڊ نڪرڻ تائين ڪوئيٽا جي گھٽين مان ڪچرو ميڙڻ بعد شازيه ۽ سلمه ان قابل ٿي سگھنديون آهن ته 2 سئو روپيا ڪمائي سگھن. شازيه ٻڌايو ته، سندن پيءُ جي مارجي وڃڻ بعد پيسا ۽ کاڌو نه هجڻ ڪري هنن 3 ڏينهن انتهائي سخت پريشانيءَ ۾ گذاريا. شازيه جي عمر ان وقت توڙي جو 6 سال هئي پر حالتن جو دٻاءُ اهڙو هيو جو هن کي مجبوريءَ ۾ روزگار تي وڃڻو پيو، توڙي جو گھر ۾ سوڳ اڃان هلندڙ هيو.

شازيه ٻڌايو ته، سندس والد جي وفات کانپوءِ بک سبب ڀائر روئندا رهيا هئا ۽ لڳ ڀڳ ٻن سالن تائين ڪنهن به سندن سار نه لڌي ۽ نه ئي مدد ڪئي. ماڻهن اسان ساڻن سٺو ورتاءُ به نه پئي ڪيو ۽ اسڪول ويندڙ ٻار ته مٿن چٿرون به ڪندا هئا.

اسپارڪ پاران ڪرايل اڀياس موجب ٻارن مٿان جسماني تشدد ته عام ڳالهه آهي. پوليس اهلڪارن پاران ٻارن کي مارڪٽ ڪئي وڃي ٿي يا سندن استحصال ڪيو وڃي ٿو. ٻارن پاران ٻڌايو ويو آهي ته پوليس اهلڪار عام طور تي ٻارن جو استحصال ڪرڻ لاءِ ساڻن غنڊه گردي ڪندا رهندا آهن يا مارڪٽ ڪري مستقل طور تي کين پريشان ۽ تنگ ڪندا رهندا آهن.

اڀياس مان ٻارن سان ٿيندڙ جنسي استحصال بابت تمام گھٽ معلومات حاصل ٿي آهي ڇو ته ٻار ان معاملي متعلق معلومات ڏيڻ وقت بيچينيءَ جو شڪار ٿي پون ٿا. اڀياس ۾ ٻڌايو ويو آهي ته “ٻارن پاران اهڙن واقعن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي ته ڪهڙيءَ ريت سندن ساٿي ٻارڙن کي کانئن پورهيو ڪرائيندڙن، پوليس وارن، وڏي عمر وارن سندن ساٿين ايتري حد تائين جو سندن والدين پاران جنسي استحصال جو نشانو بڻايو ويو. انهن شهرن جن ۾ سروي ڪيو ويو انهن مان ملتان اهڙو شهر آهي جتي پورهيو ڪرائيندڙ توڙي وڏي عمر جي ساٿين پاران ٻارن جو جنسي استحصال سڀني کان وڌيڪ ڪيو وڃي ٿو.

ٻارن کي اهڙن خطرن سبب ئي پاڪستان جي آئين جي شق 25 (3) ۾ ٻارن جي حقن کي تحفظ ڏنو ويو آهي. 12 نومبر 1990 واري ڏينهن پاڪستان پاران ٻارن جي حقن بابت گڏيل قومن جي عهدنامي (يو اين سي آر سي) جي توثيق ڪئي وئي ، جيڪو ٻارن جي حقن ۽ سندن تحفظ کي هٿي وٺرائڻ بابت وسيع موقعا فراهم ڪري ٿو.ٻين صوبن پاران ان پسمنظر ۾ ٻارن جي تحفظ خاطر پاليسيون ترتيب ڏنيون ويون آهن پر بلوچستان کي ان سلسلي ۾ اڃان اڳڀرائي ڪرڻي آهي ڇو ته بلوچستان اهڙو ڪو به قانون تيار ناهي ڪيو. آئين ۾ 18هين ترميم کان پوءِ واري ماحول مطابق صوبن مٿان لازم آهي ته اهي ٻارن جي تحفظ لاءِ قانون سازي ڪن ۽ اهڙو مطالبو سول سوسائٽي ۽ ٻارن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ سماجي ادارن پاران به ڪيو وڃي ٿو ته بلوچستان حڪومت جون اختياريون ٻارن جي تحفظ خاطر فوري تي قانون سازي مڪمل ڪن.

هوڏانهن عبدالودود ٻڌايو ته سي آر ايم پاران موذون اڳڀرائي ڪرائي وئي آهي. چائلڊ رائيٽس موومينٽ (سي آر ايم) 25 مختلف هم خيال سماجي تنظيمن جو اهڙو گروپ آهي جيڪو پاڪستان ۾ ٻارن جي استحصال ۽ ٻارن سان ٿيندڙ غلط ڪارين جي روڪڻ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. انهن تنظيمن پاران گڏيل قومن جي سهڪار سان هڪ قانوني بل جو مسودو تيار ڪري بلوچستان حڪومت حوالي ڪيو ويو، جنهن کي بلوچستان چائلڊ ويلفيئر اينڊ پروٽيڪشن بل 2011 جو نالو ڏنو ويو، 2011 ۾ اهو بل بلوچستان جي صوبائي اسيمبليءَ ۾ پيش ڪيو ويو پر ان کي اڃان تائين قانوني حيثيت ملي ناهي سگھي.

ڪوئيٽا ۾ ڪچرو ميڙيندڙ هڪ ڇوڪري جعفر، جنهن جو پيءُ 3 سال اڳ فوت ٿي ويو ۽ هو پنهنجي خاندان جو اڪيلو ڪمائڻ وارو آهي سندس خاندان ۾ ماءُ ۽ 5 ڀائر ۽ ڀينر شامل آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ ڪچري مان ڪارآمد شيون ڳوليندي سندس هڪ هٿ جون آڱريون ڀڳل شيشي جي ٽڪرن لڳڻ سبب ڪٽجي پيون هيون، جنهن ڪري سندس آڱرين تي ڪپڙي جي ميري پٽي ويڙهيل هئي.

جعفر جو چوڻ آهي ته، ڪوئيٽا ۾ ڪچرو ڪٺو ڪرڻ وارن ٻارن جو انگ ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي، سندن ڪم گھٽجي رهيو آهي ۽ ڪنهن کي به ضرورتن مطابق مناسب شيون نه پيون ملن، جنهن ڪري ڏهاڙي به سٺي نه ٿي ٺهي. اهو ئي سبب آهي ته صبح جي پهر ۾ کيس پنهنجو ڪم پهريان جي ڀيٽ ۾ هاڻي اڃان به سوير کان شروع ڪرڻو پوي ٿو ته جيئن ڪم جون شيون ڪو ٻيو نه ميڙي وٺي. سڄي مهيني دوران هو 240 کان 260 ڪلو ڪچرو ڪٺو ڪري سگهندو آهي.

جعفر جو چوڻ آهي ته، هو سدائين ان تاڙ ۾ هوندو آهي ته کيس ڪچري مان ٽامي جون شيون هٿ اچي وڃن جن جو اگهه سٺو لڳندو آهي. هو سڄو ڏينهن ڪچري مان ڪارآمد شيون ڪٺيون ڪندو رهندو آهي ۽ پوءِ شام جو شيشي، پلاسٽڪ، گتي ۽ رانديڪن جي شين کي الڳ الڳ ڪري، ڪٻاڙين جي دڪانن تي وڃي انهن جو وڪرو ڪندو آهي.

هن ٻڌايو ته هو اڪثر ڪري محسوس ڪندو آهي ته سندس صحت ٺيڪ نه آهي ۽ هن جي ماءُ به سندس صحت لاءِ پريشان رهندي آهي.

صحت جي معاملن جي ماهر، ڊاڪٽر اسد خان جو چوڻ هو ته، بيمارين جي حوالي سان گھٽين ۾ گھمندڙ ٻارن جي حالت انتهائي ڳڻتيءَ جوڳي آهي، هنن جي ڪم جي نوعيت اهڙي آهي، جنهن ڪري کين بيماريون آسانيءَ سان لڳي سگھن ٿيون. هن چيو ته ڪچرو ڪٺو ڪندڙن کي ايڇ آءِ وي، هيپاٽائيٽس بي ۽ سي جهڙيون بيماريون آسانيءَ سان وچڙي سگھن ٿيون ڇو ته هڪ ته گند ڪچري ۾ اهڙا جيوڙا ٿي سگھن ٿا ٻيو ته کين منشيات ۽ جنسي استحصال جو نشانو بڻايو وڃي ٿو، جنهن ڪري کين سيني، جگر، مثاني ۽ پتي ۾ پيدا ٿيندڙ بيماريون توڙي چمڙيءَ جي خارش ٿي پوندي آهي.

ڊاڪٽر اسد جو چوڻ هو ته، ڪچرو ميڙيندڙن جا ٻه قسم آهن هڪڙا اهي جيڪي بنهه ننڍي عمر جا آهن ۽ ٻيا وڏي عمر وارا ماڻهو آهن. وڏي عمر ۾ ڪچرو چونڊڻ وارا سڀ جا سڀ منشيات جا عادي آهن ۽ اهي سڀ بي گھر آهن ۽ اهي شهر جي گندي پاڻيءَ واري وڏي نالي جي پل هيٺان رهن ٿا. اهي سرنج وسيلي منشيات جو استعمال ڪن ٿا، جنهن ڪري اهي سڀ هڪجهڙي بيماريءَ ۾ وڪوڙجي وڃن ٿا. جڏهن ته ننڍي عمر وارا ڪچرو ميڙيندڙ سڀ جا سڀ منشيات نه ٿا واپرائين پر اهي سڀ اهڙو ڪچرو ڪٺو ڪن ٿا جن مان کين بيماريون لڳي وڃن ٿيون. ڪچرو ميڙڻ وقت کين اهڙا زخم لڳن ٿا يا ڪچري جي ڍيرن تان کنيل اهڙيون شيون کائين ٿا جن جي ڪري کين بيماريون ٿي پون ٿيون.

هن وڌيڪ چيو ته، پاڪستان ۾ ايڊز صرف جنسي لاڳاپن جي ڪري نه ٿي ڦهلجي پر اڪثر ڪري اها سِرنج وسيلي منشيات واپرائڻ جي ڪري به ڦهلجي ٿي. جيڪي ماڻهو سِرنج وسيلي منشيات واپرائين ٿا اهي ڪچرو به ڪٺو ڪن ٿا ته جيئن نشي جا خرچ پورا ڪرڻ لاءِ پيسا ڪمائي سگھن ڇو ته نشي سبب هنن جي حالت اهڙي نه هوندي آهي جو ڪير کين مزدوريءَ تحت ڪوئي ڪم ڏئي.

ڊاڪٽر اسد پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو ته ڪچرو ڪٺو ڪندڙن جا اهڙا مٽ مائٽ نه هوندا آهن جيڪي سندن صحت جو خيال رکندي سندن علاج ڪرائيندا رهن ۽ کين منشيات جو عادي ٿيڻ کان بچائي وٺن. انهن کي ڪڏهن ڪڏهن اهڙا رحم دل ماڻهو اسپتال آڻيندا آهن جيڪي کين تڪيلفون سهندي ڏسي ناهن سگھندا پر گھر يا مٽ مائٽ نه هجڻ جي ڪري اسپتال ۾ سندن اهڙي پرگھور لهي ناهي سگھبي جيڪا مٽ مائٽ لهندا آهن. جيئن ئي هو اسپتال مان فارغ ٿيندا آهين ته هو پنهنجي پراڻي ڪرت سان لڳي ويندا آهن، جنهن ڪري اهي هڪ دفعو ٻيهر پنهنجي وجود توڙي انهن ٻين ماڻهن لاءِ خطرو پيدا ڪندا آهن جيڪي ساڻن گڏجي کائيندا، پيئندا آهن.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here